مرزا جاني بيگ ترخان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مرزا جاني بيگ ترخان
سنڌ جو حاڪم
پيشرو * مرزا پائيندہ بيگ ترخان(سنڌ جو حاڪم)
جانشين مغلن جا گورنر دولت خان لوڌي
پورو نالو
مرزا جاني بيگ پٽ پائيندہ بيگ ترخان
گهراڻو ترخان
شاھي گھراڻو ترخان گھراڻو
پيءُ مرزا پائيندہ بيگ ترخان
لاڏاڻو 27 رجب 1009ھ
تدفين مڪلي
مذھب اسلام

مرزا جاني بيگ ترخان(انگريزي: Mirza Jani Beg Tarkhan)پنهنجي پيءُ (ميرزا پائينده بيگ) جي جيئري ئي مسندِ سلطنت ۽ حڪومت تي ويٺو. جيئن ته ميرزا جاني بيگ، ميرزا محمدباقي جو پوٽو هو، تنهنڪري سمورن ارغونن ۽ ترخانن يعني حڪومت جي اميرن ۽ مصاحبن، ميرزا جاني بيگ جي فرمانبرداري مڃي.[1]

عزيزن سان سلوڪ[سنواريو]

مرزا عيسيٰ ترخان ٻيون پٽ جان بابا ترخان، جيڪو ميرزا محمدباقي جي خوف کان سميجن جي لشڪر ۾ وڃي لڪو هو، تنهن کي ميرزا جاني بيگ هزارن حيلن ۽ دلاسن سان نهايت عزت ۽ احترام سان ٺٽي ۾ آندو ۽ پنهنجي پڦي جو هن سان نڪاح وڌائين ۽ هن لاءِ جاگير، منصب جدا مقرر ڪيائين. مرزا شاهه بابا ابن مرزا جان بابا ترخان کي به هندستان وڃڻ کان روڪي، هن تي نوازشون ۽ ڪرم نوازيون ڪري هن کي سندس لائق تحفا ڏئي، ٺٽي روانو ڪيائين ۽ حڪم ڪيائين ته سندس ننڍي پڦيءَ سان شاهه بابا جو نڪاح ڪيو وڃي.

مغلن سان جنگن جو پھريون دور[سنواريو]

ماھ ربيع الاول 994ھ جي اڪبر بادشاهه، صادق محمدخان کي بکر جي حڪومت تي متعين ڪري، پڻ ٺٽي جي فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو[1]. جڏهن صادق محمد خان، ذي الحج 994ھ ۾ سيوستان کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن مرزا جاني ترخان، ان خبر جي ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي فوجي بهادرن جي لشڪر کي موڪليو. ڳوٺ پاٽ ۾ ٻئي لشڪر دوبدو مليا ۽ سخت جنگ لڳي، طرفين جا ڪيترائي ماڻهو جنگ ۾ مارجي ويا، ميرزا جاني بيگ ترخان جي طرف کان چند مشهور نوجوان جهڙوڪ: سلطان محمود پربندق ۽ مير ڪوچڪ بن سبحان قلي وغيره مقتول ٿيا ۽ رستم بدر دستم قيد ٿيو. محمد صادق خان کي فتح ٿي. سبحان قلي ارغون لشڪر جو سپهه سالار هو ۽ درياءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو قلعو ٺهرايائين ۽ مذڪوره قلعي کي پڻ جنگي هٿيارن سان سينگاريائين. ان قلعي جي هيٺان ڪيتريون ئي ڊونڊيون (ننڍيون ٻيڙيون) بيٺل هيون. سو موقعو ڏسي، سبحان قلي خان ارغون هڪ ڊونڊي ۾ سوار ٿي، ٻيو دفعو جنگ جي ارادي سان نڪتو.نهايت بهادري ۽ جوان مردي سان وڙهيو، ٻنهي طرفن جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا. سبحان قلي ارغون، سپهه سالار کي ٻن ڊوندين سميت، صادق محمدخان جي ماڻهن گرفتار ڪيو، انهيءَ فتح کانپوءِ، صادق محمد خان سيوستان جي قلعي کي گهيرو ڪيو. جڏهن محاصره کي چڱو وقت گذريو، تڏهن قلعي جي ديوار ۾ شگاف ڪري کوٽي، فصيل واري دروازي کي قلعي جي اڳيان بيهاريائون. جنهن بعد قلعي ۾ رهندڙن يڪدم ٻي ديوار ٺاهي ورتي.ان گھيري وقت دھلي فتح جي خبر موڪلي صادق خان اڪبر بادشاھ کان ٺٽي تي حملي جي اجازت گھري. ان وچ ۾ مرزا جاني بيگ جا اڪبر بادشاھ لاءِ تحفا سندس درٻار پھتا ۽ ان جي درٻار ۾ ٺٽي جي عالم جلال الدين شيرازي جي ڪردار ادا ڪرڻ سان اڪبر صادق خان کي واپس بکر موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ مرزا جاني بيگ لاء خلعت ۽ ھاٿي موڪليائين[1].

مغلن سان جنگن جو ٻيو دؤر[سنواريو]

998ھ ۾ حضرت جلال الدين محمداڪبر بادشاهه دارالسطنت لاهور آيو کيس اطلاع مليو تہ جاني بيگ مستقل بادشاهت جو ارادو ڪري ٿو جنھن تي نواب خان خانان کي هڪ ڪثير فوج سان ٺٽي ولايت جي فتح ڪرڻ لاءِ متعين ڪيو ويو. نواب خان خانان پهرين بکر ۾ اچي، ٺٽي ۾ جنگ جي سامان ۽ جنگ جي ذخيره وغيره کي گڏ ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. ازنسواءِ گرم هوائن ۽ درياءَ جي ٻوڏن سبب ڪجهه ڏينهن بکر ۾ قيام ڪيائين. جڏهن هوا ۾ اعتدال ٿيو، تڏهن ٺٽي ولايت ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين[1]. جڏهن ميرزا جاني بيگ، سيوستان کي ويهن ڪوهن تي پهتو، تڏهن بختيار خان سيوستان جي قلعي جو محاصرو ترڪ ڪري، ميرزا جاني بيگ سان جنگ ڪرڻ لاءِ متوجه ٿيو ۽ خان خانان جو موڪليل لشڪر سو به لڪي واري جبل جي ويجهو پهتو. ميرزا جاني بيگ سان سٺ هزار سوار هئا، تن مان ڏهن هزار جوانن جو ۽ پڻ ٻين ڪيترن پيادن سپاهين جو انتخاب ڪري سمورا لڪي جبل وٽان،درياءَ جي رستي ننڍين ٻيڙين ۽ توبن سميت تيار ٿي، ڇهن ڪوهن جي ويجهو پهتا. هيڏانهن بختيار خان ۽ ٻين اميرن پنهنجي فوجن جون صفون تيار ڪري، ميرزا جاني بيگ ڏانهن رخ ڪيو. ميرزا جاني بيگ به پنهنجي لشڪر جون صفون تيار ڪيون. انهي وقت ٻئي فوجون هڪٻئي جي مقابل ٿيون. بادشاهي لشڪر جي ثابت قدم نه هئڻ سبب ان ۾ ڀاڄ پئي جنهن تي جاني بيگ جو لشڪر اُن جي پٺيان پيو. بادشاهي اقبال سان، ميرزا جاني بيگ جو هڪ مست هاٿي، ميرزا جاني بيگ جي فيلبان کي ڪيرائي، اُن جي ئي لشڪر ۾ وڃي پيو جنهن کان ميرزا جو لشڪر درهم برهم ٿي ويو. پر ان هوندي به ميرزا جاني بيگ تقريباً ٻن هزار سوارن سان جگن جي ميدان ۾ شجاعت جو داد ڏيندو رهيو ۽ پنهنجي ذاتي جوان مردي سان بهادري جا ڪرتب ڏيکاريائين. ٻئي طرف راجا داروجي، جيڪو پنج هزاري منصب تي هو ۽ پنهنجي وقت جو نهايت بهادر ۽ شجاع هو سو سخت زخمي ٿي پيو. بلڪ هن کي جنگ جي ميدان ۾ ٽي چار ٻيا به ڪاري زخم رسيا. هاڻي بادشاهي لشڪر، فوج در فوج ٿي، ميرزا جاني بيگ تي زبردست گهمسان وارو حملو ڪيو. ليڪن هر دفعي ميرزا جاني بيگ پنهنجي لشڪر ۾ ثابت قدم رهيو. باربار هرهڪ سان جوان مردي سان پئي جنگ ڪيائين. بهر نوع ٽي چار دفعا عظيم جنگ واقع ٿي. باهه واري خونريز، گهمسان جي جنگ ۾ طرفين جا ماڻهو سج لهڻ تائين مشغول رهيا. ٻنهي طرفن جا سپاهي ۽ ڪيترائي نالي وارا امير ۽ منصبدار، بيشمار قتل ٿيا. المختصر اُن ڏينهن اٽڪل اَٺَ هزار ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ تلف ٿي ويا. آخر فتح ۽ ڪامراني بادشاهي لشڪر کي ٿي. جنهن بعد ميرزا جاني بيگ پاڻ کي جنگ جي ميدان مان هٽائي درياءَ جي طرف پهچايو. جتان اُنڙپور جي ڳوٺ پهتو. جيڪو جنگ جي ميدان کان ويهن ڪوهن جي مفاصلي تي هو[1]ميرزا جاني بيگ مسلمانن تي رحم کائي صلح جي منزل تي آيو. پنهنجن ايلچين کي خان خانان ڏي موڪليائين ته آءٌ صلح ڪريان ٿو ۽ في الحال ٽيهه ننڍيون ٻيڙيون (ڊونڊيون) ۽ سيوستان جو قلعو توهان جي حوالي پڻ ڪريان ٿو. آءٌ ٺٽي پهچي توهان سان صلح جو معاملو طئي ڪندس. نواب خان خانان پنهنجي اميرن سان مشورو ڪيو. جنهن تي سمورن اميرن متفق ٿي چيو ته، جڏهن هو سڀني ڳالهين کان تنگ ٿي مشڪل ۾ پيو آهي، تڏهن ٿو صلح ڪري؟ اسان اڄ يا سڀاڻي تائين جنگ کي ختم ڪنداسين، سو اسان کي اهڙي صلح ۾ شڪ آهي ته ميرزا جاني بيگ ٺٽي پهچي، پنهنجي راءِ تان ڦري ويندو. جنهن تي خان خانان چيو ته طرفين جا نيڪ ۽ خيرخواهه ماڻهو ماريا پيا وڃن. تنهنڪري آءٌ هن سان صلح ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهڙي قسم جو پيغام بندگانِ حضرت کي پڻ پنج هزاري جي معرفت موڪليون ٿا. ان وچ ۾ ايلچين انجام ۽ اقرار ڪيا ۽ ننڍين ٻيڙين کي آندائون ۽ ڪنهن هڪ ماڻهو کي پڻ سيوستان موڪليائون ته هو قلعو حوالي ڪري ڏي. ان کانپوءِ ميرزا جاني بيگ ٺٽي ويو. خان خانان برسات جي موسم ڳوٺ ”سن“ ۾ گذاري، سياري جي شروع ۾ ميرزا ڏي متوجهه ٿيو. جڏهن هو هڪ وڏي نهر جي نزديڪ ٺٽي کان ٽيهن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو، تڏهن ميرزا جاني بيگ به پنهنجي هڪ وڏي اجتماع سان آيو. خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ هڪ ٻئي سان ملي ملاقات ڪري نهايت خوش خرم ٿيا. ان کانپوءِ ميرزا جاني بيگ هن جي هڪ وڏي دعوت ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن خان خانان به پنهنجن اميرن سان ميرزا جي دعوت تي ويو. سمورا شاهي امير ساڻس گڏ هئا. وري اُن جي ٻئي ڏينهن امير خان خانان به وڏي دعوت ڪئي، ميرزا جاني بيگ به خان خانان وٽ آيو. جنهن ۾ سمورا بادشاهي امير حاضر هئا جن ساڻس ڪچهري ڪئي[1].ان وچ ۾ شاهي فرمان پهتو ته امير خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ پنهنجي اهل و عيال ۽ خاصخيلين سميت ٺٽي مان نڪري عازمِ بارگاهه ٿين، ۽ ملڪ کي بادشاهي ڪامورن جي حوالي ڪيو وڃي. ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت جو دؤر بالاستقلال 1000ھ ۾ ختم ٿيو. سنڌ ۾ اهو سمورو حڪومت جو دؤر 94 سالن جو هو. جنهن مان 74 سال حڪومت ۾ برقرار رهيا ۽ ويهن سالن تائين ملڪ جي اميرن حڪومت ڪئي[1].

خاندان جي ٺٽي مان نيڪالي ۽ پويون دؤر[سنواريو]

ميرزا جاني بيگ ترخان، بکر ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي پٽن ۽ اهل و عيال کي رخصت ڪيائين، ۽ پاڻ خان خانان سان گڏ مقرر تاريخ تي قدم بوسيءَ جي شرف کان مشرف ٿيو ۽ حضرت بادشاهه به ميرزا جاني بيگ جي طرف نهايت عنايت سان توجهه ڪيو. جنهن بعد ڪمال شفقت ۽ عاطفت سان ظهور پذير ٿيو، ۽ کيس پنج هزاري منصب سان سرفراز ڪيائين. سموريون جاگيرون وري ميرزا کي مقرر ڪري ڏنيون ويون. بادشاهه اهو به حڪم ڪيو ته ميرزا جاني بيگ پنهنجن ماڻهن پٽن ۽ اهل و عيال کي ٺٽي وڃڻ لاءِ رخصت ڪري ۽ پوءِ پاڻ خود پنهنجي سر، حضور موفور السرور جي خدمت ۾ مسرور ٿي رهي. ميرزا، شاهي ملازمت ۾ ايتري قدر ته قابلِ اعتماد هو جو، شهزادو خسرو سندس دامادي ۾ ٿيو.


وفات[سنواريو]

جڏهن حضرت بادشاهه دکن جي طرف متوجه ٿي، احمد ننگر ۽ اسير جا قلعا فتح ڪيا، تڏهن ميرزا جاني بيگ، سرسام جي عارضي ۾ مبتلا ٿي، ماهه رجب 1011ھ ۾ دائمي جهان ڏي روانو ٿيو (سندس مقبري واري ڪتبي تي تاريخ وفات 27 رجب 1009ھ لکيل آهي). ٺٽي ۾ ميرزا جاني بيگ جي حڪومت جو عرصو مجموعي طرح ارڙهن سالن جو هو. جنهن مان ست سال حڪومت تي برقرار رهيو ۽ باقي يارنهن سال امير جي حيثيت ۾ بسر ڪيائين[1].سيد حسام الدين راشدي ”مرزا غازي ترخان“ ۾ ان جي مقرري جي باري ۾ لکي ٿو ته: مرزا جاني بيگ جي وفات 27 رجب 1009ھ (1600ع) تي برهانپور ۾ ٿي ۽ ان جي ميت ٺٽي ۾ آڻي مٽي حوالي ڪئي ويئي[2]..

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي