اسحاق (قبو سعيد خان)
| اسحاق (قبو سعيد خان) ديھ اسحاق | |
|---|---|
| ديھ | |
| Deh Ishaq | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°55′15″N 67°42′41″E / 27.92083°N 67.71139°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
ديھ اسحاق(انگريزي: Deh Ishaq ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا قبو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1933ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڪوبه ڳوٺ واقع نہ ھيو[1]. ان وقت ھن ديھ مان شاھن مائنر وھندڙ ھئي. ھاڻي ھن ديھ جي اترئين دنگ سان سيف الله مگسي برانچ وھندڙ آھي ۽ ھن ديھ ۾ ڳوٺ لياقت علي مگسي، ڳوٺ نورالدين بروھي، ڳوٺ لکمير کوسو، بڙدي واھ، ڳوٺ مير محمد مگسي، ڳوٺ جيئو کوسو ۽ ڳوٺ جھانگير کوسو معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ جاگير قيصر خان مگسي ۽ ڪوٽ لشڪر خان، اوڀر ۾ ديھ پير بخش، اولھ ۾ ديھ سمندر ۽ ڏکڻ ۾ ديھ قبو سعيد خان واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. قبو ڊسٽريبيوٽري ھن ديھ مان وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,701 ھئي جيڪا 553 خاندانن تي مشتمل ھئي.[2].
حوالا
[سنواريو]- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedآدمشماري