قبو سعيد خان ديھ
ڏيک
ديھ (انگريزي: Deh Qubo Saeed Khan ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا قبو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1933ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ قبو سعيد خان ۽ ڳوٺ اسحاق ماڇي واقع ھيو[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ قبو سعيد خان شھر، ڳوٺ ڪرم خان بروھي، اعتبار مگسي، ڳوٺ محمد سومر کوسو، ڳوٺ ھيبت خان مگسي معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ اسحاق، اوڀر ۾ ديھ ڪوٽ شاھبيگ، اولھ ۾ ديھ سمندر ۽ ڏکڻ ۾ ديھ سير ڊکڻ ۽ سير جمالي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. قبو ڊسٽريبيوٽري سيف الله شاخ مان نڪري ھن ديھ مان گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 27,898 ھئي جيڪا 4,789 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]