ايلسا قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ايلسا قاضي
ايلسا قاضي عمر جي پوئين حصي ۾
پيدائش گرٽروڊ لئش(Gertrude Loesch)
3 آڪٽوبر 1884(1884-10-03)
روڊوشڪٽ(Rudolstadt),شوارزبرگ-روڊوشڪٽ(Schwarzburg-Rudolstadt) ، جرمن ايمپائر
وفات 28 مئي 1967 (aged 82–83)
زال امداد علي امام علي قاضي (علامہ آء آء قاضي)[1]
(m. 1910; wid. 1967)

ايلسا قاضي:Elsa Kazi (1884–1967): علامه قاضي جي گهر واري جرمن خاتون آهي. پاڻ سنڌي ادب ادن جي انگريزي ۾ کوڙ ساري خدمت ڪئي اٿس.سندس پيدائشي جرمن نالو گرٽروڊ لئش(Gertrude Loesch) ھيو. سنڌ م ۾ عام طور تي کيس "Mother Elsa" : امڙ ايلسا جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي.

زندگيءَ جو احوال[سنواريو]

ايلسا گرٽ، جنهن کي سنڌ ۾ ”مدر ايلسا“ چيو ويندو آهي، سا جرمن نسل جي هڪ مشفق ۽ غريب پرور عورت هئي. سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾، 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس والد هڪ موسيقار هو. ايلسا جو ننڍپڻ کان ئي مصوريءَ ۽ شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. 19 صديءَ جي آخر ۾ هيءُ خاندان جرمنيءَ مان لڏي اچي انگلنڊ رهيو، جتي هن جي ملاقات علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب سان ٿي. هنن ٻنهي جي هڪ ٻئي ذهني ۽ دلي هم آهنگي ٿي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي. تنهن کانپوءِ 1910ع ۾ علامه صاحب ايلسا سان شادي ڪري پنهنجي محبت کي ازدواجي رشتي ۾ تبديل ڪيو. شاديءَ کان پوءِ، علامه صاحب جي صلاح سان ايلسا قاضيءَ انگريزيءَ ۾ شاعريءَ ۽ تصنيف تاليف جو ڪم شروع ڪيو. سال 1911ع ۾ هوءَ علامه صاحب سان گڏ، سنڌ ۾ آئي ۽ حيدرآباد ۾ اچي رهي، جتي سندس شعر انگريزي اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. تنهن کان پوءِ سندس شعرن جو مجموعو، حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آڏواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي انگريزي ڪتابن ۾

  1. Old English Garden Symphony (Novel)
  2. Temptation (Drama)
  3. Civilization, Through The Ages

اچي وڃن ٿا. اهو ايلسا جو پهريون ڪتاب هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو، “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” سندس آخري ڪتاب آهي. علامه قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي.[2]

علامہ آء آء قاضي سان شادي[سنواريو]

ھُنن ٻنھي جي پھرين ملاقات 1908ع ۾ انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ ھڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي ٿي ھئي. آمھون سامھون سيٽن تي ويٺل اوڀر جي ھُن ڳڀرو نوجوان جي چھري تي حجابن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏسي، اولھه جي ھن شاعره ۽ چترڪار کان رھيو ڪونه ٿيو ۽ اُمالڪ کانئس پڇي ورتائين ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اوڀر جي ھن لڄاڙي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي. ڳالھه تعليم جي موضوع کان وڌي شاعري، ادب، فلسفو، ٿياسافي، آرٽ ۽ ٻين انيڪ علمي موضوعن کان ٿيندي ھڪ ٻي ملاقات جي وعدي واري پڄاڻيءَ تي پھتي، اھڙي ئي ھڪ ملاقات ۾ سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽ ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ ”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع“Your’s”) (Elsa Kazi September 1908 سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون.[3] پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:ولايت ۾ علامہ شادي هڪ جرمن خاتون محترمه ايلسا سان ٿي، جنهن کي اسان علامه صاحب جا شاگرد مدر (Mother) ڪري سڏيندا هئاسون. اِها هڪ نهايت فضيلت ڀري خاتون هئي. سندن باري ۾ هڪ دفعي علامہ فرمايو تہ ”هن مون کي بنايو ۽ مون هن کي بنايو.“ ٻئي هڪ طبيعت هئا، فرق فقط هيءُ هو ته مدر لطيف فنن جي مالڪياڻي هئي ۽ قاضي صاحب جن ’علامه‘ هئا. مدر، قاضي صاحب جن کان پري گهڻو وقت رهي نه سگهندي هئي. لاچار ڊيوٽيءَ وارو وقت سندن دوري برداشت ڪندي هئي. شل نه علامه صاحب جن جي طبيعت ٿورڙو به ناساز ٿئي، پوءِ ڪنهن کي به علامه صاحب جن سان ملڻ نه ڏيندي هئي. چاڪائيءَ ۾ به کين گهڻو ڳالهائڻ نه ڏيندي هئي ۽ اسان کي چوندي هئي ته توهان به ڳالهايو ته کين ڳالهائڻ کان وقفو ملي[4].

خدمتون[سنواريو]

1923ع واري ڏينھن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب خيرپور رياست ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ھئا، تن ڏينھن ۾ ايلسا قاضي مير علي نواز ناز جي ھڪ سنڌي عزل جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، نه رڳو ايترو پر انھيءَ دور ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب سان گڏجي ھُن سنڌ ۾ پوئٽري سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ان ۾ سرگرم رھي. رڪارڊ مان 11 سيپٽمبر 1952ع تي پوئٽري سوسائٽي جي حيدرآباد واري شاخ ۾ ميرزا قليچ بيگ جي صدارت ھيٺ ھڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ پنھنجي جيون ساٿي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ سان گڏ شريڪ ٿي پنھنجون لکڻيون پڙھندي نظر اچي ٿي. 1932ع ۾ يورپ جي دانشور جارج برنارڊشا جي ھڪ ڪتاب “ADVENTURES OF THE BLACK GIRL IN HER SEARCH FOR GOD” جي جواب ۾ امڙ ايلسا قاضي ۽ علامه آءِ. آءِ قاضي “ADVENTURE OF THE BROWN GIRL IN HER SEARCH FOR GOD” ڇپرائي پڌرو ٿيو. 1952ع ۾ ھن جي شاعريءَ جو مجموعو “TERRESTRIAL AND CELESTIAL ECHOES” پڌرو ٿيو جنھن ۾ 2400 شاھڪار نظم آھن. وفات کان ڪجھ سال اڳ ھن جو شاعريءَ جو آخري مجموعو “Departure of Disguisted cocscience” ”ڊيپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانشنس“ جي نانءَ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. سنڌ ۾ رھي ھن تمام وڏو ڪم ڪيو، سندس رڳو ھڪ نظم نم جو وڻ “Neem Tree” تعليم نصاب ۾ شامل آھن. جڏھن ته ھن مير علي نواز ناز جي شاعريءَ کان وٺي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي نه رڳو ھن پڙھيو پر ھينئن سان ھنڊئي ان جا ترجما پڻ ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپرايل اھو انگريزيءَ وارو لطيف سائينءَ جو ترجمو Resalo of Shah abdul lateef آھي. پر سندس انگريزيءَ شاعريءَ ۽ ناول جا ترجما ٿيڻ کان رھجي ويا. جيڪر اھي ترجما سنڌيءَ ۾ ٿين ھا ته سندس شاعريءَ جي وڏي ڪينواس، سندس فطرت جي نرمائي ۽ حساسيت کي عام ماڻھو وڌيڪ سمجھي سگھي ھا. ان ريت سندس ٺاھيل شاھڪار چتر، تاريخ جي ڪھڙي ڪٻاڙخاني ۾ رھجي ويا، ان جي به ڳولا ٿيڻ گھرجي.[3] سيد امداد محمد شاھ، سائين جي. ايم. سيد جو ننڍو پٽ جنھن جو نالو پڻ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي شخصيت کان متاثر ٿي سائينءَ پنھنجي پٽ تي رکيو. اھو ننڍڙو سيد امداد محمد شاھ علامه. آءِ. آءِ. قاضي ۽ امڙ ايلسا قاضيءَ جي گھر ۾ تعليم پرائڻ لاءِ رھندو ھو. ساڻس گڏ بلوچستان جو ناميارو ليڊر اڪبر بگٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي شاگرد رھندا ھئا. سندن يادگيريون ٻڌائن ٿيون ته: ”امڙ ايلسا قاضي ھڪ استاد کان وڌيڪ ھڪ ٻاجھاري ماءُ وانگر سندن خيال ڪندي ھئي.“ ھو روزانو رات جو ٻارن کي Comics آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي، جيڪي تمام ڊگھيون ۽ ڪيترن ھفتن تائين ھڪ ڪھاڻي جاري رھندي ھئي. امڙ ايلسا قاضي ٻارن کان پڇڻ ۽ سندن ياد ڏيارڻ کان سواءِ ڪھاڻي اتان کڻندي ھئي، جتي ھڪ رات اڳ ھُن ڇڏي ھئي. سائين جي. ايم. سيد امڙ ايلسا قاضيءَ بابت ٻڌايو ھو ته وڏي آرٽسٽ ھئي، ”پنھنجي آرٽ ماڊل کي ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪلاڪن جا ڪلاڪ سامھون ويھاري، ھن جو چتر ٺاھندي ھئي، ”ھن جي آرٽ ي خزاني ۾ لطيف سائينءَ جي سورمين مان ”مارئيءَ کي عمر ڪوٽ مان وطن ڏانھن واجھائيندي ڏسڻ وارو پورٽريٽ“، سھڻيءَ کي گھڙو کڻي مھراڻ ۾ لھڻ وارو پورٽريٽ“ ۽ ٻيا ڪيترائي انيڪ پورٽريٽ ھئا، جيڪي الائي ڪٿي وقت جي بي رحم ھٿن ۾ گم ٿي ويا. ميڊم تنوير جوڻيجو منھنجي ڀاءُ عبدالحفيظ قريشيءَ جي امڙ ايلسا قاضيءَ جي پورٽريٽس کي ڏسندي چيو ھو ته اھڙا ڪيترائي چتر امڙ ايلسا جي گھر ۾ لڳل ھوندا ھئا. اسين پنھنجي ويجھي ماضيءَ کي محفوظ ڪري سگھيا آھيون؟ اھو سوال رڳو تاريخ جي اڀياس ڪندڙن لاءِ ناھي پر اھو سوال سنڌ جي ھر باشعور انسان لاءِ جيڪو ڌرتيءَ جو درد رکي ٿو. امڙ ايلسا جي شاعريءَ وانگر ھن جي چترن ۾ پڻ اوڀر ۽ اولھ جي فني لاڙن جو سنگم چٽو نظر ايندو. ھُن ھڪ ڀيرو پاٽ شريف کان واپس موٽندي سنڌونديءَ کي سن وٽان سانوڻيءَ ۾ ڀرپور وھندي ڏٺو ھو، جڏھن نئين سن ۽ نئين رني ٻئي لڏنديون لمنديون سن وٽان گھٽ ڏئي سنڌوءَ سان ڀاڪرين پئجي رھيون ھيون، تڏھن علامه آءِ. آءِ قاضي کيس انھيءَ نظاري کي ڏيکاريندي ٻڌايو ھو ته: اھو جي. ايم. سيد جو ڳوٺ آھي. تڏھن ٻنھي سن ۾ سيد جي رٿيل ھڪ علمي مرڪزي ”سنڌو وديا ڀون“ قائم ڪرڻ واري رٿا کي ياد ڪيو ۽ ھن جي. ايم. سيد کي انھيءَ جڳھ تي ھن آدرشي علمي مرڪز جي قائم ڪرڻ واري رٿ کي ساراھيو ۽ پنھنجون خدمتون بنان ڪنھن اجوري جي آڇيون. قدرت ڪجھ عرصي کان پوءِ ھنن ٽنھي جي انھيءَ آدرشي علمي مرڪز واري خواب جي ساڀيان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شڪل ۾، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ واري وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ عملي شڪل ۾ مڪمل ٿي[3]. واشنگٽن يونيورسٽي لائبريري سندس ٻن ڪتابن ٽيمپٽيشن(سنڌ جي ٻھراڙي واري زندگي تي لکيل ڊرامو جيڪو 1942 ۾ شايع ٿيو) قابل قدر ڪتابن ۾ شامل ڪيو آھي .[5]

وفات[سنواريو]

فائل:Elsa Kazi's tombstone.jpg
The tombstone of Mother Elsa Kazi

ھن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي ۽ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حدن اندر دفن ڪئي وئي.[2]

احترام[سنواريو]

سندس خدمتن جي احترام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس تي ايلسا قاضي ڪئمپس نالو رکيو ويو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Kazi, Ghulam Nabi. "A letter from Elsa Kazi to her husband Allama II Qazi on 20 April 1950". 
  2. 2.0 2.1 2.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
  3. 3.0 3.1 3.2 {رسالو: سرتيون؛مضمون:امڙ ايلسا قاضي؛از:فھميدہ قريشي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  4. مضمون:علامه آءِ. آءِ. قاضيؒ هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم مفڪر؛ليکڪ:پروفيسر علي نواز جتوئي(رسالو؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد شيخ جلد؛ 35 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ سال :جنوري - مارچ 1986ع)
  5. "South Asian Literature in English, pre-Independence era". lib.washington.edu. وقت 15 June 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 

پڻ ڏسو[سنواريو]