علامه آء آء قاضي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رهنمائي, ڳولا
علامه آء آء َقاضي
قاضي
تاريخ پيدائش: 18 اپريل 1886'
جاء پيدائش: حيدرآباد
تاريخ وفات: 13 اپريل 1968
جاء وفات: ڪوٽڙي
مدفن: ڄامشورو

سنڌ جي وڏي عالم ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم جو پورو نالو، امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندس وڏا پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جا هئا. علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي (آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کيس ”مفتاح الصلواة“ به پڙهايو.

تعليم ۽ شروعاتي زندگي[سنواريو]

علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر (1904ع) ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ (لنڊن) ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهه عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.

ادبي سفر[سنواريو]

قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ (Place of Ghazal in Oriental Poetry) لکيو. هيءُ مضمون هڪ ادب پارو هو، جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلنڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ (Poetic Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. علامه صاحب پهريون هندستاني هو، جيڪو هن سوسائٽيءَ جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. 1926ع ۾ کيس خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو، پر ٿوري عرصي اندر ئي علامه صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيو ۽ اختلافن سبب آگسٽ 1927ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين. 1928ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليو ويو، جتي ڪجهه عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اوريئنٽل اسٽڊيز ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن، خدمت سرانجام ڏنائين. 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان ۽ لنڊن اسڪول آف ارويئنٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتائين. لنڊن ۾ 1933ع ڌاري ”جمعيت المسلمين“ جو بنياد رکيائين ۽ کيس جمعيت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جمعيت جو بنيادي مقصد اسلام جي تبليغ ۽ اُتي جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. 1933ع ۾ ئي علامه صاحب پنهنجي اهليه ايلسا قاضيءَ جي تعاون سان ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي: “Adventures of a Brown Girl in Search of God” يعني ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“. اهو ڪتاب دراصل جارج برنارڊشا جي لکيل ڪتاب “A Black Girl in Search of God” ”خدا جي تلاش ۾ هڪ ڪاري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. 1911ع کان 1942ع تائين قاضي صاحب ڪجهه وقت سنڌ ۽ ڪجهه وقت انگلنڊ ۾ رهيو. علامه صاحب جي ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي. قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ علامه صاحب انگلنڊ مان موٽي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو. علامه صاحب جو خطبو ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا.

سنڌ يونيورسٽي جي لاءِ خدمتون[سنواريو]

پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامه صاحب ٻنهي علائقن جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏ پلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا انگلنڊ ۾ ئي هو ته سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح سائين جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن کي الوداع ڪري، 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتي، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاهه بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لهه وچڙ ۾ آيو ته جيئن ٿوري وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا شعبا قائم ٿي سگهن. علامه قاضي صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ جو عهدو قبول ڪرڻ کان پوءِ ’يونيورسٽي ورلڊ‘ نالي رسالي ۾ هڪ تبصرو شايع ٿيو ته سندس عاليشان انتخاب تي مبارڪباد ٿي ڏجي، جيڪو هڪ بيحد لائق شخص ۽ سنڌ جو عظيم محقق پڻ آهي. وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامه صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. 1952ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قلم هڪ لڳايو ويو ۽ گورنر راڄ قائم ٿيو ته علامه صاحب گورنر دين محمد کي هڪ زوردار خط لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ گرانٽ وڌائڻ لاءِ چيو. گورنر دين محمد فوراً سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي. انهيءَ دوران علامه قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي، جرمنيءَ مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي، سڀ کان پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ -ان کان پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده ڪيمپس جو باني هو. اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاهه بڻي. نه صرف ايترو، پر علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا.

استعيفيٰ کانپوءِ[سنواريو]

علامه صاحب پورا 9 سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪئي، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غيرجمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿي ويون آهن ته هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو. گوشه نشينيءَ جو اهو مقصد نه هو ته دنيا کان لاتعلق ٿي رهبانيت واري زندگي گذاري، پر گوشه نشينيءَ واري دور ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو. علامه صاحب نوجوانن جي تربيت ۽ -تعليم- لاءِ ڏاڍو فڪرمند هو. پاڻ چاهيائين ٿي ته سندس علم ۽ فلسفي مان، جنهن جو بنياد اسلام جي آفاقي پيغام تي رکيل هو، نئون نسل مستفيض ٿئي ۽ سندس ٻاريل جوت کانئس پوءِ به چمڪندي رهي. علامه صاحب ويهين صديءَ جو عظيم مفڪر ۽ وڏو قرآن شناس هو، جنهن کي هن ڌرتيءَ جنم ڏنو. علامه صاحب جي باري ۾ مستند راءِ آهي ته ڀٽائي گهوٽ رحه کان پوءِ علمي طرح جن صاحبن سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري خدمت ڪئي، انهن ۾ علامه قاضيءَ جي شخصيت نمايان آهي. علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هو، پر عظيم مبلغ ۽ مصلح پڻ هو. هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کيس يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علمن جي به ڄاڻ هئي. سندس پيغام جو محور نوجوان نسل هو ۽ پاڻ چاهيائين ٿي ته اسلام جي تبليغ ٿئي ۽ اهڙا نوجوان پيدا ٿين، جيڪي نئين ملڪ جون واڳون سنڀالين ۽ سنڌ، جيڪا باب الاسلام آهي، تنهن جو نالو روشن ڪن. پاڻ جن اعليٰ انسانن کي متاثر ڪيائين، انهن ۾ اي. ڪي بروهي، قاضي فيض محمد، سائين جي. ايم سيد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نظام الدين هاليپوٽو، پروفيسر حيدر علي لغاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

وفات[سنواريو]

علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سندس مزار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]