مواد ڏانھن هلو

نيو ڪراچي ٽائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نئين ڪراچي ٽائون کان چوريل)
نيو ڪراچي ٽائون
نیو کراچی ٹاؤن
ٽائون
New Karachi Town
نيو ڪراچي ٽائون جو نقشو
نيو ڪراچي ٽائون جو نقشو
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ڊويزن ڪراچي ڊويزن
ضلعو ناظم آباد ضلعو
قومي اسيمبلي جو انتخابي تڪ اين اي-247 (ڪراچي سينٽرل-1)
يونين ڪائونسلون 13 يونين ڪائونسلون
قائم ٿيو 14 آگسٽ، 2001ع
ختم ڪيو ويو 11 جولائي، 2011ع
ٻيهر ترتيب مارچ، 2015ع
بحال ڪيو ويو 2022ع
حڪومت
  قسم ٽائون انتظاميه
  ميونسيپل آفيسر آفاق سعيد
  ٽائون چيئرمين محمد يوسف
پکيڙ
  ڪل 18 ڪ.م2 (7 ميل2)
آبادي (2023ع)
  ڪل 1,165,742

نيو ڪراچي ٽائون (اردو: نیو کراچی ٹاؤن) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ناظم آباد ضلعي جي اتر اوڀر واري حصي ۾ واقع آهي. اهو سال 1958ع جي فوجي عمل کان پوءِ ڪچي آبادين کي آباد ڪرڻ وقت قائم ٿيو. سال 2001ع ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي پاران ٽائون سسٽم قائم ڪيو ويو. سال 2011ع ۾ شھري حڪومتي نظام کي ختم ڪري پراڻو ضلعي نظام بحال ڪيو ويو. سال 2015ع ۾ ڪراچي سينٽرل ضلعي جي حصي طور نيو ڪراچي ٽائون کي ٻيهر نيو ڪراچي سب ڊويزن ۾ منظم ڪيو ويو. سال 2022ع ۾ سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي ٽائون سسٽم بحال ڪيو. سال 2023ع جي پاڪستاني آدمشماري جي مطابق نيو ڪراچي ٽائون جي آبادي 1,166,742 آهي.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]