مخدوم امين فھيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

امين فهيم

امين فهيم گلوبل عرب بزنس گڏجاڻِيءَ ۾ 2012 ۾
تجارتي وزيرِ پاڪستان
عهدو سنڀاليو
3 November 2008 – 16 March 2013
جانشين Incumbent
ذاتي تفصيل
پيدائش مخدوم محمدامين فهيم
04 آگسٽ 1939(1939-08-04)
هالا
وفات 21 نومبر 2015 (عمر 76 سال)
ڪراچي, پاڪستان
آخري آرامگاهه هالا,سنڌ, پاڪستان
قوميت انڊين (1939-1947),
پاڪستاني (1947-2015)
سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي
ٻار ٻچا 7 پُٽ، 1 نياڻِي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي

مخدوم امين فهيم ([1]انگريزي ٻولي: Makhdoom Ameen Faheem, [2]اردو: مخدوم محمد امین فہیم) سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو وڏو فرزند ۽ مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو پندرهون نمبر سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، مخدوم محمد امين ”فهيم“، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4 آگسٽ 1939ع تي ڄائو. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چوندا هُئا. خدوم امين فهيم 1977ع کان 2015ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو. 7 ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو.

ذاتي زندگي[سنواريو]

مخدوم محمدامين فهيم سِنڌ جي شهر هالا ۾ 4 آگسٽ 1939ع ۾ جنم ورتو، جيڪو ڪراچي جي اوڀرئين پاسي 200 ڪلوميٽر تي واقع آهي. مخدوم امين فهيم کاٻِي ڌُر جي مشهور شخصيت ۽ شاعر هو. هُو پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر وائس چيئرمين ۽ ”الائنس فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي“ (Alliance for Restoration of Democracy) جو سابق چيئرمين پڻ هو. هُن سنڌيونيورسٽي مان 1961ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جِي ڊگري حاصل ڪئي، هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات 1970 کان ڪئي ۽ 1970 جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پڻ 1990 ڌاري بينظير ڀٽو سان تمام ويجھو رهيو. مخدوم امين فهيم سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ مخدوم نوح سرور جو پندرهون سجاده نشين ٿي گُذريو. هُن سنڌيونيورسٽي مان 1961ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جِي ڊگري حاصل ڪئي، هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات 1970 کان ڪئي ۽ 1970 جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پڻ 1990 ڌاري بينظير ڀٽو سان تمام ويجھو رهيو. مخدوم امين فهيم سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ مخدوم نوح سرور جو پندرهون سجاده نشين ٿي گُذريو. سندس پهرئين شادي 19 سالن جي ڄمار ۾ 21 جون 1957 ع دوران ٿي. هن ٻي شادي بنگالي گلوڪاره رونا ليلا جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليليٰ سان ڪئي جنهن ڪجهه سالن بعد ڪينسر جي مرض وگھي وفات ڪئي، سندس ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي مان جڏهن ته چوٿين شادي پنجاب مان ڪئي. مخدوم محمد امين فهيم کي ست پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. سندس وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان جميل هڪ سياستدان هجڻ سان گڏو گڏ شاعر ۽ محقق پڻ آهي، سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي.

تعليم[سنواريو]

امين فهيم پرائمري تعليم 1955 ۾ هالا مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ ميٽرڪ پڻ هالا جي هاءِ اسڪول مان 1957 ۾ پاس ڪيائين، مخدوم امين فهيم 1958 ۾ سنڌيونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ داخلا ورتي ۽ 1961 ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلرآف سائنس جِي ڊگري حاصل ڪئي.

ادب[سنواريو]

هن شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾ ڪئي. پهريائين ”امين“ تخلص اختيار ڪيائين، پر پوءِ مخدوم امين، شاعريءَ ۾ ”فهيم“ تخلص اختيار ڪيائين. جناب غلام محمد گراميءَ جي چواڻي: ”مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ ۾ سوز و گذار، محبت ۽ رِقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر جي شاعريءَ ۾ ٿين ٿا.“ هن غزل جي عمدي شاعري ڪئي آهي، قومي شاعريءَ ۾ به بهترين ڪلام چيا اٿس. سندس ٻولي پختي، رسيلي ۽ مٺي آهي. پنهنجي والد بزرگوار جي صحبت ۽ هالا جي ادبي ماحول ۾ هيءُ رچي ريٽو ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعو ”پيغام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ڪري چڪو آهي. سندس جوانيءَ جي دور ۾، شاعريءَ ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهه وقفو به نظر اچي ٿو، جنهن جو سبب سندس سياسي، فلاحي، قومي ۽ خانداني مصروفيتون هُيون. سندس شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد توڙي آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان نشر ٿيندي رهندي آهي. سندن مشهور ٻِن گيتن جون سٽون ڪجهه هن ريت آهن ”منهنجون ڳالهيون ياد ڪندين“ ، ”بي وفا سان وفا ڪري ڏِسجي، هِي خطا بارها ڪري ڏِسجي“ .

سياست[سنواريو]

هن سياسي سفر جو آغاز 1970ع ڌاري پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو. ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو، پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت جي عهدي تي فائز ٿيو. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاريءَ جو وزير ٿيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر هو. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر ٿيو. 1990، 1993ع ۾ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. انهن چونڊن ۾ جيئن ته پيپلزپارٽي، اقتدار ۾ نه آئي، ان ڪري کيس وزارت نه ملي، وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو،[1] آخري وقت ۾ پاڪستان حڪومت ۾ سينيئر وزير ۽ تجارت جو وفاقي وزير به رهيو. ان کان سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پاليامينٽرين جو صدر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو. [2]

وفات[سنواريو]

مخدوم امين فهيم 76 سالن جي ڄمار ۾21 نومبر 2015 تي رت جي ڪينسر وگھي هِن دُنيا مان لاڏاڻو ڪيو [3]، سندس آخري آرامگاھ هالا شهر ۾ مخدوم سرور نوح جي درگاهـ جي اندر سائين طالب الموليٰ جي پيرانديءَ ۾آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. National Assembly of Pakistan
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 27 February 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 July 2016 
  3. Seasoned politician, poet Makhdoom Amin Fahim passes away - The Sindh Times, وقت 13 June 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 July 2016