نذير ناز
آپا نذير ناز (انگريزي:Apa Nazir Naz) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار، نثر نويس، عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ پبلشر آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]
خدمتون
[سنواريو]آپا نذير ناز 15 مارچ 1953ع تي جنم ورتو.[2] هن ننڍپڻ کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعري سان گڏ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. هن مضمون به لکيا آهن ته کوڙ ڪتابن جا مهاڳ به لکيا آهن.[3] سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون[4] سنڌي ٻولي جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن. سندس لکڻيون سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، عبرت مئگزين ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. نذير ناز پنهنجي ناري پبليڪيشن طرفان ڪيترائي لاڀائتا ادبي ڪتاب شايع ڪيا آهن.[5] هيءُ سنڌي عورت تنظيم جي پليٽ فارم تان عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. مئڊم نذير ناز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي پڻ رهي آهي.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta//images/2017/Mar/09-03-2017/Page13/P13-17.htm. 2020-10-03 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ "اڄوڪو ڏينهن 15 مارچ تاريخ جي دري مان". SindhSalamat. 2020-10-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف. اصل نسخو مان 2021-07-28 تي محفوظ ڪيل. 2020-10-03 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. - ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. 2020-10-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Books: Women's Voices". Newsline (انگريزي ۾). 2020-10-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي دستوري گڏجاڻي، نئين چونڊيل مرڪزي باڊي تي اعتماد جو اظهار -". 2020-10-03 تي حاصل ڪيل.