علي اصحابو
اصحابو (وارھ)
ديھ اصحابو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Ashabo | |
جاگرافي بيهڪ: 27°26′33″N 67°54′02″E / 27.44250°N 67.90056°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
ديھ اصحابو(انگريزي: Deh Ashabo) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آباد تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ علي اصحابو جنھن لڳ مقام پير اصحابو، ڳوٺ باري کٽياڻ ۽ لائق آباد واقع ھيا. ان وقت ھي ديھ تپو پيچوھا ۾ واقع ھئي پر پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ ۾ نون تپن جي قيام بعد ھن ديھ کي تپو آباد ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ واقع پراڻن ڳوٺن مان رڳو ڳوٺ علي اصحابو قائم آھي نئين قائم ٿيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڏاتو تيوڻو ۽ ڳوٺ مالڪڏنو مغيري واقع آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پيچوھا، ديھ لالو رائنڪ ۽ ديھ ملڪاڻي، اوڀر ۾ ديھ عبيداڻي، اولھ ۾ ديھ مڱڻيجا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ آباد ۽ ديھ بند جاني واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان ڪور ھاشم ڊسٽري گذرندڙ ھئي. ڳوٺ علي اصحابو وڳڻ نصيرآباد روڊ کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,458 ھئي جيڪا 547 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- وارھ تعلقو
- وارھ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون