مرزا عبدالعلي ترخان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مرزا عبدالعلي ترخان
مغلن جو سنڌ جو گورنر
1021ھ
پيشرو خسرو چرڪس
جانشين مرزا رستم قنڌاري
ريجنٽ شھنشاھ جھانگير
پورو نالو
مرزا عبدالعلي پٽ مرزا فرخ بن مرزا شاهه رخ بن مرزا باقي
پيءُ مرزا فرخ
مذھب اسلام

مرزا عبدالعلي ترخان(انگريزي: Mirza Abdul Ali Tarkhan)ترخان نامي ۾ آهي ته صغير مرزا عبدالعلي پٽ مرزا فرخ بن مرزا شاهه رخ بن مرزا باقي کي کڻي تخت جو وارث بڻايائين، جيئن ارغون ۽ ترخان به چپ رهندا ۽ جهانگير به ان جي جانشيني کي قبول ڪندو، پر ان جي چال جي خبر جهانگير کي پئجي ويئي ۽ ٺٽي جو صوبيدار مرزا رستم قنڌاري کي ڪري موڪليائين، پر ان کان اڳ مير عبدالرزاق معموري کي روانو ڪيائين، جيئن خسرو چرڪس کان دم دلاسن سان ٺٽي جي حڪومت وٺي، مير عبدالرزاق ٺٽي پهچي خسرو خان جو پنج سؤ وظيفو مقرر ڪيو ۽ جڏهن مرزا رستم قنڌاري ٺٽي پهتو ته خسرو خان ۽ مرزا غازي جي ٻارن ٻچن کي وٺي جهانگير جي درٻار ۾ آيو. جهانگير، خسرو، عبدالعلي کي جيل ڀيڙو ڪيو ۽ مرزا غازي جي ويجهن ملازمن کي انعامن سان نوازيو. عبدالعلي ۽ ڀائي خان کي نور جهان بيگم جي چوڻ تي آزاد ڪيو ويو. عبدالعلي جو وظيفو مقرر ٿي آصف خان جي حوالي ڪيو ويو ۽ جوان ٿي ڪو منصب ماڻيائين[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي