پتوجا (قبو سعيد خان)
پتوجا (قبو سعيد خان) ديھ پتوجا | |
---|---|
ديھ | |
Deh | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°49′34″N 67°45′20″E / 27.82611°N 67.75556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 355 |
ديھ پتوجا(انگريزي: Deh Patuja) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ھڪڙا تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ ۾ پتوجا ذات جي ماڻهن جي ڳوٺن ھجڻ سبب پتوجا نالو پيو.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1902ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ سائين ڏنو چانڊيو، ڳوٺ شير محمد ڀٽو، ڳوٺ ڀليڏنو پتوجو ۽ ڳوٺ شيرو پتوجو واقع ھيا[2]. ان وقت اھا ديھ تپو بگو ۾ واقع ھئي. 1902 م شھدادپور-بگو سڙڪ ھن ديھ جي ڏکڻ اوڀر واري حصي مان گذرندڙ ھئي. ڳوٺ شيرو پتوجو شھدادپور (ھاڻ: شھدادڪوٽ) بگو سڙڪ تي واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڪو به معروف ڳوٺ ڪانه آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ فلائي ۽ ديھ محمد حسن، اوڀر ۾ ديھ بھرام مٿيون، ديھ ڇاڄري، ۽ ديھ ڦولرو، اولھ ۾ ديھ ھڪڙا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کوکر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ مان پتوجا ڊسٽري وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 355 ھئي جيڪا 66 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]