محمد قاسم مشوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولانا محمد قاسم مشوري لاڙڪاڻي جي قديم ديني درسگاهه، ”مدرسه اهل سنت والجماعت“ جو باني، مولانا محمد قاسم ولد حاجي محمد عثمان مشوري، هڪ بلند پايه جو عالم ۽ بزرگ شخص آهي. تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”مشوري“ ۾، ربيع الاول 1316ھ (1898ع) ۾ سندس ولادت ٿي. عمده العلماءُ ابولفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع - 1935ع) وٽان دستار فضيلت ٻــَڌائين. تاريخ 17 شوال 1340ھ مطابق 22 فبروري 1922ع کان ڳوٺ ۾ ”مدرسه قاسميه“ قائم ڪيائين سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي عالم وٽانئس فارغ التحصيل ٿيا آهن. علم تفسير، حديث، فقــہ، فتويٰ ۽ ميراث تي خاص دسترس رکي ٿو. وٽس وڏو ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ سـَـوَن جي تعداد ۾ قلمي نسخا موجود آهن. حديث، فقـہ، منطق ۽ ميراث متعلق وڏو علمي مواد وٽس موجود آهي. ازانسواءِ اسلامي تاريخ ۽ سيرت طيبه تي پڻ مستند ڪتاب سندس لائبريريءَ جي زينت بڻيل آهن. سنڌ خواهه هند، ايران، افغانستان، عربستان، مصر ۽ عراق کان به ڪتاب گهرائيندو رهي ٿو. سندس پويان ســُڄاڻ آهن، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جو هيءُ ڪتبخانو مثالي بڻجي پوندو. هڪ اندازي مطابق يارهن هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب هن ڪتبخاني ۾ محفوظ آهن. مدرسي کي پنهنجي پريس به آهي، جنهن ۾ سندس تصنيفات ڇپجنديون رهن ٿيون. سندس ڪتابن جو ڳاڻيٽو ٻاويهه آهي، جيڪي خالص ديني نوعيت جا آهن. خاص ڪري ”وعظ“ ۽ ”ميراث“ بابت سندس ڪتاب مدرسن کان علاوه ڪاليجن ۾ به پاڙهيا وڃن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ