لشڪر خان لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لشڪر خان لغاري جو مقبرو

لشڪر خان لغاري (انگريزي:Lashkar Khan Laghari) جو مقبرو ۽ قبرستان سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي تاريخي ڳوٺ راڄو ديرو ۾ آهي. هي ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي ڏينهن ۾ ميانوال تحريڪ جو نهايت اهم ۽ سرگرم ڪارڪن ڪارڪن ۽ سالار هو. هن جو گاج ندي جي علائقي ۾ وڏو اثر رسوخ هو. سندس قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ بهترين ٿيل آهي جيڪو سنڌ جو تاريخي ورثو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "لشڪر خان لغاري جو قبرستان....عزيز ڪنگراڻي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-03.