مولانا تاج محمود امروٽي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
Maulānā Sayyid Taj Mahmūd Amrōtī.jpg

ناميارو ديني عالم مولانا تاج محمود امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شهر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو.[1]

ابتدائي تعليم[سنواريو]

هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا سيد عبدالقادر وٽان حاصل ڪئي. عربي تعليم مولانا عبدالقادر پنهواريءَ (تعلقي روهڙيءَ) کان ورتائين. جوانيءَ ۾ حافظ محمد صديق جي خدمت ۾ ڀرچونڊي شريف پهتو ۽ کانئس بيعت ورتائين. سندس ئي هدايت تي اباڻي ڳوٺ ”ديوانيءَ“ کي ڇڏي، ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”امروٽ“ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن بزرگ امروٽ ۾ اچي اتي موجود بدعتون ختم ڪرايون. مولانا امروٽي، وڏو متوڪل ۽ فنا في الله بزرگ هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه وقت فاقا به ڪڍندو هو. سندس خانقاهه، ”صفه“ جو نمونو ۽ روحاني فيض جي ڳولائن لاءِ تمام اهم دارالعلوم هئي.[1]

شادي ۽ اولاد[سنواريو]

مولانا تاج محمود جي شادي سندس چاچي سيد مهر علي شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس ”حسن شاهه“ نالي پٽ به ڄائو، جيڪو ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ٻه شاديون ٻيون به ڪيائين، پر انهن مان به کيس اولاد نه ٿيو. مولانا صاحب کي پنهنجي پٽ ”حسن شاهه“ سان پيار هو، جنهن سبب پنهنجو تخلص ”حسن“ اختيار ڪيائين.[1]

خدمتون[سنواريو]

سڄي زندگي اسلامي تبليغ ۽ عوامي فلاح جي ڪمن ۾ حصو ورتائين. مولانا صاحب ديني درس تدريس سان گڏ سياسي ميدان ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. خاص طرح ” خلافت تحريڪ “، ” هجرت تحريڪِ“، ”ترڪَ موالات تحريڪِ“ ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۾ حصو ورتائين. پاڻ امروٽ ۾ دارالعلوم قائم ڪيائين، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ ستن سالن تائين درس ڏنو. هن مدرسي مان مولانا حماد الله هاليجوي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ جهڙا عالم پيدا ٿيا. شيخ الهند مولانا محمود الحسن پڻ امروٽ شريف ايندو رهندو هو. مولانا تاج محمود، امروٽ ۾ ديني ادب جي اشاعت لاءِ هڪ پرنٽنگ پريس ”محمود المطالع“ قائم ڪري، ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ شايع ڪيو. مولانا امروٽي انگريزن جو سخت مخالف هو ۽ ڪنهن به انگريز جو منهن ڏسڻ پسند نه ڪندو هو.[1]

تصنيفون[سنواريو]

مولانا امروٽي سنڌي ٻوليءَ جو قادرالڪلام شاعر به هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير سندس اهم ۽ يادگار تصنيف آهي. سنڌيءَ ۾ سندس منظوم رسالو ”پريت ناما“ ۽ سورة ياسين جو منظوم ترجمو پڻ گهڻا مقبول آهن.[1]

ڪردار[سنواريو]

سندس موهيندڙ شخصيت ۽ حسن اخلاق، هندو توڙي مسلمان، ننڍي توڙي وڏي، ٻار توڙي ٻڍي، هر فرد کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ ڪيترن غير مسلمانن کي اسلام جي دائري ۾ آندو. جمعي جي نماز لاءِ شهر جي جامع مسجد ڏانهن ويندي، گهٽين ۾ هندو مرد، عورتون ۽ ٻار، دعا يا پاڻي پڙهائڻ لاءِ ٿانوَ کنيو سندن انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ ”شڌي“ پرچار به زور شور سان جاري هو ۽ ڪن متعصب هندن، مولانا امروٽيءَ خلاف شور مچايو ۽ مٿس ڪيس به ڪيا، جيڪي سالن جا سال هلندا رهيا. 1922ع ۾ انگريز سرڪار، بئراج جي واهن جي کوٽائي شروع ڪئي، تڏهن کيس اطلاع مليو ته واهن کوٽڻ جي رِٿ مڪمل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ڪي مسجدون به شهيد ٿينديون. اها خبر ٻڌڻ وقت، علالت جي بستري تي هوندي به هڪدم اٿي ويهي رهيو ۽ بلند آواز سان فرمايائين ته ”آهن ڪي مرد مجاهد، جي الله جي گهرن کي تباهيءَ کان بچائين، جن الله جي گهرن جي حفاظت ڪئي، انهن لاءِ آخرت ۾ گهر ٺهندو.“ کانئس بيماري وسري وئي ۽ جماعتين کي گهرائي، مسجدن جي تحفظ لاءِ پيغام موڪليائين. هن ڪوشش پٺيان هڪ پاسي شعائرالله (قديم آثار/ خدا جا نشان) کي بچائڻ ۽ انگريز سامراج سان ٽڪر کائڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ مقصود هو. هن مقصد ۾ مولانا امروٽيءَ کي آخر فتح حاصل ٿي ۽ ڪيتريون مسجدون بئراج جي زد کان بچايون ويون. مولانا امروٽيءَ کي سلوڪ جي چئني طريقن قادري، نقشبندي، چشتي ۽ سهرورديءَ جي فيض جي تلقين مليل هئي، پر قادري سلسلي تي خاص عبور حاصل هو ۽ اڪثر تلقين به قادري طريقي جي ڪندو هو.[1]

وفات[سنواريو]

چون ٿا ته انگريزن مولانا تاج محمد امروٽيءَ کي ڳجهيءَ طرح زهر ڏياريو هو، جنهن جي اثر کان ڪمزور ٿي، پاڻ 5 نومبر 1929ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]