وارسا معاهدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دوستي جو معاھدو سھڪار ۽ باھمي امداد لاء

1990 م وارسا پئڪٽ
مختصر WAPA
تحليل 1 جُولاءِ 1991 (1991-07-01)
نوعيت فوجي اتحاد
صدر دفتر ماسڪو,سوويت يونين
رڪنيت
سپريم ڪمانڊر
چيف آف ڪمبائينڊ اسٽاف
وابستگي ڪائونسل فار ميچوئل اڪانامڪ اسسٽنس

وارسا معاهدو يا وارسا پئڪٽ(انگريزي: Warsaw Pact ) ھڪ فوجي معاھدي جو نالو ھيو. هن دفاعي معاهدي تي سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ ملڪن 14 مئي 1955ع تي صحيون ڪيون، ان معاهدي جو بنيادي مقصد اولهه جرمنيءَ طرفان نيٽو ۾ شموليت ۽ اولهه يورپ جي دفاعي اداري ناٽو NATO جي ڪنهن به امڪاني اڳرائيءَ کي منهن ڏيڻ هو. هن ٺاهه تحت ميمبر ملڪن روس، پولينڊ، البانيه، بلغاريه، چيڪوسلواڪيا، رومانيا ۽ هنگريءَ پنهنجون سڀ فوجون هڪ ئي ڪمان تحت رکڻ تي سهمتي ظاهر ڪئي. هن معاهدي جي فوجي حوالي کان وڌيڪ هڪ سياسي اتحاد طور وڏي اهميت هُئي، ڇاڪاڻ جو معاهدي جا ميمبرمُلڪ فوجي لحاظ کان ته اڳ ئي روس جي اثر هيٺ هئا، پر ان کان پوءِ اُهي سياسي طور به سوويت يونين جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا. 1956ع ۾ هنگريءَ هن اتحاد مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر سوويت يونين طاقت جي زور تي اهڙي خواهش کي فوجي ڪارروائيءَ جي ذريعي چٿيندي مخالفن کي پيغام ڏنو ته اُهو سوشلسٽ اتحاد کي ختم ڪرڻ جي هر ڪوشش کي سختيءَ سان دٻائي ختم ڪري ڇڏيندو. 1968ع ۾ ڏنل ”برزنيف جي نظريي“ ان تصور کي وڌيڪ هٿي ڏني. هن اتحاد ۾ سوويت يونين کي فيصلائتي برتري حاصل هُئي، اتحادين جو ڪردار فقط سندس طرفان ڪيل فيصلن کي قبولڻ واري حد تائين محدود هو. جولائي 1991ع ۾ ”سرد جنگ“ جي خاتمي کان پوءِ ان معاهدي کي باقاعدا ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو. هيءُ معاهدو جيئن ته پولينڊ جي گاديءَ جي هنڌ وارسا ۾ ٿيو، تنهن ڪري انهيءَ شهر جي حوالي سان مشهور ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو