لو جهاد سازشي نظريو
لو جهاد يا روميو جهاد هڪ اسلاموفوبيا وارو سازشي نظريو آهي، جيڪو ساڄي ڌر جي هندوتوا ڪارڪنن پاران فروغ ڏنو ويو آهي.[1] سازشي نظريي جو مقصد اهو آهي ته مسلمان مرد، هندستان جي خلاف مسلمانن جي هڪ وسيع آبادياتي جنگ ۽ هڪ منظم بين الاقوامي سازش جي حصي طور، آبادي جي واڌ ۽ متبادل ذريعي تسلط لاءِ، هندو عورتن جو ڌرم تبديل ڪرڻ لاءِ لالچ، پيار جو روپ ڏيڻ، فريب، اغوا ۽ شادي جهڙن طريقن سان نشانو بڻائين ٿا.[2]
سازشي نظريو پنهنجي نفرت جي مهم هلائڻ لاءِ غلط معلومات تي ڀاڙي ٿو ۽ ٻين تاريخي نفرت جي مهمن سان گڏ همعصر سفيد قوم پرست سازشي نظرين ۽ يورو-آمريڪي اسلاموفوبيا سان ان جي مماثلت لاءِ مشهور آهي. اهو مسلمانن کي وحشي ۽ جنسيت پرست طور پيش ڪري ٿو ۽ پدر پرست ۽ پدر پرستانه تصورات کي کڻي ٿو ته هندو عورتون غير فعال ۽ متاثر آهن، جڏهن ته "عورتن جي پيار ڪرڻ جي جائز حق ۽ پسند جي حق کي استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به امڪان کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي". نتيجي طور، اهو سال 2013ع مظفر نگر فسادن سميت، مسلمان تي حملن، قتل ۽ ٻين تشدد جي واقعن جو سبب بڻيو آهي.[3]
سال 2009ع ۾ بي جي پي طرفان، مسلمانن جي خلاف نفرت ڦيلائڻ لاء، مسلمانن جو ڪوڙو خوف ۽ پيرانوئيا کي فروغ ڏيڻ جي مهم جي حصي طور ٺاهي وئي. سازشي نظريو هندوتوا اشاعتن، جهڙوڪ "سناتن پرڀات" ۽ "هندو جن جاگرتي سميتي" ويب سائيٽ پاران پکيڙيو ويو، جنهن ۾ هندن کي پنهنجين عورتن کي مسلمان مردن، جنهن کي هڪ ئي وقت پرڪشش لالچائيندڙ ۽ ريپ ڪندڙ طور ڏيکاريو ويو هو، کان بچائڻ لاءِ چيو ويو. "راشٽريه سوائم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) ۽ وشوا هندو پريشد (وي ايڇ پي) سميت ٻيئي هندو انتهاپسند تنظيمن کي، ترتيب وار، هندستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ان جي واڌ ويجهه لاءِ ترتيب ڏنو ويو. سازشي نظريي کي 2014ع تائين اتر پرديش رياست ۾ هڪ اهم عقيدي طور ڏٺو ويو ۽ رياست ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي مهم جي ڪاميابي ۾ حصو ورتو.[4]
پس منظر
[سنواريو]
شڪاگو ٽرائبيون، فارن پاليسي جي نمائندي سڌارٿا مهانتا ٻُڌايو تہ جديد "لو جهاد سازش" جون پاڙون سال 1947ع هندستان جو ورهاڱي ۾ کُپيل آهن.[5] ان ورهاست جي نتيجي ۾ خودمختيار رياستن، جمهوريا پاڪستان (جيڪا پوءِ اسلامي جمهوريا پاڪستان ۽ عوامي جمهوريا بنگلہ ديش) (جيڪا پوء اسلامي جمهوريا بنگلا ديش ۽ يونين آف انڊيا (بعد ۾ جمهوريا انڊيا ۾ ورهائي ويون) جي تشڪيل ٿي. مختلف اڪثريتي مذهبن جي حامل ٻنهين ملڪن جي تشڪيل وڏي پيماني تي لڏپلاڻ جو سبب بڻي، لکين مقامي ماڻهن انهن ٻنهين مُلڪن جي وچ ۾ لڏپلاڻ ڪيا ۽ ٻنهين مذهبن جي مردن پاران بيئ مذهب جي عورتن کي جنسي زيادتي ۽ جبري طور عورتن کي مذهب تبديل ڪرايو ويو جي افواهن جي نشاندهي ڪئي وئي. [6][7][8] تڪرار (تنازعو) جي ٻنهين پاسن جي عورتن تي اثر ڇڏيا، جنهنڪري انهن عورتن کي هندوستان ۽ پاڪستان ٻنهين طرفن جي حڪومتون "بازيابي جي ڪاروائين" جو آغاز ڪيو، جنهن ۾ سال 1947ع کان 1956ع جي دوران 20,000 کان وڌيڪ مسلمان عورتون ۽ 9,000 غير مسلم (هندو ۽ سک) عورتن کي بازياب ڪرايو ويو.[8] مهانٽا جي مطابق، ان اڻتڻ جي تاريخ، ٻنهين طرف کان بين المذهبي شادي جي خلاف ثقافتي دٻاءُ ۽ ڏهاڪن ۾ عقيدن جي وچ ۾ هر ڀيري ٽڪراءَ جو سبب بڻي.[9]
سال 2011ع تائين، هندستان ۾ هندو، %80 سان سڀ کان وڏي مذهبي اڪثريت ۽ مسلمان %14 هئا، جيڪا 1951ع واري 9 سيڪڙي کان وڌي 14 سيڪڙو ٿي ويا، [10] جڏهن ته پاڪستان جي هندو آبادي 2 سيڪڙي تي رهي ۽ بنگلاديش ۾ هندن جي آبادي گهٽجي 8 سيڪڙو ٿي وئي، جيڪا پهرين 22 سيڪڙو هئي. سال 1951ع جي مردم شماري ۾، اولهه پاڪستان (هاڻي پاڪستان) ۾ هندو آبادي 1.3 هئي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ 22 سيڪڙو هئي.
هندو قوم پرستي ۽ ساڄي ڌر جي سياست
[سنواريو]پڻ ڏسو: هندو قوم پرستي ۽ هندوتوا
سياست ۾ "لو جهاد" کي هندو قوم پرستي جي سياست سان ويجهڙائي سان ڳنڍيو ويو آهي، خاص طور تي "هندوتوا" جو وڌيڪ انتها پسند روپ جيڪو بي جي پي ۽ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي سان لاڳاپيل آهي. وشوا هندو پريشد (وي ايڇ پي) جهڙن ڪيترن ئي ساڄي ڌر جي هندوتوا گروپن جا اسلامي مخالف موقف عام طور تي بين المذاهب شادي ۽ مذهبي ڪثرت پسندي جا مخالف آهن، جيڪا "لو جهاد" جي الزامن جي ڪري هجوم جي تشدد جو سبب بڻجڻ ٿا.[11]
ٽائم لائن
[سنواريو]هندو تنظيمن پاران عامر خان جي بالي ووڊ فلم "پي ڪي" ۽ سلمان خان جي فلم "بجرنگي ڀائي جان" تي لو جهاد کي فروغ ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو. اداڪارن ۽ هدايتڪارن انڪار ڪيو ته انهن جون فلمون لو جهاد کي فروغ ڏين ٿيون.[12]
ساڳئي وقت جڏهن سازشي نظريو پکڙجڻ شروع ٿي رهيو هو، ميانمار ۾ به "لو جهاد" پروپيگنڊو عام ٿيڻ لڳو. ٻڌ انتها پسند تنظيم، "969 مومينٽ" جي اڳواڻ ويراٿُو الزام لڳايو ته مسلمان مرد پاڻ کي ٻڌن جو روپ ڌاري، ميانمار ۾ ٻڌ ڌرم جي عورتن کي اسلام ڏانهن راغب ڪن ٿا. هن وڌيڪ قانون سازي، "اسان جي ٻڌ ڌرم جي عورتن کي مسلم لو جهاد کان بچائڻ" متعارف ڪرائڻ تي زور ڏنو، پوء هن جي پردي ۾ برما جي مسلمانن جي نسل ڪشي ڪئي وئي.[13]
ٽراپنگ تي ڀروسو
[سنواريو]لو جهاد سازشي نظريو ٻين تاريخي نفرت جي مهمن ۽ مثالن، جهڙوڪ يورو-آمريڪي اسلاموفوبيا سان، ان جي هڪجهڙائي لاءِ مشهور آهي.[14] ان ۾ مسلمانن جي مغربي مستشرقن پاران، وحشي ۽ جنسي راکشس طور تصوير پيش ڪئي وئي ۽ پدر پرست تصورات کي کڻي، چيو ويو ته مسلمانن کان شادي ڪرڻ واري هندو عورتون مجبور ۽ جبر جو شڪار آهن، جڏهن ته "عورتن جي پيار ڪرڻ جي جائز حق ۽ پنهنجي پسند جي ساٿي کي چونڊن جي حق کي استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به امڪان کي نظرانداز ڪيو ويو". نتيجي طور، اهو 2013ع "مظفر نگر فساد" سميت، پر تشدد حملن، قتل ۽ ٻين تشدد جي واقعن جو سبب بڻيو.
سرڪاري جاچ
[سنواريو]آگسٽ 2017ع ۾، ڀارت جي تحقيقاتي ايجنسي، اين آءِ اي (NIA) چيو ته ان کي ڪجهه "لو جهاد" ڪيسن ۾ هڪ مشترڪ عنصر مليو آهي، ته "بنياد پرست گروپ، پاپولر فرنٽ آف انڊيا سان لاڳاپيل هڪ عورت"، هندو مرد کي داعش ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شادي جو لالچ ڏنو.[15] "اڪنامسٽ" ۾ بعد ۾ هڪ مضمون موجب، "بار بار جي پوليس جاچ مذهب تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به منظم منصوبي جو ثبوت ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. رپورٽر بار بار "لو جهاد" جي الزامن کي بهترين طور تي بيمار ذهنيت ۽ بدترين طور تي، جان بوجھ ڪري "چونڊين وقت جي ايجاد" جي طور تي ظاهر ڪيو.[16] "ساڳئي رپورٽ موجب، "لو جهاد" جي ڪيترن ئي دعوائن جي حوالي سان عام موضوع بين المذاهب شادين تي اعتراض بيمار ذهنيت جي نشاندهي ڪري ٿو، جڏهن ته "ڀارتي قانون مخلتف مذهبن واري مرد ۽ عورت جي وچ ۾ شادين يا باخبر رضامندي سان مذهب جي تبديلي جي خلاف، ڪا به رڪاوٽ نه وجهي ٿو. تڏهن به اهو تصور اڃا تائين قائم آهي، جڏهن تي "متاثرن" پاڻ ان کي بڪواس جي طور رد ڪن ٿا."
سال 2022ع ۾، آبزرور ريسرچ فائونڊيشن ۽ ڀارتي حڪومت پاڻ چيو ته، داعش ۾ 200 کان وڌيڪ ڀارتي شامل نه ٿيا هئا. اهو انگ ايترو گهٽ آهي جو هڪ محقق تبصرو ڪيو ته "ماهر اڪثر اهو سوال پڇندا آهن ته "ڀارتي مسلمانن کي اسلامي اسٽيٽ ۾ شامل ٿيڻ کان ڪهڙي شيءِ روڪيو؟."
ريورس لو جهاد
[سنواريو]پڻ ڏسو: بهو لايو ۽ بيٽي بچايو.
"لو جهاد جي سازش" جي جواب ۾، راشٽريا سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي ساٿين چيو ته انهن هڪ ريورس لو جهاد مهم شروع ڪئي آهي. يعني هندو مردن کي مسلمان عورتن سان شادي ڪرڻ لاءِ. مهم سان لاڳاپيل ڪيس اتر پرديش (يو پي) جي مختلف حصن مان رپورٽ ٿيا، جتي مسلمان عورتن سان زيادتي ۽ اغوا ٿيا آهن. انهن واقعن جي مرتڪبن تي الزام آهي ته اهي انهن ساٿين جا ميمبر آهن جن کي ساٿين پاران انهن جي سرگرمين لاءِ انعام ڏنو پيو وڃي. 2014 ۽ آڪٽوبر 2016 جي وچ ۾، ڪاشي نگر ضلعي ۾ پوليس پاران گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي گم ٿيڻ يا اغوا ٿيڻ جا 389 ڪيس درج ڪيا ويا، ۽ اوڀر اتر پرديش جي ڪيترن ئي ضلعن ۾، اعلي فرقه وارانه تڪرار وارن علائقن ۾ ساڳيو رجحان مليو.
"بجرنگ دل" پاران "ريورس لو جهاد" جو اصطلاح پڻ استعمال ڪيو ويو آهي. لو جهاد سازش جي نظريي جو حوالو ڏيڻ لاءِ. جتي متاثر ٿيل هڪ هندو مرد آهي جنهن کي هڪ مسلمان عورت سان نوڪري ۽ شادي جي امڪانن سان اسلام ڏانهن "لالچ" ڪيو پيو وڃي.
هڪ ٻيو اهڙو نظريو، "ڀگوا محبت جال سازشي نظريو"، جيڪو مسلمانن پاران پوکيو ويو هو. اهو الزام لڳائي ٿو ته هندو مرد مسلمان عورتن کي رشتي ۾ لالچ ڏين ٿا ۽ انهن سان زبردستي شادي ڪن ٿا، انهن کي هندو مذهب ۾ تبديل ڪرڻ جي ارادي سان. اهو سوشل ميڊيا تي پڻ مشهور ٿيو آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]* شُڌي تحريڪ. * گهر واپسي مهم. هندوتوا جي تخلص تاريخ * هندستان ۾ مسجد مخالف مهم * هندستان ۾ مسلمانن خلاف تشدد. * سفيد نسل ڪشي سازشي نظريو * عظيم متبادل سازشي نظريو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Sharma, Ajita (1 April 2020). "Afrazul's murder: Law and love jihad". Jindal Global Law Review. 11 (1). Springer: 77–95. doi:10.1007/s41020-020-00114-5. ISSN 0975-2498. S2CID 220512241. The fake claim by the Hindu right-wing that love jihad forces Hindu women to love and marry a Muslim man and convert to Islam is perpetuating an already existing anti-Muslim narrative in the country. The love jihad phenomenon has thus become a tool of hate and anger towards Muslims. Afrazul's killing by Raigher is an extreme demonstration of this form of hate and anger towards Muslims.
- ↑ Rao, Mohan (1 October 2011). "Love Jihad and Demographic Fears". Indian Journal of Gender Studies. 18 (3): 425–430. doi:10.1177/097152151101800307. ISSN 0971-5215. S2CID 144012623.
- ↑ Jenkins, Laura Dudley (2019). "Persecution: The Love Jihad Rumor". Religious Freedom and Mass Conversion in India. University of Pennsylvania Press. doi:10.9783/9780812296006-007. ISBN 978-0-8122-9600-6. S2CID 242173559. Archived from the original on 13 May 2023. Retrieved 6 May 2023. The masterplot of love jihad is not just literary imaginings but also a potent brew of Islamophobia and patriarchy that harms Muslims and women. Akin to some of the post-9/11 rhetoric in the United States, contemporary Hindu nationalists propagate "a mythical history of medieval Muslim tyranny and present-day existential threat, demanding mobilization and revenge."
- ↑ . Upadhyay, Nishant (18 May 2020). "Hindu Nation and its Queers: Caste, Islamophobia, and De/coloniality in India". Interventions. 22 (4). Routledge: 464–480. doi:10.1080/1369801X.2020.1749709. S2CID 218822737. Archived from the original on 28 March 2022. Retrieved 30 March 2021 – via Academia.edu. Heterosexual couples who defy caste and religious structures often face violence, some of which results in death through honor killings and lynching targeting specifically Muslim and Dalit men. For instance, the Hindutva campaign against what it calls the "love jihad" is an attempt to protect Hindu women from Muslim men, as the latter are imagined/blamed to convert Hindu women to Islam through trickery and marriage (Gupta 2018b, 85). Needless to say, these claims are unfounded and Islamophobic imaginations of the Hindu Right.
- ↑ Mahanta, Siddhartha (5 September 2014). "India's Fake 'Love Jihad'". Foreign Policy. Archived from the original on 1 April 2019. Retrieved 8 March 2017
- ↑ Mahanta, Siddhartha (5 September 2014). "India's Fake 'Love Jihad'". Foreign Policy. Archived from the original on 1 April 2019. Retrieved 8 March 2017
- ↑ Bhavnani, Nandita (29 July 2014). The Making of Exile: Sindhi Hindus and the Partition of India. Westland. pp. 253–255. ISBN 978-93-84030-33-9. https://books.google.com/books?id=n_8aBAAAQBAJ&pg=PT253.
- ↑ 8.0 8.1 Huynh, Kim; Bina D'Costa; Katrina Lee-Koo (30 April 2015). Children and Global Conflict. Cambridge University Press. pp. 274–275. ISBN 978-1-316-29876-3. https://books.google.com/books?id=uAS7BwAAQBAJ&pg=PA276.
- ↑ Mahanta, Siddhartha (5 September 2014). "India's Fake 'Love Jihad'". Foreign Policy. Archived from the original on 1 April 2019. Retrieved 8 March 2017
- ↑ Mandhana, Niharika (4 September 2014). "Hindu Activists in India Warn Women to Beware of 'Love Jihad'". The Wall Street Journal. https://online.wsj.com/articles/hindu-activists-in-india-warn-women-to-beware-of-love-jihad-1409874089. Retrieved 6 September 2014.
- ↑ As I explore below, a variety of moral entrepreneurs further the Hindutva cause by stoking fears about love jihad to further marginalize Muslims, mobilize Hindu voters, and renew people's commitments to traditional religious values. I situate these activities within a broader range of Hindutva campaigns in contemporary India and discuss the ways in which earlier Hindu majoritarian campaigns to 'save' women prefigure the current uproar about love jihad. Strohl 2018
- ↑ Khatun, Nadira (14 December 2018). "'Love-Jihad' and Bollywood: Constructing Muslims as 'Other'". Journal of Religion & Film. 22 (3). University of Nebraska Omaha. ISSN 1092-1311. Archived from the original on 20 November 2020. Retrieved 9 January 2021.
- ↑ Mjaaland, Marius Timmann, ed (2019). Formatting religion: across politics, education, media, and law (First [edition] ed.). New York: Taylor and Francis. ISBN 978-0-429-63827-5.
- ↑ . Upadhyay, Nishant (18 May 2020). "Hindu Nation and its Queers: Caste, Islamophobia, and De/coloniality in India". Interventions. 22 (4). Routledge: 464–480. doi:10.1080/1369801X.2020.1749709. S2CID 218822737. Archived from the original on 28 March 2022. Retrieved 30 March 2021 – via Academia.edu. Heterosexual couples who defy caste and religious structures often face violence, some of which results in death through honor killings and lynching targeting specifically Muslim and Dalit men. For instance, the Hindutva campaign against what it calls the "love jihad" is an attempt to protect Hindu women from Muslim men, as the latter are imagined/blamed to convert Hindu women to Islam through trickery and marriage (Gupta 2018b, 85). Needless to say, these claims are unfounded and Islamophobic imaginations of the Hindu Right.
- ↑ Khalid, Saif (24 August 2017). "The Hadiya case and the myth of 'Love Jihad' in India". Al Jazeera. Archived from the original on 3 October 2017. Retrieved 3 October 2017.
- ↑ Gupta, Charu (2009). "Hindu Women, Muslim Men: Love Jihad and Conversions". Economic and Political Weekly. 44 (51): 13–15. ISSN 0012-9976. JSTOR 25663907.
نوٽ
[سنواريو]- ڪنور رام کان رنڪل (فريال بيبي) تائين :تاريخي حقيقتون آرڪائيو ڪيا ويا 2020-01-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- SAMAA Ghotki news
- Pakistani Hindus Complain of Forced Conversion of Teenage Girls
- Tonight with Jasmeen, Apr 19, 2012 SAMAA TV
- پاڪستان:هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري مبينا طور تي اسلام ڏانهن ڌرم ڦيرائڻ، بي بي سي دنيا وِٿ ساريڪا (بي بي سي هندي)
- رِنڪِل ڪُماري جي اصل ڪهاڻي سنڌي هندو ڇوڪرين کي زبردستي ڌرم تبديل ڪرائڻ تي مجبور ڪيو وڃِي ٿو
- سنڌ هندو نارين جو مذهبي تبديلي ڪيس (بي بي سي هندي)
[1][2][3][4][5][6][7] هي خيال 2009ع ۾ هندستان ۾ قومي توجہ جو مرڪز بڻيو، ڀارت جي هندو انتهاپسند سياسي پارٽي، بي جي پي، هندو ووٽرن کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد کي اڀارڻ لاء "لو جهاد" جي نالي سان پنهنجو سياسي ايجنڊو شروع ڪيو.
جنهن ۾ پهرئين ڪيرالا ۽ انکانپوءِ ڪرناٽڪ ۾ مبينا مذهب جي تبديلي ٿي هئي. نومبر 2009 ۾، ڊي جي پي جيڪب پنوز چيو تہ اهڙي ڪابہ ناهي جنهن جي ميمبرن ڪيرالا ۾ تبديلي جي ارادي سان چوڪرين کي پنهنجي محبت جي لالچ ڏئي پنهنجي طرف راغب ڪيو. هن ڪيرالا هاءِ ڪورٽ کي ٻُڌايو تہ کيس ملندڙ 18 منجهان 3 اطلاعن (رپورٽس) ۾ رجحان بابت ڪُجھ شڪ ۽ گمان پيدا ڪيا آهن. ڊسمبر 2009 ۾، جسٽس ڪي. ٽي. سنڪرن، پنوز جي رپورٽ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن هڪ ڪيس ڊائري منجهان هي نتيجو ڪڍيو تہ زبردستي مذهبي تبديلين جا اشارا ملن ٿا ۽ اها پوليس رپورٽس منجهان چٽو (واضح) آهي تہ ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ عورتن کي "ڪُجھ برڪتن" سان مذهب تبديل ڪرڻ جي "اجتماعي ڪوشش" ڪئي پئي وڃِي. عدالت "محبت جهاد" مقدمن (ڪيسز) جي ٻن ملزمن جي درخواست ضمانت تي ٻُڌڻي ڪندي چيو تہ گُذريل چار سالن ۾ ان طرح جي 3،000 کان 4،000 ڪيسز ۾ مذهبي تبديليون ٿيون آهن. ڪيرالا هاءِ ڪورٽ ڊسمبر 2009 ۾ ان معاملي جي تحقيقن تي روڪ لڳائي ٻن ملزمن کي ريليف ڏنو هيو، ۽ پوليس تفتيش تي تنقيد ڪئي هئي. پنسوس جي ان بيان تہ "محبت جهاد" جي وجود لاءِ ڪي بهه حتمي ثبوت ناهين ملي سگهيا، کانپوءِ جسٽس ايم ساسيڌارن نمبيار ان پُڇا ڳاڇا (تفتيش) کو بند ڪري ڇڏيو.
ڪرناٽڪ حڪومت 2010 ۾ چيو هيو تہ جيتوڻيڪ ڪيترين ئي عورتن اسلام قبول ڪيو هيو، پر کين ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪابه منظم ڪوشش ناهي ڪئي وئي. 2012 ۾، مبينا محبت جهاد جي باري ۾ ٻه سال جي جاچ (تحقيق) کانپوءِ، ڪيرالا پوليس ان کي "بنا تت مهم" قرار ڏنو. تنھن کان پوءِ، هڪ ويب سائٽ خلاف هڪ مقدمو شروع ڪيو ويو، جنهن تي مسلم تنظيمن جا جعلي پوسٽرز وسيلي نوجوانن کي لالچ ڏيڻ ۽ عورتن کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڏوڪڙ (رقم) جي پيش ڪش ڪئي ويندي هُئي. اتر پرديش پوليس کي سيپٽمبر 2014 ۾ گُذريل ٽن مهينن کان محبت جهاد جي ڇھ کان پنج رپورٽ ڪيل مقدمن ۾ مذهب مٽائڻ جي ڪوشش يا زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جو ڪوبہ ثبوت نہ مليو. پوليس چيو تہ بدنيت شرير مردن طرفان اٽڪل بازي وارداتن جا ايڪڙ ٻيڪڙ مقدما ڪنهن وڏي سازش جو ثبوت ناهين.
2017 ۾، ڪيرالا هاءِ ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي[8] کانپوءَ تہ هڪ هندو عورت جي مسلمان مرد سان شادي محبت جهاد جي بنياد تي غلط (باطل) آهي،[9][7] ۽ مسلمان مُڙس طرفان هندستان جي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي،[10][11][12][4][13][5] جتي عدالت طرفان اين آءِ اي کي "اَڻَ ڌُري ۽ آزاد" شاهدين جي بنياد تي درخواست ڪئي وئي،[10][14][13] عدالت اين آءِ اي کي محبت جهاد جي طرز تي قائم انهيءَ طرح جي سمورن معاملن جي جانچ (تحقيق) ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.[10] پابندي مُرهيل تنظيم سيمي ڪمزور هندو عورتن کي شڪار بڻائي دهشت گرد ٺاهڻ لاءِ ڀرتي ڪري رهي آهي يا نہ[15] ۽ سيمي جهڙيون بندش پيل تنظيمن جي انهيءَ طرح جي تمام مشڪوڪ واقعن جي کوج ڪرڻ لاءِ عدالت جي انهين هدايتن اين آءِ اي کي اجازت ڏني هُئي. اين آءِ اي ان کان اڳ عدالت ۾ عرض ڪيو هيو تہ هي معاملو "الڳ ٿلڳ" واقعو ناهي ۽ ان رياست ۾ هڪ نمونو سامهون اچڻ جو سماچار لڌو آهي، جنهن ۾ چيل هيو تہ هڪ ٻئي مقدمي ۾ ساڳيا ماڻهو شامل آهن جيڪي اُڪسائي رهيا آهن.
هي خيال سڀ کان پهرئين 2009 ۾ هندوستان ۾ قومي توجہ جو مرڪز بڻيو، ان ۾ ڪيرالہ ۽ ڪرناٽڪ ۾ وڏي پيماني تي مذهبي تبديلين جا دعويٰ شامل هيا، پر پوءِ اهي دعويٰ پوري هندستان ۽ ان کان اڳتي پاڪستان ۽ برطانيا ۾ ڇکڙجي چُڪا آهن. سال 2009، 2010، 2011 ۽ 2014 ۾ پڌرائي ڪرڻ جي لهرن سميت، هندوستان ۾ محبت جهاد جي الزامن مختلف هندو، سکھ ۽ عيسائي تنظيمن ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي، جڏهن تہ مسلم تنظيمن طرفان انهن الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي. ريوٽرز (Reuters) مطابق، هي تصور ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ سياسي تڪرار (تنازعو) ۽ معاشرتي ڳڻتي جو ڪارَڻُ بڻيل آهي، جڏهن تہ سن 2014 تائين هڪ مُنظم محبت جهاد جي خيال کي هندوستاني ڌارا (وڏو وهڪرو mainstream) ۾ وڏي پيماني تي هڪ سازشي ٿيوري سمجيو وڃِي ٿو.
آگسٽ 2017 ۾، قومي جانچ ايجنسي (اين آءِ اي) ٻُڌايو تہ انهن کي آگسٽ 2017 ۾ محبت جهاد جي ڪُجھ معاملن ۾ هڪ عام گُرُو (رهنما، مينٽر) مليو آهي. دي اڪانومسٽ ۾ پوءِ ڇپيل مضمون مطابق، "هر ڀيري پوليس جي پُڇاڳاڇا (جانچ،تفتيش، انويسٽيگيشن) ڪنهن مُنظم منصوبي تحت مذهبي تبديلي جا ثبوت ڳولهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سماچار ڏيندڙن (صحافي، رپورٽرز) "محبت جهاد" جي دعويٰ کي بُخار ۾ ورتل بهترين تصورَ ۽ بدترين، ڄاڻي واڻي چُونڊن (اليڪشن) جي ترڪيب طور وري وري بي نقاب ڪيو آهي." انهيءَ رپورٽ مطابق، "محبت جهاد" جي گڏيل موضوع جي باري ۾ ڪيترائي دعويٰ بين المذهب شادي تي سخت اِعتراضَ جو اظهار ڪندا رهيا آهن، جڏهن تہ "هندوستاني قانون عقيدن جي وچ۾ هڪٻئي سان شادين ڪرڻ ۾، يا رضاڪاراڻي ۽ ڄاڻي واڻي رضامندي سان مذهبي تبيلين جي خلاف ڪابه رڪاوٽ نٿو ڪري". ان هوندي بہ اهو خيال اڃا تائين قائم رهي ٿو، ايتري قدر تہ جڏهن "متاثرن" پاران ان کي اجائي ڳالهه قرار ڏئي انڪار ڪيو ويو آهي."[16][4]
ڪيرالا چرچ چيو تہ 'محبت جهاد' حقيقت آهي، چرچ وڌيڪ دعويٰ ڪئي تہ عيسائي عورتن کي آءِ ايس جي ڄار ۾ ڦاسايو وڃِي ٿو.[17][18][19][4][15][6]
اصطلاح
[سنواريو]ڪيرالا ۽ پاڙيسري رياست رياست ڪرناٽڪ ۾ پهريون ڀيرو 2007 دوران "محبت جهاد" جو ذڪر ٿيو هو، پر هي اصلاح 2009 ۾ عوامي چئوٻولن جو حصو بڻجي ويو هو. اصل ۾ ان کي "روميو جهاد" سڏيو ويندو هيو.[7]
سنڌ جي هندن جو جو موقف
[سنواريو]سنڌ سميت پاڪستان ۾ جبري ڌرم مَٽرائڻ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا.[20][21][22][23][24][25][26][27] سنڌ جي زرخير ۽ معدني وسيلن سان مالامال گهوٽڪي ضلعو ۾ نام نهاد مذهبي ٺيڪيدار ميان مٺو[28][29] جي پاٿاريداري ۽ سرپرستي هيٺ مبينا طور زوري مذهب تبديل ڪرائڻ جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن.[28][29][30] 2012 کان 2015 تائين 69 هندو۽ عيسائي نارين کي مبينا طور اغوا ڪري مذهب مٽائي شاديون ڪرايون ويون.[31] پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ مذهبي اقليتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ بل پاس ٿيو،[32][33][23][34] جنهن ۾ زبردستي مذهب مٽرائڻ تي 5 سال قيد جي تجويز ڪيل آهي.[32] پاڪستان ۾ رياست جو مذهب اسلام بڻيل آهي جنهنڪري زوري مذهب مَٽرائڻ جي اڪثر عدالتي ڪيسن جي ڏنل فيصلن ۾ ڇوڪرين جي مرضي ڏيکاري ڪيس اُڪلايا ويندا آهن. دنيا ۾ پرڻو ڪرڻ لاءِ ڌرم ڦيرائڻ جي ڪابه شرط ناهي هوندي، پر پاڪستان ۾ اها شرط لازمي سمجهيي وڃي ٿي.[35]
جذباتي اپيل وسيلي ڌرم ڦيرائڻ
[سنواريو]آڪسفورڊ هينڊ بڪ آف رليجئس ڪنورزين ۾ نوٽ ٿيل آهي تہ ماڻهن کي هڪ عقيدي يا ڌرم (مذهب) کان ٻئي ڌرم ۾ تبديل ڪرڻ ۾ جذباتي اپيلُن جي تاثير جي چڱي ريت پروڙ ڪئي ويندي آهي ۽ اڪثر ان جو استعمال ڌرمي (مذهبي) اڳواڻن طرفان استحصال ڪيو وڃِي ٿو.[36] مذهبي گروپن امڪاني ڀرتي ٿيندڙن جي دلچسپي لاءِ لوِ بمبنگ ۽ فلرٽي فشنگ جهڙين ٽيڪنيڪس جو استعمال ڪيو ويو آهي. محبت جهاد مبينا طور هڪ سرگرمي آهي، جنهن ۾ مسلم نوجوانَ اِهڙين محبت جي جذباتي اپيلن جو استعمال ڪندا آهن، ۽ ڇوڪرين کي ڌرم مَٽائڻ جي لاءِ راضي ڪندا آهن - ڪجهه رپورٽن ۾، مُنظم، مالي امداد، دلربائي ورتاءَ، لالچائڻ پيار جو مِڪِرُ ڪرڻ، سان پڻ اهڙيون اَٽڪليون ۽ چالون هلندا آهن.[37][38][39]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ لو جهاد سازشي نظريو سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
![]() |
وڪي قول ۾ لو جهاد سازشي نظريو جي متعلق قول موجود آھي۔ |
- ↑ GUPTA, CHARU (2009). "Hindu Women, Muslim Men: Love Jihad and Conversions". Economic and Political Weekly 44 (51): 13–15. ISSN 0012-9976. http://www.jstor.org/stable/25663907.
- ↑ "A Muslim and a Hindu thought they could be a couple. Then came the ‘love jihad’ hit list.". The Washington Post. حاصل ڪيل January 24, 2020.
- ↑ Rao, Mohan (2011-09-30). "Love Jihad and Demographic Fears". Indian Journal of Gender Studies 18: 425–430. doi:. https://www.researchgate.net/publication/254098941_Love_Jihad_and_Demographic_Fears.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 "India's top court upholds marriage in alleged case of "Love Jihad"" (en ۾). Reuters. 2018-03-08. https://www.reuters.com/article/uk-india-court-idUKKCN1GK1ON.
- ↑ 5.0 5.1 https://www.wsj.com/articles/indias-imaginary-love-jihad-1512691822
- ↑ 6.0 6.1 Borpujari, Priyanka. "Love in the Time of Patriarchy: ‘Love Jihad’ in India". thediplomat.com. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ 7.0 7.1 7.2 Khalid, Saif. "The Hadiya case and the myth of 'Love Jihad' in India". www.aljazeera.com. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ Bhatia, Rahul. "The Year of Love Jihad in India". The New Yorker. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "The unfounded fear of ‘love jihad’". The Express Tribune. حاصل ڪيل January 24, 2020.
- ↑ 10.0 10.1 10.2 "India court restores 'love jihad' marriage" (en-GB ۾). BBC News. 2018-03-08. https://www.bbc.com/news/world-asia-india-43327380.
- ↑ Qureshi, Imran (2017-10-16). "The Hindu-Muslim marriage stuck in court" (en-GB ۾). BBC News. https://www.bbc.com/news/world-asia-india-41021373.
- ↑ Abi-Habib, Maria; Raj, Suhasini (2018-04-10). "Couple Can Reunite in ‘Love Jihad’ Case, India’s Supreme Court Rules" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2018/04/10/world/asia/india-supreme-court-marriage.html.
- ↑ 13.0 13.1 CNN, Steve George and Huizhong Wu. "India's top court upholds marriage in 'love jihad' case". CNN. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "Court intervenes in 'love jihad' case" (en-GB ۾). BBC News. 2017-11-27. https://www.bbc.com/news/world-asia-india-42139978.
- ↑ 15.0 15.1 Welle (www.dw.com), Deutsche. "India's 'love jihad'- Are women being recruited for 'Islamic State'? | DW | 01.11.2017". DW.COM. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "Indian woman in 'love jihad' case says was not forced to embrace Islam". The Express Tribune. The Express Tribune. حاصل ڪيل January 26, 2017.
- ↑ "Kerala Church says 'Love Jihad is real', claims Christian women being lured into IS trap". deccanherald.com. The Printers (Mysore) Private Ltd. حاصل ڪيل January 24, 2020.
- ↑ "Christian girls targeted and killed in name of love jihad: Kerala's Syro-Malabar church". The Week. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "India: Probe 'love-jihad' cases of Kerala Christian girls: National Commission for Minorities". gulfnews.com. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "اسلام ڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙين سان لڄالٽ بعد قتل ڪرڻ ۽ نياڻين جي زبردستي مذهب تبديلي خلاف احتجاجي مظاهرو – وائيس آف سنڌ لنڊن". حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ Korai, Shaukat. "سنڌ ۾ زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف بل، قانون ٿيڻ جو منتظر". News Lens Pakistan. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "Hyderabad: Protest over Force Marriages of Hindu Girls". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ 23.0 23.1 "زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ بابت قانونسازي لاءِ ڪميٽي قائم". DailyWaka (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مهڪ ڪماري کي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Dec/19-12-2016/Page4/P4-2.htm. حاصل ڪيل 2020-01-24. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ "انٽرنيشنل سنڌي وومين آرگنائيزيشن برطانيه پاران سنڌ ۾ سنڌي هندو نياڻين جي اغوا، جبري مذهب مٽرائي شاديون ڪرائڻ خلاف پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن آڏو احتجاج .سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائڻ جي سازشن جي مذمت – وائيس آف سنڌ لنڊن". حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "سنڌ اندر زوري مذهب مڙهڻ جو ڪلور: ماهم سنڌي / ميرپورخاص | روزاني سرواڻ". www.dailysarwan.com. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ 28.0 28.1 ايڊيٽر. "رنڪل ڪماري: ڀرچونڊيءَ کان سپريم ڪورٽ تائين". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ 29.0 29.1 "ميان مٺو معاشري ۾ انتشار پکيڙي صوفي روايتن کي نقصان ڏنو: نفيسا شاهه". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ ايڊيٽر. "ميان مٺي سان مِلو ڀرچونڊي: رنڪل ڪماري کان سپنا ۽ پوڄا تائين!". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "ساڍن 3 سالن دوران 69 هندو ۽ عيسائي ناريون اغوا" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ 32.0 32.1 "زبردستي مذهب مٽرائڻ تي 5 سال قيد جي تجويز: بل قومي اسيمبلي ۾ جمع -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ "اقليتن کي زبردستي مذهب تبديلي کان بچائڻ لاءِ سينيٽ جي پارلياماني ڪميٽي قائم". Online News Room (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ https://www.pakistanpoint.com/sd/national/news/story-39643.html
- ↑ "هندو برادري جو تحفظ، مديني واري رياست جي ذميواري! شير محمد کهاوڙ – وائيس آف سنڌ لنڊن". حاصل ڪيل 2020-01-24.
- ↑ Rambo, Lewis R.; Farhadian, Charles E. (18 February 2014). The Oxford Handbook of Religious Conversion. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس, US. p. 145. ISBN 978-0-19-971354-7. https://books.google.com/books?id=U03gAgAAQBAJ&pg=PA145.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedCommon
- ↑ "'Love jihad' piqued US interest". The Times of India. 6 September 2011. http://timesofindia.indiatimes.com/india/Love-jihad-piqued-US-interest/articleshow/9877883.cms?referral=PM. Retrieved 8 September 2012.
- ↑ Nelson, Dean (13 October 2009). "Handsome Muslim men accused of waging 'love jihad' in India". The Telegraph (Telegraph Media Group Limited). https://www.telegraph.co.uk/news/religion/6316966/Handsome-Muslim-men-accused-of-waging-love-jihad-in-India.html. Retrieved 14 September 2012.