گلشن سعيد
ڏيک
گلشن سعيد يو سي 2 گلشن سعيد | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°59′45″N 67°03′15″E / 24.99583°N 67.05417°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
تعلقو | نيو ڪراچي سب ڊويزن |
يو سي گلشن سعيد(انگريزي: UC Gulshan e Saeed ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي نيو ڪراچي سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ھن يو سي جي اتر ۽ اولھ م يو سي شاھنواز ڪالوني ۽ ڏکڻ م اجمير نگري واقع آھن. ھن يو سي ۾ نيوڪراچي سيڪٽر 3 واقع آهي آبادي جي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي ۽ اقليت ۾ سنڌي پنجابي ۽ پٺاڻ شامل آهن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يونين ڪاميٽي جو چيئرمين عبدالوحيد ۽ وائيس چيئرمين اقبال شميم چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. ھن يو سي م پاڪستان شپ اونر گورنمينٽ ڪاليج ۽ مولانا شوڪت علي گرائونڊ واقع آھن. ھن يو سي مان شاھراھ نورجهان گذري ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-08