ميمڻي ٻولي
| ميمڻي بولي | |
|---|---|
| ميمڻي، ميمنی، મેમોની | |
ميمڻي بولي جي لکت Urdu Nastaliq script, Sindhi Naskh script, Gujarati script, and Roman script. | |
| ٻولي جو وطن | انڊيا، پاڪستان |
| خطو | سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ، گجرات |
| نسل | ميمڻ ماڻھو |
ٻولي ڳالهائيندڙ |
1.8 Million (2014)[1] |
| Arabic script, Gujarati script, Nastaliq script, Roman Memon[2] | |
| ٻولي جا ڪوڊ | |
| ISO 639-3 | mby |
| گلوٽولوگ | memo1238[3] |
ميمڻي (میمنی ,મેમોની ) هڪ هند-آريائي ٻولي آهي، جيڪا ڪاٺياواڙ جي ميمڻن طرفان ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا گجرات، هندستان جو ھڪ ضلعو آهي. اوکا بندر (اوکائي ميمڻ)، ڪڇ (ڪڇيءَ ميمڻ) ۽ ڪاٺياواڙ (کٿري، ڪاٺياواڙي) جون ڪجهه ٻيون برادريون به پنهنجن گهرن ۾ ميمڻي استعمال ڪن ٿيون.
ڪاٺياواڙي ميمڻ، ميمڻ قوم جو هڪ ذيلي گروهه آهي، جيڪو هندستان ۽ پاڪستان ۾ هڪ مسلم برادري آهي. سال 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ ڪاٺياواڙ علائقي جا میمڻ پاڙيسري رياستن ۽ هندستان جي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن لڏي ويا، پر هڪ وڏو تعداد پاڪستان، سري لنڪا، ڏکڻ آفريڪا، ملاوي، ڪينيا ۽ ان سان گڏ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ اچي آباد ٿيا. ڪاٺياواڙي ميمڻن کي گجرات، انڊيا جي ضلعي ڪاٺياواڙ ۾ انهن جي اڳوڻي شهرن جي مطابق سب گروپن ۾ ورهائي سگهجو ٿا. يعني؛
01. بانٽوا (بانٽوا ميمڻ)
02. ڪتياڻہ (ڪتياڻہ ميمڻ)
03. ڌوراجي (ڌوراجي ميمڻ)
04. جيتپور (جيتپور ميمڻ)
05. گونڊل (گونڊل ميمڻ)
06. ونٿلي (ونٿلي ميمڻ)
07. ويراول (ويراول ميمڻ)
08. ڄام نگر (ڄام نگر ميمڻ)
09. جوناگڙھہ (جوناگڙھہ ميمڻ)
10. پوربندر (پوربندر ميمڻ)
11. هالار (هالاري ميمڻ)
12. اپليٽا ( اپليٽا ميمڻ)
حوالا
[سنواريو]- ↑ Wajihuddin, Mohammed (14 فيبروري 2014), "Memon association to congregate today", The Times of India (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 09 جون 2020۔
- ↑ "Memoni a new Language Born by Abdul Razzak ... - Memon Books"۔
- ↑ Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Memoni". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/memo1238.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Articles containing non-English language text
- Pages using Template:Script with unknown input
- Language articles with unknown population not citing Ethnologue 18
- Language articles with speakers set to 'unknown'
- ميمڻ
- سنڌي ٻولي
- گجراتي ٻولي
- سنڌي ٻولي جا لهجا
- انڊيا جون ٻوليون
- سنڌ جون ٻوليون
- پاڪستان جون ٻوليون