مهپارا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مهپارا
Meh Parah
پيدائش Mahpara/Mehpara
حيدرآباد
پيشو فلمي ناٽڪڻ (اداڪارڻ)
سَرگَرمُ سالَ 1970
جيون ساٿي اقبال يوسف

ماهہ پارا / مهپارا (انگريزي ٻولي: Meh Parah) سنڌي فلمي اداڪارا هُئي.[1][2] هيءَ حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿي هئي. هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1968 ۾ سنڌي سنيما (سولي وڊ) فلم شهرو فيروز سان ڪيو هيو. هيءَ 1960 جي ڏهاڪو ۾ سنڌي، پنجابي ۽ اردو فلمن جي مشهور اداڪار هُئي. مهپارا مشتاق چنگيزي سان گڏجي هيروئن طور ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو. وفات. سنڌي فلمن جي هيءَ اداڪارا 13 جون 2020 ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، هن وقت هوءَ حيدرآباد ۾ آسودءِ خاڪ آهي.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

مهپارہ جو جنم سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو هيو.

ذاتي زندگي[سنواريو]

مهپارہ اقبال يوسف سان پرڻو ڪيو هيو، اقبال يوسف سان سندس شادي ٿيڻ کان تُرت ئي پوءِ هن فلم صنعنت (فلم انڊسٽري) ڇڏي ڏني هئي، سندس مُڙش 1999 ۾ فوت ٿي ويو هيو. پنهنجي مُڙس جي موت کانپوءِ هن پاڻ کي فلم انڊسٽري جي ساٿين سان رابطا جوڙيا ۽ مقامي پريس ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪيائين.

ڪيريئر[سنواريو]

هن کي فلم ۾ شيخ حسن متعارف ڪرايو هيو ۽ هن جي پهرئين فلم 1968 ۾ شهرو فيروز هُئي، جنهن ۾ هن هيروئن جو ڪردار نڀايو هيو. جنهنکانپوءِ هن سنڌي سينيما (سولي ووڊ) جي ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو. مهپارا پاڪستاني فلمي صنعت ۾ پڻ قدم رکيو، جنهن کي لالي ووڊ جي نالو سان سڏيو ويندو آهي، ان کان اڳ سنڌي فلمن ۾ هيروئن هُئي جنهن کي ساليووڊ (سوليوڊ يا سنڌي سينيما) سڏيو ويندو آهي. هن سنڌي فلم شهرو فيروز ۾ هيروئن جو مرڪزي ڪردار نڀايو، جنهن جي هدايتڪاري خادم بلوچ ۽ شيخ حسن ڪئي هئي. سنڌي سينيما جي فلم چانڊوڪي هن جي اڳئين فلم هُئي جيڪا 1969 ۾ ريليز ٿي هُئي، ۽ هيءَ ان فلم ۾ مشتاق چنگيزي سان گڏ هيروئن هُئي. سال 1960 جي ڏهاڪو ۾ اردو فلم انڊسٽري ڪيتريون ئي نيون فلمون تيار ڪري رهي هُئي ۽ هر فلمي صنعت جو اسٽار پاڪستاني فلم ڊائريڪٽرز سان گڏ اردو فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکندو هيو. مهپارا کي فلم شمع پروانا ۾ هڪ ڪردار مليو هيو، هيءَ فلم ڪراچي ۾ ٺاهي وئي هئي، ۽ نواب احمد ان فلم جهو هدايتڪار هيو. پنجابي سنيما ۾ مهپارا جي پهرئين فلم اصغرہ هُئي، هيءَ فلم 1971 ۾ جاري (ريليز) ٿي هئي ۽ ان جي هدايتڪاري خالد سعيد ڪئي هُئي. سال 1971 مهپارا جي لاءِ بهترين سال هيو جنهن ۾ هن سنڌي فلم ليليٰ مجنون ۾ ڪم ڪيو هيو، جنهن جي هدايت ڪاري ايس اي گفار ڪئي هُئي. سندس ٻئي فلم 1971 ۾ فلم آنسو هُئي، انهيءَ سال هن جي فلم اڪ سپيرا پڻ ريليز ٿي هُئي.

فلموگرافي[سنواريو]

  • مهپارا جي مشهور سنڌي فلمن ۾ شهرو فيروز 1968،[3] چانڊوڪي 1969، ليليٰ مجنون 1971 ۽ ٻيون هيون[1][1]
  • هن جي اردو فلمن ۾ شمع پارا، روڊ ٽو سوات جيڪا 1970 ۾ جاري (رليز) ٿي هُئي، روٺا نہ ڪرو 1971، آنسو 1971، اڪ سپيرا 1971، هل اسٽيشن 1972 هيون.
  • هن جي پشتو فلم يوسف خان شير بانو هُئي جيڪا 1970 ۾ رليز ٿي هُئي.
  • پنجابي فلمن ۾ شير پوتر 1971، اصغرا 1971، يار بادشاهہ 1971، ڪاسو 1972 هيون.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "Mahpara". pakmag.net. حاصل ڪيل 2020-03-20. 
  2. says, Alleem. "Mahpara – Cineplot.com". حاصل ڪيل 2020-03-20. 
  3. "Pakistan Film Database - پاڪستان فلم ڊيٽابيس - Lollywood Movies". pakmag.net. حاصل ڪيل 2020-03-20. 

ٻاهِريان ڳَنڍِڻا[سنواريو]