مواد ڏانھن هلو

شهرو فيروز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شهرو فيروز (انگريزي: Shahroo Feroz) هڪ مشهور سنڌي فلم هئي جيڪا 18 آڪٽوبر 1968ع ۾ ڪراچيءَ مان رليز ٿي[1]. هيءَ فلم خادم فلمس ڪمپنيءَ پاران ٺاهي وئي هئي. هن فلم ۾ مشتاق چنگيزي هيرو ۽ ماه پارا هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو. ٻيا اداڪار جن هن فلم ۾ ڪم ڪيو تن ۾ حسن بانو، شڪيل لاسي، محمود لاسي، صالح محمد قوال، شيخ حسن، ملڪ انوکو، نوربانو ۽ شاڪر شامل هئا. مرحوم مشتاق چنگيزيءَ جي هيرو طور هيءَ پهرين فلم هئي[2]. هن فلم جو هدايتڪار شيخ حسن، پروڊيوسر خادم حسين بلوچ ۽ ليکڪ رشيد احمد لاشاري هو. هن فلم جي موسيقي غلام عليءَ ترتيب ڏني[3]. هن فلم ۾ حضرت سچل سرمست ۽ رشيد احمد لاشاريءَ جا ڪلام ۽ گيت روناليليٰ، دينا ليليٰ، تاج ملتاني، محمد يوسف، محمد ابراهيم ۽ سليمان شاھ جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.

حوالا

[سنواريو]
  1. "شهرو فيروز : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 01 مارچ 2020۔
  2. Tribune.com.pk (02 مارچ 2012), "Transitions: Mushtaq Changezi, the Dilip Kumar of Sindhi cinema, dies at 70", The Express Tribune (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 01 مارچ 2020۔
  3. "Pakistan Film Database - پاکستان فلم ڈیٹابیس - Lollywood Movies", pakmag.net, حاصل ڪيل 01 مارچ 2020۔