قلندراڻي لغارين جو قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قلندراڻي لغارين جو قبرستان

قلندراڻي لغارين جو قبرستان (انگريزي: Graveyard of Qalandarani Laghari) سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي شهر جوهي کان اولھ اتر طرف ڪاڇي جي علائقي ۾ هڪ تاريخي قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ سهراب خان لغاري جي پونير قلندر خان لغاري جي نُک مان لغارين جو قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ حاجي خان لغاري جو مقبرو آهي جنهن ڪاڇي ۾ حاجي خان جو شهر قائم ڪيو. ان کان علاوه عالم خان لغاري، خدابخش لغاري، اميد علي لغاري ۽ مسُو شهيد جا مقبرا آهن. هن قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي بهترين چٽسالي ٿيل آهي. چٽسالي ۾ جانورن، ڪهاڻين، گهوڙيسوارن، ڍنڍن جي تصويرن سان گڏوگڏ گلن، ٻُوٽن پنن جون تصويرون ٺهيل آهن. ان کانسواءِ جاميٽري جون ڊزائنون بہ ٺهيل آهن. هي قبرستا ڪلهوڙا ۽ ٽالپور دور جو يادگار آهي.[1]

حوالا[سنواريو]