نتاشا بڌوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نتاشا بدھوار
پيدائش جُولاءِ 1971 (عمر 52 سال)
رانچي, ڀارت
سَرگَرمُ سالَ سال 1995 —کان 2007 تائين
تنظيم اين ڊي ٽي وي
مشھور ڪم منهنجي ڌيءَ جي ماءُ، پل ڀر جي لاءِ امر

نتاشا بڌوار (انگريزي ٻولي: Natasha Badhwar) ڀارتي ليکڪا، ڪالم نگار، صحافي ۽ آزاد فلمساز آهي. هيءَ نئي دهلي ٽيليويزن لميٽيڊ سان 13 سال تائين واڳيل رهي آهي. منهنجي ڌيءَ جي ماءُ (My Daughters Mum) ۽ پل ڀر جي لاءِ امر، نتاشا جا شاهڪار ڪتاب آهن. اين ڊي ٽي وي تان رخصتي وٺڻ مهل سندس وائس پريزيڊينٽ آف ٽريننگ اينڊ ڊيولوپمينٽ جو عهدو تي هئي. نتاشا بڌوار ڀارت جي پهرئين ناري وڊيوگرافر صحافي آهي.[1] [2][3] نتاشا هرش مندر ۽ اورجان ديال سان تحديد لاڳاپا: ڪاروان محبت جو زخمي انڊيا ۾ اتحاد جو سفر ڪتاب لکيو هيو.[1]

خانداني پس منظر[سنواريو]

سال 1947 ۾ هندستان جو ورهاڱو سبب هر پاسي وڳوڙ ٿي رهيا هيا. انهن وڳوڙن ۾ نتاشا بڌوار جو پيءُ ڏاڏو جو گهر جيڪو لاهور، هاڻي پاڪستان ۾ موجود هيو، ڊانهين پَٽ ڪيو ويو. نتاشا پنهنجي امڙ کان اهي ئي ڪهاڻيون ٻُڌي وڏي ٿي آهي.[4]

خانداني زندگي[سنواريو]

نتاشا بڌوار جي شادي سال 2002 ۾ مرزا افضل بيگ سان ٿي هئي. افضل جو تعلق غازي پور، اتر پرديش جي عادل آباد ڳوٺ سان آهي، ٻئي زال مڙس پنهنجي مذهبي معاملن ۾ جدا آهن. نسيم نالو جو هڪ ڇوڪرو ۽ اليزا ۽ سحر نالو کين ٻہ ڌيئر آهن.[5][4][1]نتاشا پنهنجي مڙس مرزا افضل، ۽ ٽن ٻچن سان گڏ دهلي ۾ رهندي آهي.[6]

جنم ۽ تعليم[سنواريو]

نتاشا بڌوار 11 جولاءِ 1971 تي رانچي ڀارت ۾ جنم ورتو هيو. نتاشا جي تربيت ڪولڪاتا ۾ ٿي هئي.[2][1] نتاشا پنهنجي شروعاتي تعليم لوريٽو ڪانوينٽ اسڪول رانچي منجهان حاصل ڪئي ۽ دهلي پبلڪ اسڪول آر-ڪي پورم، دهلي کان پنهنجي اسڪولي تعليم جي تڪميل ڪئي اٿائين. نفسيات ۾ دهلي يونيورسٽي منجهان بي-اي ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم-اي جي ڊگري جامعا مليہ اسلاميہ منجهان حاصل ڪئي اٿائين.

صحافت[سنواريو]

نتاشا پنهنجو صحافتي سفر سال 1995 ۾ اين ڊي ٽي وي تان شروع ڪيو ۽ تيرنهن سال تائين ان ادارو سان واڳيل رهي. ڀارت ۾ نتاشا پهرئين ناري وڊيوگرافر صحافي مڃي ويندي آهي. سال 2007 ۾ نتاشا اين ڊي ٽي وي کان الڳ ٿي وئي، جڏهن سندس وائس پريزيڊينٽ آف ٽريننگ اينڊ ڊيولوپمينٽ جو عهدو هيو.[2] سال 2002 ۾ نتاشا گجرات وڳوڙن جي وڊيوگرافي پڻ ڪئي آهي ۽ پنهنجي اکين سان وڳوڙن وسيلي اُتي ظلم ستم ٿييندي ڏٺو اٿائين.۔[4]

لکڻيون[سنواريو]

نتاشا جون ذڪر لائق لکڻيون هي آهن:[2]

  • منهنجي ڌيءُ جي ماءُ (انگلش: My Daughters Mum)
  • آئون هر ناري آهيان (انگلش: I am Every Woman)
  • پل ڀر جي لاءِ امر ( انگلش: Immortal for a Moment)
  • تحديد لاڳاپا: ڪاروان محبت جو زخمي انڊيا ۾ اتحاد جو سفر ( انگلش: Reconciliation: Karwan e Mohabbat’s Journey of Solidarity through a Wounded India) - ساٿي ليکڪ، هرش مندر اورجان ديال.

ويچارَ[سنواريو]

نتاشا بڌوار جي ڪُجهہ ذڪر لائق ويچارَ هي آهن:[4]

  • لو جهادي محبت جي پروفيسر آهي.
  • محبت کان نفرت ڪئي وڃي ٿي ۽ نفرت سان محبت ڪئي پئي وڃِي. (انگلش: Love is hated. Hate is loved).

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "Why my daughters don’t go to school anymore: Natasha Badhwar talks about the power of unschooling". CNBCTV18. حاصل ڪيل 30 January 2020. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "Profile of Natasha Bhardwar". GoodReads.com. حاصل ڪيل 30 January 2020. 
  3. Tishani Doshi. "Natasha Badhwar, is happiness overrated?". TheHindu. حاصل ڪيل 30 January 2020. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 Ravish Kumar. "I Have Relived My Childhood Through This Book, And I Am Sure So Will You: Ravish Kumar". NewsCentral24x7. حاصل ڪيل 6 March 2020. 
  5. "Highly Recommended: Love Jihad". LiveMint. حاصل ڪيل 6 March 2020. 
  6. "Profile of Natasha Badhwar". Times of India. حاصل ڪيل 6 March 2020. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]