مرزا عيسي خان ترخان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عيسي خان ترخان پھريون
سنڌ جو حاڪم
1575(۹۶۱ھ) کان 1587(۹۷۳ھ)
پيشرو شاھ حسن بيگ ارغون
جانشين مرزا باقي خان ترخان
جيون ساٿي ماھه بيگم (جيڪا شاھ حسن بيگ ارغون جي بيواهه ھئي)
نسل مرزا محمد صالح ترخان، مرزا جان بابا ترخان، مرزا باقي خان ترخان
مڪمل نالو
ميرزا عيسيٰ ترخان بن مرزا عبدالعلي ترخان بن ميرزا عبدالخالق ترخان بن ارغون خان
خاندان ترخان
شاھي خاندان ارغون گھراڻو
والد مرزا عبدالعلي ترخان
وفات ۹۷۴ھ
ٺٽو
تدفين مڪلي
مذھب اسلام

مرزا عيسي خان ترخان (انگريزي: Mirza Esa Khan Tarkhan) ميرزا شاهه حسن ارغون کانپوءِ ٺٽي جي حڪومت ۽ سلطنت تي ويٺو.[1]امير اڪوتمر جي اولاد جو ترخان ٿيڻ، هنن صفحن ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ميرزا عيسيٰ ترخان جو والد ميرزا عبدالعلي، سلطان محمود (899هه) بن ميرزا ابوسعيد (قتل 873هه) جي دؤر ۾ بخارا جو صوبدار هو، شيبان خان جي جنگ ۾ پنهنجي پٽن سميت قتل ٿي ويو. ميرزا عيسيٰ ترخان ان وقت ٻار هو، جنهن کي مير ذوالنون ارغون، پالي وڏو ڪيو. جيسين مير ذوالنون جيئرو هو، تيسين پاڻ سان رکيائينس (بلاخمن، ص 389) امير ذوالنون جڏهن پاڻ شيباني واري جنگ (913هه) ۾ قتل ٿيو ته ميرزا عيسيٰ ترخان سندس پونيرن سان ڳنڍيو آيو.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

شروعاتي ڏينهن[سنواريو]

تاريخ طاهري ۾ لکيل آهي ته، ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان جي تخت نشين ٿيڻ بعد، اُهي ارغون امير، جيڪي ميرزا شاهه حسن جا دست راست هئا ۽ جن عيسيٰ بيگ کي حڪومت ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو هو، سي هاڻي ميرزا جي مخالفت ڪرڻ ۾ مشغول ٿيا. ڪيبڪ خان، فرخ تيمور ۽ ٻيا امراء شراب پيئڻ کانپوءِ مست ٿي، ميرزا عيسيٰ جي حويلي جي در تي ايندا هئا ۽ در جي اڳيان قالينن کي گهوڙن جي سنبن سان پامال ڪري گهوڙن تان لهندا هئا. ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿيندو هو، جو هو ميرزا عيسيٰ جي حويلي واري دروازي کي، تيرن ۽ نيزن سان پروڻ وانگر نه ڪندا هئا. چوندا هئا ته ميرزا شاهه حسن جو خزانو تو وٽ آهي، سو هاڻي اسان کي ورهائي ڏي. ليڪن ميرزا عيسيٰ بيگ انهن بي وقارن کي نهايت حلم ۽ بردباري سان سمجهائي جواب ڏيندو هو ته منهنجو مال ۽ خزاني سان هرگز ڪو واسطو ناهي.

مرزا صالح ترخان[سنواريو]

ميرزا عيسيٰ پنهنجن پٽن مان وڏي پٽ ميرزا صالح ترخان کي وليعهد مقرر ڪري، مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ، ملڪي امور کي نبيرڻ لاءِ، مطلب ته سموريون حڪومت جون واڳون وغيره. وليعهد جي سپرد ڪيائين. بهرنوع رسمي بادشاهي کانسواءِ باقي پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکيائين[1].14 ماهه شوال 961هه جي سيوستان جي قلعي کي محمود خان بکري جي ماڻهن کان خالي ڪرائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين. جڏهن اها خبر سلطان محمود خان کي پئي تڏهن لشڪر ڪٺو ڪري، بکر مان نڪتو ته جيئن مرزا صالح ترخان سيکت ڏي. وري جڏهن اها سموري خبر ميرزا عيسيٰ ترخان کي پئي، تڏهن ٺٽي مان هڪ وڏي لشڪر سان نڪتو ته بکر کي فتح ڪري. محرم الحرام جي شروع ۾ 962هه ۾ بکر جي آسپاس اچي وارد ٿيو. سلطان محمود به هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيو. طرفين ۾ جنگ ٿي. ٻه ٽي دفعا جهڙپون ٿيون. جنهن ۾ طرفين جا ڪيترائي سپاهي قتل ٿي ويا. سلطان محمود کي جڏهن مقابلي جي باقي طاقت نه رهي، تڏهن هو بکر جي قلعي ۾ قلعه بند ٿي ويٺو ۽ هوڏانهن ميرزا عيسيٰ ترخان قلعي کي مضبوط گهيرو ڪري، تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کان قلعي ۾ ماڻهن جو ڪاروبار ۾ مشڪل ۽ خلل پيا. لاچار سلطان محمود خان بکري، مير معصوم بکري جي ڏاڏي سيد مير ڪلان کي، ميرزا عيسيٰ ترخان ڏي موڪليو. جنهن کيس حقوقِ آشنائي، دوستي ۽ اخلاص کان آگاهه ڪري، التماس ڪيو ته بکر سلطان محمود کي ڏي جو هندستان جي سرحد تي واقع آهي ۽ حقيقت ۾ آهي به هن جو، باقي سيوستان ماتحت نوڪرن ۽ رشته دارن سميت ميرزا عيسيٰ ترخان جو آهي. ان وچ ۾ خبر پئي ته فرنگي ، لاهري بندر کان، ميرزا عيسيٰ ترخان جي لشڪر جي مدد لاءِ آيا هئا پر ٺٽي شهر کي خالي ڏسي ڦرلٽ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي قيد ڪري شهر کي باهه ڏنائون. جنهنڪري موقعي جي لحاظ کان ميرزا عيسي! ترخان، سلطان محمود بکري جو عرض قبول ڪري، نئين سر عهدنامو ڪيو. اهڙي طرح جهيڙي کي نبيري، منزل بمنزل وڃي ٺٽي پهتو. جتي ملڪ جي عمارتن جي مرمت ۽ آبادي جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهڙي طرح مسندِ ڪامراني تي فارغ البالي سان حڪومت ڪندو رهيو.[1]پورچوگيزين پاران ٺٽي جي ڦرلٽ جو اهو واقعو 963هه/ 57-1556ع ۾ ٿيو. ان جو قصو هن ريت آهي ته: ميرزا عيسيٰ ترخان I بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش تي حملو ڪرڻ لاءِ پورچوگيزين کان مدد طلب ڪئي. پورچوگيزين جو ايڪيهن ٻيڙن ۾ ست سو جنگي سپاهين/ڦورن جو لشڪر پيڊروبئيريٽو جي ڪمان ۾ لاهري بندر کان سنڌوءَ درياءَ وسيلي ٺٽي پهتو. پورچوگيزين جي لشڪر پهچڻ کان اڳ ئي سلطان محمود ڪوڪلتاش ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان I ۾ ٺاهه ٿي ويو. اها ڳالهه ٻڌي پورچوگيزي ڪمان دار پيڊروبئيريٽو ڇتو ٿي پيو ۽ هن ٺٽي شهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ۽ قتلام شروع ڪيو، جنهن ۾ اٺ هزار ماڻهو قتل ٿيا، ٺٽي مان ٻن ملين پائونڊن (20 لک پائونڊن) جيتري ڦرلٽ ڪئي وئي. جڏهن ته سڄو شهر ساڙي خاڪ ڪيو ويو، ايشيا جي ملڪن ۾ ايڏي ڦرلٽ تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٿي. جڏهن ته پيڊروبئيريٽو جو هڪ ماڻهو به ڪونه مئو.[2]

مرزا باقيءَ جي سرڪشي[سنواريو]

967هه جي شروع ۾ ميرزا محمد باقي پيءُ سان سرڪشي ڪري باغي ٿيو. هن جي دعويٰ هئي ته آءٌ پيءُ جو وڏو پٽ آهيان ۽ وليعهد. ميرزا صالح اصولاً وليعهد نه ٿو ٿي سگهي، بهرحال نوبت جنگ تائين پهتي، ميرزا محمد باقي لڙائي ۾ شڪست کائي سوڍن جي رهائشگاهه، وَنگي ڏانهن ويو. جتي ساڻس جيڪي ارغون ٻڌل هئا سي پڻ سندس سنگت ۾ گڏجي عمرڪوٽ ۽ جيسلمير جي رستي کان بکر آيا، هتي ميرزا باقي، سلطان محمود بکري جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو. سلطان محمود به کيس مهرباني جي ڀاڪر ۾ وٺي مٿس نوازشون ڪري، سندس واجبي خاطر تواضع ڪئي. ميرزا عيسيٰ ترخان، فقط ميرزا محمد صالح ترخان جي دلداري خاطر، محمد باقي جي پٽ کي پڻ ٺٽي مان ڪڍي بکر ڏي موڪليو. جيتوڻيڪ ميرزا محمد باقي هندستان وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سلطان محمود خان انهي خيال کان ته متان هندستان کان ڪو لشڪر هيڏانهن آڻي ۽ پوءِ اهو لشڪر بکر مان ئي لنگهندو ۽ ممڪن آهي ته ملڪ جي نظام ۾ ڪو خلل پوي، سو انهي ڪري کيس هندستان وڃڻ کان روڪيندو آيو[1]

مرزا محمد صالح جو قتل[سنواريو]

970هه ۾ ميرزا محمد صالح ترخان کي هڪ مريد نالي بلوچ قتل ڪيو. قتل جو ڪارڻ اھو ھو تہ مرزا صالح ان مريد بلوچ جي قبيلي کي ڌاڙا هڻڻ ۽ چوريون ڪرڻ سببان قتل ڪيو ھو. مريد بلوچ داد خواهي جي رسم مطابق، ميرزا جي اچڻ واري رستي تي بيهي، هڪ عريضي هٿ ۾ جهلي، فرياد فرياد چوڻ شروع ڪيو. مرزا صالح هن کي پاڻ ڏي ويجهو سڏي ۽ گهوڙي تان جهڪي درخواست وٺڻ لڳو. جنهن تي هن مرزا جي گردن ۾ هٿ وجهي پيٽ ۾ خنجر هنيو، جنهن بعد موتمار ۽ ڪاري زخم کان هو وڃي رحمتِ حق سان وڃي مليو[1].

مرزا باقيءَ کي معافي[سنواريو]

مرزا صالح جي قتل کانپوءِ مرزا عيسيٰ ترخان، پنهنجي پٽ مرزا جان بابا کي پنهنجو وليعهد ڪيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، سلطان محمود بکري، مرزا باقي جي خطائن معاف ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي، جا قبول نه ٿي. ڪي امير جيڪي امير محمد باقي جا طرفدار هئا، تن مرزا عيسيٰ کي چيو ته، آدابِ گفتگو ۾ اها ڳالهه سٺي نه ٿي لڳي ته توهان جو فرزند، سلطان محمود جو ملازم هجي. مرزا عيسيٰ غيرت کان ڪنڌ کي هيٺ ڪري، جناب شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ مير يارمحمد، جيڪو مرزا عيسيٰ ترخان جو ڀاڻيجو هو، تن کي ميرزا محمد باقي کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليائين. هي ٻئي مرزا محمد باقي کي وٺي اچي، مرزا عيسيٰ جي خدمت ۾ مشرف ٿيا. مرزا عيسيٰ، سيوستان سندس جاگير ۾ مقرر ڪري کيس رخصت ڪيو.[1]

ارغونن جي سرڪشي[سنواريو]

مرزا عيسيٰ بيگ، نهايت متحمل ۽ بردبار هو پر ارغونن ساڻس بيوفائي ۽ سرڪشي ڪري، مخالفت ۽ لڙائي جي ميدان ۾ قدم رکيو. آخرڪار جڏهن صلح بعد ارغون درياء لنگهي رهيا هئا، تڏهن مرزا عيسيٰ جي ماڻهن اوچتو آتشبازي ڇوڙي، جنهنڪري هنن جا ڪيترائي ماڻهو تلف ٿيا ۽ باقي جيڪي بچيا سي شڪست کائي، پريشان ٿي بري حال ۾ بکر ڀڄي آيا ۽ سلطان محمود کي مدد لاءِ عرض ڪيائون. سلطان محمود هرهڪ کي گهوڙي ۽ خلعت سان سرفراز ڪري، پنهنجا ڳپل نوڪر ساڻ ڏيئي سيوستان ڏانهن روانا ڪيائين. سلطان محمود جي ماڻهن ارغونن سان ملي سيوستان جي قلعي جو محاصرو ڪيو. هڪ ٻه دفعا قلعي تي چڙهيا به پر ڪجهه ڪري نه سگهيا. جنهن بعد مرزا عيسيٰ ترخان به هڪ وڏي لشڪر سان ٺٽي مان نڪتو. هو پهريائين هڪ فوج کي موڪلي چڪو هو ته هو، دشمن جي فوج کي قلعي کان پري هڪالي ڪڍي ۽ پوءِ اُنهن جي پٺيان پون. ڳوٺ رفيان ۾ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائي جي باهه ڀڙڪي ۽ سلطان محمود جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا ، مرزا عيسيٰ ترخان پٺتي ٿي، ڳوٺ درٻيلي جي ويجهو قيام ڪيو، جتي قلعو ٺاهي جنگ ڪيائين. آخرڪار ماهه بيگم ۽ شيخ عبدالوهاب پوراني جي معرفت صلح ٿيو. ان بعد مرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي واپس ويو.

وفات[سنواريو]

974هه ۾ مرزا عيسيٰ ترخان وفات ڪئي . سڪرات کان ڪجهه وقت اڳ ۾، سندس مرضي هئي ته، ارغونن، ترخانن ۽ ملڪ جي امراء ۽ حڪماء کي روبرو گهرائي ته جيئن هو مرزا جان بابا جي وليعهدي جي فرمانبرداري ڪن پر ماهه بيگم منع ڪيس ۽ ان مرزا باقيءَ کي نياپو ڪري گھرايو. مرزا عيسيٰ ترخان چوڏنهن سال حڪومت ڪئي[1].مڪلي ۾ سندس مقبري جي ڪتبي تي تاريخ وفات 973 ھجري لکيل آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب ٺٽي جا ڪاتب: از محمد عبدالغفور، پهريون ايڊيشن 2004ع ص. 12-13. سنڌي ادبي بورڊ،