مرزا باقي خان ترخان
مرزا محمد باقي خان ترخان | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو حاڪم | |||||
1587(973) کان 1607 (993ھ) | |||||
پيشرو | مرزا عيسي خان ترخان | ||||
جانشين | مرزا پائيندہ بيگ ترخان(براء نام) مرزا جاني بيگ ترخان(اصل حاڪم) | ||||
جيون ساٿي | رائحہ بيگم (مرزا شاھ حسن بيگ ارغون جي ڀاء ۽ ماھه بيگم جي ڏھٽي ۽ ناھيد بيگم جي ڌيء ) | ||||
نسل | مرزا پائيندہ بيگ ترخان | ||||
| |||||
گهراڻو | ترخان | ||||
شاھي گھراڻو | ترخان گھراڻو | ||||
پيءُ | مرزا عيسي خان ترخان | ||||
ماءُ | ماھه بيگم(ويڳي ماء) | ||||
لاڏاڻو | 993ھ ٺٽو | ||||
تدفين | مڪلي | ||||
مذھب | اسلام |
مرزا محمد باقي ترخان(انگريزي: Mirza Muhammad Baqi Tarkhan) ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي مرزا محمد باقي ترخان ويٺو. هو جابر حاڪم هو[1].
ٺٽي جي ارغونن جي شورش
[سنواريو]حڪومت جي شروعات ۾ حڪومت جي اختياري جون واڳون مير قاسم بيگلار ۽ مير جوجڪ وغيره جي سپرد ڪيائين. ٻئي طرف ارغون نهايت بيباڪ هئا بلڪ بي پرواهي ۽ ڏاڍائي پئي ڪيائون. تان جو نوبت ايستائين پهتي جو مرزا محمدباقي جي شهر واري ڪوٽوال کي منع ڪندا رهيا ته هو، مرزا محمدباقي جي ماڻهن کي محلئه مغلواڙه، محلئه ميرزائي ۽ محلئه اگر ۾ نه اچڻ ڏي. ڇو جو اڌ شهر جو مرزا بازار ۾ شامل آهي ۽ اتر طرف جو تعلق مرزا محمد باقي سان آهي ۽ ڏکڻ طرف جي بازار جو اسان سان واسطو آهي. هاڻي ته اشارا يا مخفي طرح به نه، بلڪ صاف صاف ظاهري طور، مرزا محمدباقي ڏي پيغام موڪليائون ته، جيڪڏهن خزاني ۽ ملڪ مان، اڌو اڌ ڪري، اسان کي ڏيندي ته اسان به تنهنجي حاڪميت قبول ڪنداسين، ورنه جنگ لاءِ تيار ٿي.[1] هن پهرين پنهنجي مصاحبن ۽ خاصخيلين سان صلاح ڪئي، جهڙوڪ ميان خليل مهردار (1) ۽ خسرو خان وغيره جن سان طئي ٿيو ته، ٻه هزار جنگي جوان سنڌي ڳوٺن مان جن ۾ ميربحر شامل ھئا آڻي قلعي ۾ رهايو. ٻئي طرف کين خزانو ورھائڻ جي بھاني قلعي ۾ گھرايو ۽ قلعي جا در بند ڪرائي انھن جو قتل عام ڪرايو ۽ پوءِ ٺٽي ۾ ارغونن جو قتل عام ٿيو باقي ارغون اتان ڀڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويا انھن مان ڪي بکر ھليا ويا[1].
مرزا جان بابا جي بغاوت
[سنواريو]975ھ ۾ مرزا جان بابا جيڪو مرزا عيسيٰ ترخان جو وليعهد هو، تنهن حڪومت جي دعويٰ ڪئي ۽ هر طرف کان خاصو لشڪر جمع ڪري ٺٽي جي ويجهو پهچي، ميرزا محمدباقي جي ڪئمپ جي سامهون، کاهي، کوٽي مورچا هڻي جنگ شروع ڪئي. جڏهن طرفين ۾ جنگ جي باهه جو ڀڙڪو روشن ٿيو، تڏهن ٻئي لشڪر ميدانِ جنگ ۾ دوبدو ٿيا. مرزا جان بابا جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ مرزا جان بابا پاڻ لڪائي شب خون ڪيائين شاهه قاسم بيگلار جي مدد سان مرزا باقي تي حملو ڪرايو جنھن ۾ سندس زال زخمي ٿي پئي پر پاڻ بچي ويو. رائحہ بيگم کي اوندھ ۾ زخمي ٿيندي ڏسي سمجھيو ويو تہ مرزا باقي مارجي ويو.مرزا محمد باقي جي لشڪر ۾ پڻ تفرقو مچي ويو پر جڏهن مرزا محمدباقي جڏهن ظاھر ٿيو تڏهن سندس لشڪر ۾ سندس سلامتي وارو نقارو وڄايو ويو، جنهن کان سڀني کي خبر پئجي وئي ته ميرزا محمد باقي جيئرو آهي. جنهن بعد اهل لشڪر وري پنهنجون تلوارون هٿن ۾ ڪري، ميرزا جان بابا جا ماڻهو ڪثرت سان قتل ڪيا ۽ اوترائي ماڻهو ميرزا محمدباقي جا به قتل ٿيا. ميرزا جان بابا لشڪر مان نڪري سميجن جي لشڪر طرف رخ ڪيائين ۽ هڪ سال اتي گوشئه تنهائي ۾ رهيو[1].ميرزا جان بابا جو لشڪر منتشر ٿي ويو هو، انڪري جو هو، جهنگلن ۾ مسافرن وانگر رُلندي، ملول ٿي چڪو هو. هن جو رفيق نالي هڪ غلام به هو، جيڪو ميرزا جان بابا جو محرمِ راز پڻ هو. تنهن هي پيغام خفيه طور، ميان سيد علي شيرازي کي موڪليو، جيڪو پنهنجي وقت جي ”اڪابرِ عظام“ مان هو ۽ ”شيخ الاسلام“ پڻ هو، ته جيڪڏهن ميرزا محمد باقي اسان جي گناهن کي درگذر ڪري ۽ قرآن مجيد تي قسم کڻي ته هو اسان کي ڪنهن به قسم جو ايذاءُ نه رسائيندو ته اسين هن جي ملازمت ۾ اينداسين. سيد علي شيرازي، مختصر احوال، ميرزا محمد باقي سان ڪيو. جنهن تي ميرزا محمد باقي مڪر ۽ فريب جا ڳوڙها اکين ۾ آڻي چيو ته ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان منهنجا ٻه بازو آهن ۽ قرآن مجيد هٿ ۾ جهلي، ڪلام رباني جو قسم کڻي چيائين ته ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان سان ملاقاتي ٿيڻ بعد، هنن کي ڪنهن به قسم جو جاني ۽ مالي نقسان نه رسندو ۽ آءٌ هنن جي رعايت ۽ تربيت ۾ ذرو به ڪسر نه ڇڏيندس. آخر انهي نبيري بعد 979ھ جي سيد علي شيرازي وچ ۾ پئي صلح ڪرايو ۽ ميرزا محمدباقي جي چوڻ تي ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان، اعتبار ڪري ميرزا محمدباقي وٽ پيش ٿيا جن کي باقي خان مارائي ڇڏيو[1]
وفات
[سنواريو]آخر 993ھ ۾ تلوار ۽ خنجر سان پاڻ کي زخمي ڪري پنهنجو ساهه قابضِ ارواح جي سپرد ڪيائين. هن جي حڪومت ۽ سلطنت جي مدت سترنهن سال هئي[1].