محمد حسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد حسن (قبو سعيد خان)
ديھ محمد حسن
ديھ
Deh Muhammad Hassan
محمد حسن (قبو سعيد خان) is located in سنڌ
محمد حسن (قبو سعيد خان)
محمد حسن (قبو سعيد خان)
محمد حسن (قبو سعيد خان) is located in Pakistan
محمد حسن (قبو سعيد خان)
محمد حسن (قبو سعيد خان)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°51′27″N 67°43′06″E / 27.85750°N 67.71833°E / 27.85750; 67.71833مڪانيت: 27°51′27″N 67°43′06″E / 27.85750°N 67.71833°E / 27.85750; 67.71833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قبو سعيد خان تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,454


ديھ محمد حسن(انگريزي: Deh Muhammad Hassan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ھڪڙا تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1904ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ بخش علي خان چانڊيو ۽ ڳوٺ عمر سيال واقع ھيا[2]. 1904ع ۾ ھي ديھ تپو سير ماڇي ۾ واقع ھئي جيڪو ضلعو سرحد (ھاڻي: جيڪب آباد) ۽ تعلقو شھدادپور (ھاڻي:شھدادڪوٽ) جو حصو ھيو. ان وقت ديھ جي وچ ۾ اوڀر کان اولھ طرف ڪڙيو نئون محمد حسن واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميرڻ جمالي، ڳوٺ محمد آچر بروھي، قلندر بخش مگسي معروف ڳوٺ آھن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪوٽ شاھبيگ ۽ ديھ ڪامل، اوڀر ۾ ديھ فالئي، اولھ ۾ ديھ سير ڊکڻ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ پتوجا ۽ ديھ ھڪڙا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي جنھن مطابق ان ۾ 687 روينيو سروي نمبر آھن. شھدادڪوٽ قبو روڊ ديھ جي اترئين دنگ تي واقع آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,454 ھئي جيڪا 274 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]