وسرڳي اکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي الف-ب ۾ ويھ اکر اهڙا آهن، جن کي وسرڳي اکرَ (Aspirates) چيو وڃي ٿو. اهي ٻن اکرن جو مرڪب بڻجي نئون اکر يا آواز ٺاهيندا آهن. جيڪي يا ته ”ھ“ ملائڻ سان ٺهندا آهن يا وري ٽٻڪن جي واڌاري آڻڻ سان ٺهندا آهن. سنڌي الف-ب جي ترتيب ۾ وڌ ۾ وڌ تنقيد وسرڳ اکرن تي آهي، ڇو جو سنڌي الف بي ۾ اهي ڪنهن قاعدي تحت نه بلڪي بنا ڪنهن قاعدي تحت جوڙيا ويا آهن. ڪي ته مورڳو شامل ئي نه ڪيا ويا آهن. اهي وسرڳي اکر هي آهن. ڀ ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه هنن حرفن ۾ ڪن کي ”هه“ جوڙي ٺاهيو ويو آهي، ڪن کي چار ٽي يا ٻه نقطا ڏئي جوڙيو ويو آهي.[1] جيڪي الف ۾ شامل نه آهن سي وسرڳ ڙھ، مھ، لھ،نھ، ڻھ،وھ، ڏھ،رنھ،ڳھ ۽ رھ آهن.

وسرڳ اکر[سنواريو]

دراوڙ لوڪ، وسرڳ اکرن (Wisragg akkhar) مان بنيادي اکر ڪڍي، باقي هه جو اُچار بچائيندا هئا. لڀڻ، لهڻ، ڏڀڻ، ڏهڻ. هنن مثالن ۾ ڏسو ته ڀ مان ب اکر نڪري ويو آهي، جنهن جي ڪري باقي هه جو اُچار بچيو آهي. ڪٽنڀ - ڪٽنب. هتي ماڳهين هه اکر ڪڍي ڇڏيو اَٿئون. جنهن جي ڪري باقي ب جو اُچار بچيو آهي. اهڙي طرح وسرڳ اکرن ڄڻ ته مرڪب اکر ڪري ليکيون ٿا، جن مان هڪڙو ڪڍي ٻيو بچايون ٿا.[2]

نرم وسرگ اکر[سنواريو]

سرگريئرسن ڄاڻايو آهي ته ڪشمير طرف داردڪ ٻولين ۾ نرم وسرگ اکرن (Sonant aspirates) گهه، جهه، ڍ، ڌ ۽ ڀ کي اوسرگ (Disaspirate) ڪندا آهن، يعني منجهانئن ’هه‘ جو اچار ڪڍي ڇڏيندا آهن. ائين به کولي چيو اٿس ته لاڙي ٻولي انهيءَ ڳالهه ۾ داردڪ ٻولين سان مشابهت رکي ٿي. ان لاءِ هي مثال به ڏنا اٿس:

  • گھ- ڊگهو بدران چون ڊگو، گهڻو بدران چون گڻو، گهر بدران گر ۽ گهوڙو بدران گورو.
  • جھ - ججهو ۽ وجهوس بدران چون ججو ۽ وجوس (Put no him)
  • ڍ – ڪڍ بدران ڪڊ، ننڍو بدران ننڊو ۽ ريڍار بدران ريڊار.
  • ڙھ - چڙهيو بدران چريو ۽ ماڙهوُ بدران ماروُ (ماڻهو).
  • ڌ – ڌيءُ بدران ديء، لڌو بدران لدو ۽ پنڌ بدران پند.
  • ڀ – ڀاءُ بدران با، ڀريو بدران بريو، ڀيڻ بدران بيڻ، ڀوُت بدران بوُت.
  • ڻھ - ماڻهو بدران ماڻو، پڻهي بدران پڻي (his father).
  • رهه – ورهين (کان) بدران ورن (کان) (from years).
  • وھ – اوهين بدران اوين (آڻين) ۽ توهين بدران توين (تَئين) ڏسو لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا، جلد اٺون، ڀاڱو 11 صفحو 170 ۽ 171.

مٿين مثالن تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو، ته اها عادت ڪجهه قدر اسان ۾ به آهي. مثلاً: سنسڪرت لفظ ڪٽنڀ بدران چئون ڪٽنب، ولڀداس بدران ولبداس ۽ مڌ بدران مد يعني شراب.

مهيسر جي مد، جي هت هڏهين هوءِ. (شاهه)

هيءَ عادت لاڙ جي ماڻهن ۾ گهڻي آهي ۽ اهو هڪ مکيه سبب آهي، جنهنڪري لاڙي ٻولي ڪَچي ۽ کل جهڙي ٿي پيئي آهي. هنن مثالن مان ٻه- ٽي ڳالهيون ٻيون به ظاهر آهن، جن جو ڌار ذڪر ڪجي ٿو.

’هه‘ جو اچار- سر گريئرسن جي ڏنل مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو ته لاڙ جا ماڻهو نه رڳو وسرگ اکرن مان ’هه‘ جو اُچار ڪڍي ڇڏيندا آهن، پر ’هه‘ اکر ڌار هوندو آهي، ته اهو به ڪو نه اُچاريندا آهن. مثال ڏنا اٿس ته ’چڙهڻ‘ بدران چون ’چرڻ‘ ۽ ’ورهين کان‘ بدران چون ’ورن کان‘، اها عادت لاڙ جي ماڻهن ۾ سچ پچ ايتريقدر زور آهي، جو ’آهيان‘ بدران چون ’آيان‘، ‘ٻاهر‘ بدران ’ٻار‘، ’ٽهلرام‘ بدران ٽيلرام، رحمت الله بدران ’ريمت الا‘ ۽ ’لوهه‘ بدران ’لو‘. لاڙ جا مسلمان جيتوڻيڪ ايتريقدر ’هه‘ سان هاڃو نٿا ڪن ته به انهيءَ عادت کان صفا آجا ڪينهن.

”ائين جي ورن واريون سرتيون، سڌڙيون“. (شاهه)

هتي ’اوهين‘ بدران ’ائين‘ ڪم آيل آهي.

”سيخن ماهه پچاءِ جي نالو ڳيڙءِ نيهه جو“.

هتي مصدر’ڳرهڻ‘ معنيٰ’وٺڻ‘تنهن مان’ڳرهيهءِ‘ بدران ڳيڙءِ لکيل آهي.[3]

حوالا[سنواريو]