پاٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چٽسالي ٿيل پاٽ، يا پاٽر، اٽو ڳوھڻ جو ٿانءُ جو ھڪ نمونو

پاٽ گھريلو استعمال جو ھڪ ٿانءُ آھي، جيڪو چيڪي مٽيءَ کي پچائي ٺاھيو ويندو آھي.[1] پاٽ ھٿ سان اٽو ڳوھڻ لاءِ ڪم آڻبي آھي، پاٽ جو استعمال اڄڪلھ گھٽجي ويو آھي ان جي جاءِ تي پلاسٽڪ يا اسٽيل جا ساڳئي بناوٽ وارا ٿانءَ جھڙوڪ ٿالهه ڪم اچن ٿا. ھي ٿانءُ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جون استريون اٽو ڳوھڻ لاءِ ڪم آڻينديون ھيون جنھن جو استعمال ھاڻي گھٽجي يا وري سڦا ناھي ٿيندو.

پاترَ، پاٽر ٺِڪَر جي ٿانءَ جو ننڍڙو قسم کي پاٽوڙو سڏبو آھي،[2] پاٽوڙو وري خيرات شادي وھانءَ جي ماني کائڻ لاءِ ڪم ايندو ھيو جيڪو پڻ ھاڻي گھٽي ويو آھي.

سنڌي پھاڪن ۾ استعمال[سنواريو]

پاٽ بابت ڪيترائي پھاڪا چيل آھن.

  • پھاڪو: پاٽ تي ويھارڻ: سمجھاڻي: سُڃو ڪرڻ، ڪنھن کي سُڃو ڀينگو ڪرڻ



حوالا[سنواريو]

  1. "پاٽ2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-02-19. 
  2. "پاٽ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-02-19. 

ٻاھريان ڳنڍڻا[سنواريو]