مشتاق چنگيزي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشتاق چنگيزي (انگريزي ٻولي: Mushtaq Changezi) سنڌي سينيما فلمن جو سپر اسٽار ليجنڊ اداڪار[1] ۽ ڊائريڪٽر هيو.[2][3] هي سنڌي ڊرامن, اسٽيج[4] ۽ ريڊيو جو آرٽسٽ پڻ هيو.[5] مشتاق چنگيزي کي سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار سڏيو ويندو هيو.[3][6]

شروعاتي زندگي[سنواريو]

مشتاق چنگيزي جو اصل نالو مشتاق ملاڻو هيو ۽ سندس اسٽيج نالو مشتاق چنگيزي هيو.[7] هي 1943 ۾ ناگو لائن ۾ سال 1943ع ڪوٽڙي، حيدرآباد ۾ محمد يعقوب جي گهر ۾ پيدا ٿيو هيو.[3] سندس پيءُ پوليس آفيسر هيو. مشتاق چنگيزي سنڌي ۽ پنجابي فلمن جي سپراسٽار اداڪارا چڪوري سان پرڻو ڪيو هيو.[7][3] ۽ پنجن سالن جي اندر سندن شادي واري زندگي پڄاڻي تي پهتي.[3] هي پنهنجي زال چڪوري کي لاهور وٺي ويو جتي چڪوري کي ڊائريڪٽر جاويد فاضل پنهنجي فلم گونج ۾ ڪاسٽ ڪيو. انکانپوءِ چڪوري هن سان واپس نه موٽي[3] ۽ هن کي جيل ۾ وڌو ويو جنهن کانپوءِ مصطفيٰ قريشي سندس سهائتا ڪئي ۽ کيس واپس حيدرآباد موڪليو جتي هن ٻيو پرڻو ڪيو.

هي مارچ 1، 2012 ۾ 70 سال جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، کيس ٽنڊو جهانيان سول لائينز، حيدرآباد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[8][3]

مشتاق کي هڪ زال ۽ ٽي پُٽ هيا.[9]

مشتاق چگيزي پنهنجي هڪ آتم ڪٿا (آٽوبائيوگرافي)-مان ڪير آهيان لکي هئي[3]

تعليم[سنواريو]

هن شروعاتي تعليم ڪوٽڙي ۾ حاصل ڪئ ۽ پوءِ حيدرآباد منجهان گريجوئيشن ڪئي.

فلمي ڪيريئر[سنواريو]

مشتاق ملاڻو (مشتاق چنگيزي) اسٽيج ڊرامن کان پنهنجي ڪيرئير جي شروعات ڪئي[3]

مشتاق چنگيزي پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1960/1968 ۾ فلم شهرو فيروز کان ڪئي.[8][7][3] ان فلم ۾ سندس ڪردار فيروز طور هيو ۽ ماهپارا سندس هيروئن هئي.هن کي پهرئين فلم منجهان 10هزار پگهار ملي. پنهنجي 30 سال جي فلمي ڪيرئير ۾ هن 60 فلمن ۾ هيرو جو ڪردار نڀايو.[10] فلمن ۾ اچڻ کان اڳ هي اسٽيج اداڪار هيو ۽ مذاقي (مسخرو، کلائيندڙ) وارو ڪردار نڀائيندو هيو. هن ڪُجھ اردو فلمن جهڙوڪ جاسوس (1977)، ڪِرن ڪَلي، ۽ ميرا نام جانِي ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. هن پنج فلمن جي هدايتڪاري ڪئي جِن ۾ اچ ته ڀاڪر پايون،[11] پرديسي ۽ پيار ۽ هو جمالو شامل آهن.[8][7] سال 2006 ۾ بهترين ڪارڪردگي لاءِ صدارتي ميڊل سان کيس نوازيو ويو هيو.[12]

هي سال 1960 ۾ حسن شيخ مرحوم جي فلم شهرو فيروز ۾ مزاح نگار جي ڪردار نڀائڻ جي لاءِ آڊيشن ڏيڻ ويو هيو، پر هن جي چمڪندڙ نهارَ (نظر) ان فلم جي هدايتڪار کي ڏاڍو مُتاثر ڪيو جنهن هن کي هيرو جو ڪردار ڏنو.[8]

فلم محبوب مٺا (1971) ۾ سندس هيروئن انيلا اعجاز هئي ۽ چڪوري ان ۾ سائيڊ رول ۾ هئي. اها فلم چڪوري جي پهرئين فلم هئي.[13][14]

سندس مشهور فلمن ۾ مٺڙا شال ملن، ليليٰ مجنون، چانڊوڪي ۽ پيارَ ڪَيو سيِنگارُ، سوڍا پٽ سنڌ جا، پيار تان صدقي، البيلي (فلم)، نوري ٺام تماچي  شامل هيون.[8][7] فلم محبوب مٺا جيڪا 1971 ۾ رليز ٿي هئي تنهن ۾ چنگيزي هيرو ۽ انيلا اعجاز هيروئن هئي ان فلم ۾ سائيڊ رول چڪوري ادا ڪيو ۽ اها چڪوري جي پهرئين فلم هئي. هن جي آخري فلم ميران جمالي (1990) هُئي.[7]

فلمن سميت هن ريڊيو تي صداڪار طور پڻ ڪم ڪيو.[7][8]

هن پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. هن سنڌي ڊرامو انوکا پنڌ ۾ اداڪاري ڪئي.

حوالا[سنواريو]

  1. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-01-12. 
  2. "Mushtaq Changezi". IMDb. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 ايڊيٽر. "مشتاق چنگيزي: سنڌي فلمن جو سُپر اسٽار!". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  4. "مصطفيٰ قريشي، مشتاق چنگيزي، شفيع محمد شاهه، انور سولنگي ۽ ٻين اسٽيج تي پڻ مڃرايو -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  5. "Reference in respect of popular film T.V. and Radio artist Mushtaq Changezi". sl.sindhila.org. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  6. "مشتاق چنگيزي : سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 7.6 "Mushtaq Changezi". Pakistan Showbiz. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 8.5 "Pakistani Artists -". pakmag.net. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  9. Newspaper, From the. "Mushtaq Changezi passes away". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  10. https://tribune.com.pk/story/344165/transitions-mushtaq-changezi-the-dilip-kumar-of-sindhi-cinema-dies-at-70/
  11. "اچ ته ڀاڪر پايون : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-12. 
  12. "صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزي فالج سبب بستري تي پيل". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  13. Newspaper, From the. "Career highlights of film star Chakori". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  14. "Pakistan Movie Database". www.pakmdb.com. حاصل ڪيل 2020-01-11.