خميسو ڳوٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خميسو ڳوٺ
يو سي 10 خميسو ڳوٺ
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
خميسو ڳوٺ is located in سنڌ
خميسو ڳوٺ
خميسو ڳوٺ
خميسو ڳوٺ is located in Pakistan
خميسو ڳوٺ
خميسو ڳوٺ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°00′12″N 67°05′08″E / 25.00333°N 67.08556°E / 25.00333; 67.08556مڪانيت: 25°00′12″N 67°05′08″E / 25.00333°N 67.08556°E / 25.00333; 67.08556
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي سينٽرل ضلعو
تعلقو نيو ڪراچي سب ڊويزن


يو سي خميسو ڳوٺ(انگريزي: UC Khameso Goth ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي نيو ڪراچي سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ان جي اولھ ۾ يو سي مصطفیٰ ڪالوني ۽ ڏکڻ ۾ يو سي مدينه ڪالوني واقع آھن. ان جي اتر اولھ واري ڪنڊ ۾ يوسف ڳوٺ واقع آهي . ان جي اوڀر ۾ ھڪ روڊ گلشن معمار طرف وڃي ٿو جيڪو خميسو ڳوٺ کان چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي. ان جي ڏکڻ-اولھ واري ڪنڊ تي سکيا ڳوٺ، سيفل ڳوٺ ۽ ڪراچي ڪورٽ سوسائٽي واقع آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين محمد عابد ۽ وائيس چيئرمين ڪاشف جمال چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. آبادي جي اڪثريت سنڌين جي ۽ ٻئي نمبر تي اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. ھن يو سي ۾ معمار اوينيو روڊ ، سرجاڻي روڊ ۽ گوڌرا روڊ گذرن ٿا.

حوالا[سنواريو]