غلام حيدر سولنگي
ڏيک
حاجي غلام حيدر سولنگي [1]ولد محمد رجب سولنگي جي ولادت 7 فيبروري 1938ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. سندس تعليم بي ٽي ٽرپل ايم اي ۽ ايل ايل بي آهي. پاڻ سيوهڻ، دادو، جوهي، ڀان سعيد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ هيڊ ماستر طور فرائض انجام ڏيندو رهيو آهي. انکان سواءِ ايس ڊي اي او سيوهڻ ۽ ميهڙ به رهي چڪو آهي.
لکيل ڪتاب
[سنواريو]
2. سڙيل لاش
3. ڪوئل تنهنجي ڪوڪ
4. سنڌڙي جو سڏ
ان کان سواءِ قلندر لعل شهباز تي مقالا سندس جا لکيل اهميت وارا آهن، انهن مان هي مشهور آهن:
1. قلندر جي ميلي جون فقرائي رسمون
2. قلندري فقراءِ جون ڪافيون
3. لعل ڪنوار
4. سيوهڻ جا ڪي پراڻا هنر
5. سيوهڻ شريف ۾ ڪاشي جو هنر
6. سيوهڻ شهر جا زيارت گاهه ۽ يادگار
حوالا
[سنواريو]- ↑ "حاجي غلام حيدر سولنگي (ولادت 1938ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar. 2021-08-02 تي حاصل ڪيل.