سخي ڄام سپڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سخي ڄام سپڙ انگريزي ( Sakhi Jam Sapar) سومرن جي سنڌ تي حڪومت دؤران لسٻيلي (هاڻ پاڪستان جي بلوچستان (صوبي) جيلسٻيلو ضلعي ) واري علائقي جو حڪمران هو.[1] [2]جيڪو سخي هو. سندس در تي ڪوبه سَين يا صدا هڻدو هو سو خالي نه موٽندو هو. سخي ڄام سپڙ جو تعلق لسٻيلي جي رُونجها خاندان (قبيلو)سان هو. سندس والد ڄام چوٽا هو جنهن کان پوءِ سخي ڄام سپڙ لسٻيلي جو حُڪمران بڻيو جيڪو دليري ۽ ڏاتاري ۾ مشهور ٿيو. سخي ڄام ڏاتار کي سنڌ جي ڏهن ڏاتارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ميين شاهه عنايت جيڪو ميون شاھ عنايت رضوي به ڪوٺجي ٿو [3] تنهن به سخي ڄام سپڙ رُوجهي جي واکاڻ ۾ بيت چيا آهن ته شاهہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ سخي ڄام سپڙ جي ساراھ ۾ سر پرڀاتي ۾ بيت لکيا آهن.[1] سخي ڄام سپڙ لسٻيلي جي رُونجهن حاڪمن جي چوٽاڻي پاڙي منجهان هو. چوٽاڻي پاڙو چوٽو جي اولاد سبب سڏيو ويو. ڄام سپڙ پنهنجي والد جو نالو چوٽو وري پنهنجي پُٽ تي پڻ رکيو هو. سنڌ جي ڪنهن ماڻهو وٽس سو گهوڙن جي صدا هنئي ته سخي ڄام سپڙ بنان دير صدا قبول ڪندي پنهنجي پُٽ چوٽو سان سؤ گهوڙا موڪليا جيڪو گهوڙا پهچائي آيو.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "ڄام سَپڙُ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-03-11. 
  2. "ڄام سپڙ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-03-11. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-03-11. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Poetry)". sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-03-11.