پلاٽ (ڪھاڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پلاٽ (Plot) واقعن جو مجموعو ھوندو اھي. جنهن ۾ واقعن جو پاڻ ۾ گھرو تعلق ٿئي ٿو، اھو واقعاتي خاڪو جنھن کي واقعاتي ڪردارن جي سگھ وسيلي ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي. دراصل تسلسل وسيلي واقعن ۽ عمل جي ڳانڍاپي واري سوچ کي ’پلاٽ‘ ٿو چئجي. جيستائين واقعن ۾ ترتيب ۽ تنظيم پيدا نہ ڪئي ويندي تہ اھو ناول، افسانو ۽ ڊراما نہ رھندو. جيڪڏھن واقعن جون ڪڙيون منظم ھونديون تہ افساني/ناول/ڊرامي جي جوڙجڪ بہ پختي ھوندي. پر جيڪڏهن ان ۾ ترتيب ۽ خيال منتشر ھوندا تہ اھو ڪامياب ٿي نہ سگھندو، پوءِ ڀلي ان ۾ خيال جي بلندي ۽ اسلوب بيان ۽ موضوع ڪيترو بہ سٺو ھجي. پلاٽ ۽ ڪردار جي وچ ۾ ڪا بہ دوري نہ ھجي. ناول جي ڪھاڻي يا ڊرامي گھڙڻ وقت اھو خيال رکڻ گھرجي تہ ڪھاڻي جو توازن ۽ تسلسل برقرار رکي سگھجي. لکڻ وقت وحدتزمان ۽ مڪان جو خاص خيال رکڻو ٿو پوي.[1]

پلاٽ جا قسم[سنواريو]

ماھر نقادن ۽ محققن پلاٽ جا ٻه ٻڌايا اھن. ھڪ سادو پلاٽ ۽ ٻيو مرڪب پلاٽ يا الجھيل پلاٽ. ھرھڪ جا وري ٻہ قسم ٿين ٿا: ھڪ لچڪدار يا پختو پلاٽ ۽ ٻيو غير پختو يا ڍلو پلاٽ. (i) سادو پلاٽ (Simple Plot) ھي سڌو سئنون پلاٽ ٿئي ٿو. ان ۾ ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ھڪ ئي ڳالھه تي رکيل ھوندو اھي، ان ۾ ھڪ ھيرو ۽ ھڪ ھيروئن ھوندي آھي. ٻيا ڪردارن انھن سان ڪنھن نہ ڪنھن نموني منسوب ھوندا آھن. (ii) گڏيل پلاٽ (Compound Plot) ھي پلاٽ جو اھم قسم اھي، جنھن ۾ ٻہ يا وڌيڪ ڪھاڻيون گڏوگڏ ھلنديون اھن. ٻنھي ڪھاڻين جو ھڪٻئي سان سڌو سنئون تعلق ھوندو اھي. ھن قسم جي پلاٽ ۾ ڪھاڻي ھڪ کان وڌيڪ رازن تي رٿيل ھوندي اھي. ھر ھڪ پلاٽ وري ربط ۽ تنظيم جي لحاظ کان ھيٺين ٻن قسمن ۾ ورھايل ھوندو اھي. (iii) گهرگهلو يا ڍلو پلاٽ (Loose Plot) ليکڪ، جنھن مقصد کي ذھن ۾ رکي ڪھاڻي ترتيب ڏئي. ان ۾ رٿا کي گھڻو وڌائي وڃي تہ اھڙي پلاٽ کي ڍلو پلاٽ چئبو اھي. موجوده دور ۾ وجوديت واري فلسفي يا شعور واري سٽاءَ ۾ لکيل ناولن جو پلاٽ گھرگھلو ھوندو اھي. (iv) مربوط يا پختو پلاٽ (Organised Plot) ھي پلاٽ جو اھو قسم آھي، جنھن ۾ ليکڪ جنھن مقصد کي ذھن ۾ رکي ڪھاڻي ترتيب ڏئي ٿو، اھو مقصد ڪھاڻيءَ جي اخر ۾ نڪرندو اھي. يعني مقصد ابتدا واري رٿا سان به ملي تہ اھڙي قسم جي پلاٽ کي پختو پلاٽ چئبو اھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.