شاھ حسن بيگ ارغون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاھ حسن بيگ ارغون
سنڌ جو حاڪم
1543 کان 1575(961ھ)
پيشرو شاھ بيگ ارغون
جانشين مرزا عيسي خان ترخان
جيون ساٿي ماھه بيگم (جيڪا سندس ڀاءُ محمد مقيم جي بيواهه ھئي پوء سندن نڪاح ۾ آئي)
پورو نالو
مرزا شاهه حسن بيگ ارغون بن شاھ بيگ بن امير ذوالنون بن امير بصري
گهراڻو ارغون
شاھي گھراڻو ارغون گھراڻو
پيءُ شاھ بيگ ارغون
لاڏاڻو 12 ربيع الاول961 ھ
علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ ٺٽي کان 20 ڪوھ جي فاصلي تي
تدفين پھرين امانت طور مڪلي ۾ ۽ ٻن سالن بعد مڪي شريف ۾ پيء جي قبر ڀرسان
مذھب اسلام

مرزا شاھ حسن بيگ ارغون(انگريزي: Mirza Shah Hassan Beg Argun)پنهنجي والد شاهه بيگ جي وفات کانپوءِ مسندِ حڪومت تي ويٺو. اها رسم ماهه رمضان جي آخر ۾ ٿي ۽ عيد تي ظهيرالدين محمد بابر جي نالي سان خطبو پڙهيو ويو ۽ عيد جا ڏينهن اتي (نصرپور ۾) گذاريائين. ان وچ ۾ خبر پئي ته، شاهه بيگ جي وفات کانپوءِ، ڄام فيروز ۽ ٺٽي جي ماڻهن خوشيءَ جا نقارا وڄائي جشن ڪيو آهي. اميرن ۽ وزيرن گجرات هلڻ ۾ مصلحت نه ڏسي ٺٽي فتح ڪرڻ ۽ ڄام فيروز جي پاڙ پٽڻ لاءِ سفر کي طئي ڪيو جڏهن ڄام فيروز، ميرزا شاهه حسن جي اچڻ جي خبر ٻڌي تہ مقابلي جي طاقت ۽ لڙائيءَ جو تاب نه ساري ڀجي وڃڻ کي ترجيح ڏنائين. ٿوري ئي وقت ۾ ٺٽي جو شهر خالي ڪري، درياءَ ڏي رخ ڪيائين. ناڪام، ڪيچ جي ملڪ طرف وڃي رهيو. ميرزا شاهه حسن فاتح ٿي، ٺٽي ۾ داخل ٿيو.[1]سنڌ ۾ ارغون خاندان جو ٻيو بادشاهه ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون هو. جيڪو 928ھ ۾ پنهنجي پيءُ شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ نصرپور ۾ تخت حڪومت تي ويٺو. هن چوٽيهه سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. هي بهادري ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو.[1]

بابر وٽ ملازمت[سنواريو]

ميرزا شاهه حسن اڃا ننڍو هو ته (921ھ) ڪنهن ڳالهه تان پنهنجي والد شاهه بيگ کان ڪاوڙجي، بابر بادشاهه ڏي ڪابل هليو ويو. جتي هن جي ملازمن ۾ داخل ٿيو. بابر جهڙو تجربيڪار ۽ عقلمند بادشاهه، شاهه حسن جي هوشياري ۽ عقلمندي کي ڏسي پنهنجي مصاحبن کي اڪثر چوندو هو ته:

”- شاهه حسن اسان وٽ ملازمت لاءِ نه آيو آهي بلڪ هو انهي ڪري آيو آهي ته هو اسان کان حڪومت هلائڻ جا آداب ۽ قوائد سکي.-“

شاديون[سنواريو]

ميرزا شاهه حسن ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي پنهنجي چاچي ميرزا محمدمقيم جي دختر ماهه بيگم سان ڪيائين، جيڪا سندس سڳي سؤٽ هئي. هن مان هڪ نياڻي چوچڪ بيگم ٿيس جا ميرزا ڪامران سان پرڻايائين. جڏهن ميرزا ڪامران حرمين شريفين ويو تڏهن چوچڪ بيگم به ساڻس گڏ هئي، مڙس جي وفات جي ستن مهينن گذرڻ بعد چوچڪ بيگم به اُتي وفات ڪئي ۽ دفن به اُتي ئي ٿي. شاهه حسن ٻي شادي بابر بادشاهه جي امير، مير خليفي جي دختر ۽ محب علي خان جي همشيره گلبرگ بيگم سان ڪئي. ليڪن زال مڙس جي وچ ۾ اڻبڻت هئڻ سبب ٻن سالن گذرڻ بعد ٻنهي جي وچ ۾ جدائي ٿي. جنهن بعد گلبرگ بيگم همايون بادشاهه سان شادي ڪئي ۽ تادمِ حيات هن سان گڏ هئي. سندس قبر دهلي ۾ آهي. ميرزا شاهه حسن کي، ميرزا ابوالمنصور نالي هڪ فرزند ڄائو جيڪو ٻن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو[1].

ڄام فيروز سان جنگ[سنواريو]

ڄام فيروز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ ۾ پهچي اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا سنڌي ۽ سمان گڏ ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٺٽي جي شهر ۾ زلزلي جهڙو شور مچي ويو. جڏهن ميرزا شاهه حسن کي صورتحال جي خبر ئي تڏهن ڪجهه لشڪر ٺٽي شهر جي حفاظت لاءِ موڪلي ۽ ڪجهه درياءُ پار ٿي منزلون ڪندو، ڄام فيروز سان لڙائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. جڏهن انهن حدن کي ويجهو ٿيو تڏهن لشڪر کي تربيت ڏئي اڳتي وڌيو ته اوچتو مخالفن جو لشڪر سامهون ظاهر ٿيو. جڏهن انهن ماڻهن مغلن جو لشڪر ڏٺو، تڏهن هڪدم گهوڙن تان لهي، مٿن تان پٽڪا لاهي، چادرن جا پلاند هڪٻي سان ٻڌي جنگ شروع ڪيائون. سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جو اهو قاعدو آهي ته جڏهن پاڻ، سرڌڙ جي بازي لڳائي ڪسجڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن گهوڙن تان لهي، ننگا سر ڪري، چادرون ۽ ڪمربند هڪٻئي سان ٻڌندا آهن. عاقبت الامر، ميرزا شاهه حسن صورتحال جو معائنو ڪري، پنهنجي اميرن کي فتح جي مبارڪ ڏني ۽ سپاهين کي تير و ڪمان هٿ ۾ کڻڻ جو ارشاد ڪيائين. اميرن ۽ سپاهين تراريون تيزي سان کڻي حملو ڪيو ۽ دشمن جي لشڪر ۾ زلزلو آندو. صبح کان شام تائين معرڪئه قتال و جدال گرم رهيو. اٽڪل ويهه هزار ماڻهو ميدان ۾ مارجي ويا. آخر ڄام فيروز کي شڪست آئي ۽ هو ناڪامياب ٿي گجرات هليو ويو جتي حياتي جا باقي ڏينهن گذاري فوت ٿي ويو

بکر ۾ واپسي[سنواريو]

ميرزا شاهه حسن اتان موٽي ٺٽي شهر ۾ منزل ڪري، فتح ۽ ڪاميابيءَ سان تغلق آباد ۾ قيام پذير ٿيو. ڇهن مهينن کانپوءِ، بکر ھليو ويو. شيخ ميرڪ پوراني، قنڌار مان سنڌ اچي سندس ملازمت سان منسلڪ ٿيو.

اچ ۽ ملتان جي فتح[سنواريو]

ٻن سالن کانپوءِ ميرزا شاهه حسن 930ھ ۾ ملتان کي فتح ڪرڻ جي ارداي سان لشڪر تيار ڪيو. 931ھ جي شروع ۾ ميرزا شاهه حسن ملتان جي طرف روانو ٿيو. جڏهن اُچ ۾ پهتو، ته بلوچ ۽ لانگاهه لڙائي ڪرڻ لاءِ آيا ۽ ملتان جو لشڪر ميرزا شاهه حسن جي لشڪر کان سئوڻو هو. سخت لڙائي لڳي. آخرڪار ميرزا شاهه حسن کي فتح ٿي ۽ لانگاهن جو ڪيترو لشڪر قتل ٿي ويو. اُچ جو قلعو فتح ٿيو ۽ ميرزا شاهه حسن اُچ جي عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم صادر ڪيو.ان کانپوءِ ملتان جي محاصري بعد ملتان جي فتح ٿي.ٻن مهينن تائين ميرزا شاهه حسن ملتان ۾ ترسيو. دوست ميرزا ۽ خواجه شمس الدين کي ٻه سؤ سوار ۽ هڪ سؤ پيادا، سؤ توبچي ڏئي، ملتان جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ هڪ عرضداشت بابر بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي ملتان جي پيشڪش ڪري، بکر واپس آيو ۽ پوءِ بکر کان ٺٽي روانو ٿيو. هر طرف کان مطمئن ٿي شهر ۾ داخل ٿيو[1].

وفات[سنواريو]

پوئين وقت بکر ويو ھو ۽ ٺٽي واپسي دوران تاريخ 12 ربيع الاول 961ھ جي ٺٽي کان ويهه ڪوهه پري، علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين. هن ٻٽيهه سال حڪومت ڪئي. ماهه بيگم ۽ شيخ عبدالوهاب لاش کي ٺٽي ۾ آڻي، مڪلي جي ٽڪري تي، ٻن سالن لاءِ بطور امانت جي، دفن ڪيو. ٻن سالن گذرڻ بعد ميرزا عيسيٰ ترخان جناب مير سيد علي شيرازي ۽ ماهه بيگم جي هٿان ميرزا شاهه حسن جي لاش کي مڪي معظم ڏانهن موڪليو، جتي پنهنجي پيءُ (ميرزا شاهه بيگ ارغون) جي قبر ڀرسان سپرد خاڪ ٿيو.[1]ميرزا شاهه حسن 896ھ ۾ تولد ٿيو. 66 سال جيئرو رهيو. 34 سال حڪومت ڪري سومر ڏينهن تاريخ 12 ربيع الاول 962ھ جي سومهڻي وقت علي پوٽي پتڻ، تعلقه سيوهڻ وٽ ٻيڙي ۾ لاولد ٿي وفات ڪيائين. ميرزا شاهه حسن جو لاش ٺٽي کڻي ويا، جتي دريا جي ڪناري تي مير احمدولي جي حويلي ۾ بطور امانت جي دفنائي، ٽن مهينن گذرڻ بعد مڪلي جي ٽڪري تي هڪ عمارت تعمير ڪرائي وري اتي دفن ڪيائون. ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان ۽ ٻيا سمورا ارغون، خواهه ترخان امير، ماتمي لباس پهري ميرزا جي تابوت پويان دفن گاهه تائين پياده پا گڏجي هليا. ٻن سالن جي گذرڻ بعد وري اُتان، لاش کڻائي مڪه معظمه ۾ سندس والد شاهه بيگ جي ڀرسان اتر طرف دفن ڪيائون ۽ اتي مڪي شريف ۾ سهڻي عمارت تعمير ڪرايائون جا مشهور هئي[2].962ھ ترڪي ٻيڙي جو اميرالبحر سيدي علي رئيس، ڏهين صدي هجري جي ٽين چوٿائي جي شروع ۾ سنڌ ۽ هند ۾ پهتو، جنهن بابت هن پنهنجو سفرنامو لکيو آهي. هي سنڌ ۾ ان وقت پهتو، جڏهن شاهه حسن ارغون جي اوج جو ستارو غروب ٿي چڪو هو. ازانسواءِ علي رئيس، حاجي ماهه بيگم تي الزام لکيو آهي ته هن پنهنجي مڙس ميرزا شاهه حسن کي زهر ڏنو هو ۽ عدت گذرڻ بعد جلدئي ميرزا عيسيٰ ترخان سان نڪاح ڪيو. بهرنوع هي ترڪي اميرالبحر تاريخ 20 ربيع الاول کان 15 شعبان 962ھ تائين جمله پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن سنڌ ۾ رهيو. هن ميرزا شاهه حسن، ميرزا عيسيٰ ترخان، ميرزا سلطان محمود ۽ ٻين سمورن اميرن سان روبرو ملي ڳالهايو ۽ ڏٺو، علي رئيس، ميرزا شاهه حسن جي قطعه تاريخ وفات، ترڪي ٻولي ۾ چئي جا بکر ۾ ميرزا مرحوم جي وزير ملاياري ۽ ميرزا سلطان محمود بکري کي ٻين تحفن سان ڏنائين. هي اميرالبحر هئڻ سان گڏ ترڪي ۽ چغتائي ٻولين جو پڻ شاعر هو ۽ تخلص ”ڪاتبي“ ڪيائين.علي رئيس، ميرزا شاهه حسن جي وفات سومر ڏينهن تاريخ 9 جمادي الاول 962ھ (1- اپريل 1555ع) ٻڌائي ٿو، جا نهايت گهڻي ڀاڱي زياده درست آهي. جيئن ته مير معصوم بکري پنهنجي تصنيف ۾ سومر ڏينهن 12 ربيع الاول 962ھ لکي آهي. ميرزا شاهه حسن جي زندگي جا آخري چند سال نهايت پريشاني ۾ گذريا. هو خود معذور ٿي چڪو هو. فالـج جي حملي سببان حڪيمن هدايت ڪئي ته ميرزا ٻيڙي ۾ سوار ٿي درياءُ ۾ زندگي بسر ڪري. جنهنڪري ميرزا شاهه حسن اڪثر اوقات مرڪز بدران سفر حضر ۾ بسر ڪندو هو. نتيجي ۾ جتي ٺٽي جي يڪجهتي ختم ٿي، اتي سندس دربارون ۽ محفلون به درهم برهم ٿي ويون. هن جي پنهنجي ئي نوڪرن ۾ انتشار پيدا ٿيو ۽ (959-960ھ) کان عام بغاوتون ٿيڻ لڳيون. اميرن پاڻ ۾ جهيڙا ڪرڻ شروع ڪيا. جنهنڪري هن جي پنهنجي قبيلي جا ماڻهو ۽ هن جا آورده ساٿي کانئس بيزار ٿي ويا. اهڙي بدامني جي عالم ۾، ماهه محرم (962ھ) جي شروع ۾ ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان دارالسلطنت ٺٽي ۾ (Cotat upde) آڻي شهر تي قبضو ڪيو، جيتوڻيڪ بعد ۾ بظاهر ميرزا عيسيٰ ترخان، شاهه حسن ارغون سان (ربيع الاول 962ھ) صلح ڪيو. ليڪن ميرزا عيسيٰ جو اڃان ٺٽي تان ئي قبضو ختم نه ٿيو هو ته ميرزا شاهه حسن (بروز سومر 12 ربيع الاول 962ھ) ۾ پنهنجي جان، جانِ آفرين جي سپرد ڪري هر خرخسي ۽ خدشي کان نجات حاصل ڪئي. ارغونن جي حڪومت جي آفتاب غروب ٿيڻ بعد ترخانن جي حڪومت جو بنياد پيو. هن خاندان جو پهريون فرمانروا ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان هو، جيڪو غره ماهه جمادي الاول (962ھ) جي تخت نشين ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. (تاريخ معصومي، ص 231)