مواد ڏانھن هلو

عقبه جي نار

بيھڪ: 28°45′N 34°45′E / 28.750°N 34.750°E / 28.750; 34.750
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عقبه جي نار
Gulf of Aqaba
خَلِيج الْعَقَبَة (عربي)
מפרץ אילת (عبراني)
ایلات جي نار
Gulf of Eilat

اوڀر ۾ عقبه جي نار ۽ اولهه ۾ سويز جي نار سان گڏ سينائي ​​جزيري نما
مقام اولهه ايشيا
پاڻي جو قسم نار
اھم داخلي وھڪرا ڳاڙهو سمنڊ
سامونڊي طاس مصر، اسرائيل، اردن ۽ سعودي عرب
وڌ کان وڌ ڊيگھ 160 km (99 mi)
وڌ کان وڌ ويڪر 24 km (15 mi)
سطحي پکيڙ 239 km2 (92 sq mi)
سراسري اونھائي 1,850 ميٽر (6,070 فوٽ)

160 ڪلوميٽر (99 ميل)
24 ڪلوميٽر (15 ميل)
239 چورس ڪلوميٽر

(92 چورس ميل)
وڌ کان وڌ اونھائي 1٬850 m (6٬070 ft)
آباديون عقبه، ايلات، طابا، حقل ۽ شرم الشيخ

عقبه جي نار (عربي:خَلِيج الْعَقَبَة ؛ عبراني: מפרץ אילת :مفراط ايلات) ڳاڙهي سمنڊ جي اترئين پاسي، سينائي جزيره نما جي اوڀر ۽ عربستان جي اولهه ۾ هڪ وڏي نار آهي. ان جي ساحلي پٽي چئن ملڪن؛ مصر، اردن، اسرائيل ۽ سعودي عرب ۾ ورهايل آهي. دنيا جی اتر ۾ سڀ کان وڏی مرجاني چٽان ايلات، اسرائيل جي ساحل جي ويجهو آهي.

تاريخ

[سنواريو]
لوئس هاگي پاران، "گرايا ٻيٽ، عقبه جي نار عريبيه پيٽريا"، سال 1839ع ۾ مقدس سرزمين، شام، ادوم، عربستان، مصر ۽ نوبيا ۾ هڪ واپاري قافلي جو لٿوگراف، اصل ڊيوڊ رابرٽس پاران.

ڳاڙهي سمنڊ جي پار واپار لاء نار جي ڇيڙي تي، ٿيبس جي بندرگاهون ايلم ۽ ايلات، مصر جي چوٿين خاندان جي شروعات ۾ دستاويز ڪيو ويو آهي. ڳاڙهي سمنڊ پار ڪرڻ ۽ ڏکڻ ۾ "پنٽ" ڏانهن وڃڻ واري مهم جو ذڪر مصر جي پنجين، ڇهين، يارهين، ٻارهين ۽ ارڙهين خاندانن ۾ ڪيو ويو آهي. جڏهن هتشيپست واپار کي سهارو ڏيڻ لاءِ هڪ بحري ٻيڙو ٺاهيو ۽ ڇهن مهينن جي سفر ۾ ڏکڻ ۾ پنٽ ڏانهن سفر ڪيو. ٿيبس ڪرناڪ ۾ ممي جي صنعت لاءِ لوبان، مرهه، بٽومين، نيٽرون، جونيپر تيل، لينن ۽ ٽامي جي تعويذن جي خريداري کي آسان بڻائڻ لاءِ ڏکڻ ۾ ڪش علائقن ڏانهن پنهنجي فتحن مان نيوبين سون يا نوب استعمال ڪيو. نار جي چوٽيءَ تي تمنه جي ويجهو مصري آباديون مصر جي اٺين خاندان جي دور جون آهن.

اترئين ڪناري تي، قديم شهر ايله (هاڻوڪي عقبه ۾) نبطين لاءِ هڪ تجارتي مرڪز هو. رومي "ويا ٽرائيانا نووا" نالي جو رستو تعمير ڪيو، جيڪو عقبه ۾ ڪنگز هاءِ وي سان ملي ويو ۽ آفريڪا کي ايشيا ۽ سر زمين شام ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي سامونڊي تجارت سان ڳنڍيو.

عقبه هڪ وڏي عثماني بندرگاهه هئي، جيڪا حجاز ريلوي ذريعي دمشق ۽ مديني سان ڳنڍيل هئي. پهرين عالمي جنگ دوران، عقبه جي جنگ اهم جنگ هئي، جنهن شام جي علائقي تي 500 سالن جي عثماني حڪمراني کي ختم ڪيو.

جاگرافي

[سنواريو]

نار سينائي جزيري نما جي اوڀر ۽ عرب جزيري نما جي اولهه ۾ آهي. سويز جي نار جيڪا اولهه ۾ آهي، اها ڳاڙهي سمنڊ جي اترئين حصي تائين وڃي ٿي. هن جي وڌ ۾ وڌ اوناهي مرڪز ۾ 1,850 ميٽر (6,070 فوٽ) تائين پھتي ٿي، سويز جي نار ويڪرائي ۾ گهڻي وڏي آهي، پر هن جي اوناهي 100 ميٽر (330 فوٽ) کان به گهٽ آهي.

سينائي جزيري نما سويز جي نار (اولهه ۾) ۽ عقبه جي نار (اوڀر ۾) کي ڌار ڪري ٿي.
نويبه، مصر جي ويجهو، عقبه جي نار جو ڏيک.

نار جي ويڪرائي وڌ ۾ وڌ 24 ڪلوميٽر (15 ميل) آهي ۽ اتر ۾ طيران جي گذرگاهه، جتي اسرائيل جي سرحد مصر ۽ اردن سان ملي ٿي، 160 ڪلوميٽر (100 ميل) تائين ڦهليل آهي.

عقبه جو شهر نار تي سڀ کان وڏي آبادي آهي.

ڳاڙهي سمنڊ جي ساحلي پاڻيءَ وانگر، هي نار غوطه خوري لاء دنيا جي بهترين جڳهن مان هڪ آهي. هي علائقو خاص طور تي مرجان ۽ ٻين سامونڊي حياتياتي تنوع سان مالا مال آهي ۽ ان ۾ حادثاتي طور تي ٻڌڻ ويل جهازن ۽ سامونڊي حيات لاءِ رهائش فراهم ڪرڻ ۽ مقامي ڊائيونگ سياحت جي صنعت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جان بوجھ ڪري ٻڏائل جهازن جا ٽڪرا موجود آهن.

شهر ۽ تجارتي اهميت

[سنواريو]

نار جي هن اترئين ڇيڙي تي ٽي اهم شهر؛ مصر ۾ طابا، اسرائيل ۾ ايلات، ۽ اردن ۾ عقبه آهن. اسرائيل ۽ اردن لاءِ ڳاڙهي سمنڊ تائين رسائي جي واحد نقطي جي طور تي، نار خاص طور تي تجارتي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿي. اسرائيل جي صورت ۾، خليج تائين اهي چند ڪلوميٽرن جي رسائي اصل (ڪڏهن به لاڳو نه ٿيل) 1947ع جي گڏيل قومن جي فلسطين جي ورهاڱي واري منصوبي ۾ شامل ڪئي وئي هئي ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان دشمني جي وقت ۾ واپار لاءِ انتهائي اهم بڻجي وئي (مثال طور جڏهن مصر سوئز ڪينال تائين رسائي بند ڪري ڇڏيو)، جڏهن ته نار تي اردن جي 26 ڪلوميٽر (16 ميل) جي ساحلي پٽي اردن جي سرحدن جو واحد حصو آهي جيڪو ان کي مڪمل طور تي زميني طور تي بند ٿيڻ کان روڪي ٿو. نار اونهاري مان لطف اندوز ٿيڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ مشهور تفريح گاهن جو گھر پڻ آهي.

ڏکڻ ۾ وڌيڪ، حقل شهر نار تي سعودي عرب جو سڀ کان وڏو شهر آهي. سينائي ​​تي، مصر جا شرم الشيخ ۽ ذهب اهم مرڪز آهن. آبادي جو سڀ کان وڏو مرڪز عقبه، اردن آهي، جنهن جي آبادي 1,48,398 (2015ع) آهي، ان کان پوءِ ايلات، اسرائيل آهي جنهن جي آبادي 50,724 (2020) آهي.

حدون

[سنواريو]

انٽرنيشنل هائيڊروگرافڪ آرگنائيزيشن نار جي ڏاکڻي حد کي "راس الفاسما کان ڏکڻ اولهه تائين، ريڪوئن ٻيٽ، تيران ٻيٽ ذريعي (27°57′N 34°36′E / 27.950°N 34.600°E / 27.950; 34.600) ان جي ڏکڻ اولهه واري نقطي تائين ۽ اتان کان اولهه طرف هڪ بيھڪ (27°54'N) جي متوازي سينائي ​​جزيره نما جي ساحل تائين" جي طور تي بيان ڪري ٿو.[1]

ارضيات

[سنواريو]

هي نار ٻن نارن مان هڪ آهي، جيڪيون سينائي ​​جزيره نما جي اتر ڳاڙهي سمنڊ ذريعي ورهاست سان پيدا ٿين ٿيون. سوئز جو نار جزيره نما جي اولهه ۾ واقع آهي ۽ عقبه جي نار ان جي اوڀر ۾ آهي. ارضياتي طور تي، نار مردار سمنڊ جي تبديلي جي ڏکڻ ڇيڙي کي ٺاهي ٿي. ان ۾ ٽي ننڍا طاس؛ ايلات ڊيپ، آراگونيز ڊيپ ۽ ڊاڪار ڊيپ آهن، جيڪا چار کاٻي پاسي واري سلپ فالٽ حصن جي وچ ۾ ٺهيل آهن. انهن فالٽس مان هڪ تي حرڪت سال 1995ع جي خليج عقبه جي زلزلي جو سبب بڻي.

حيوانات

[سنواريو]

سياحت

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Former Israeli settlements in the Sinai سانچو:List of seas

حوالا

[سنواريو]
  1. "Limits of Oceans and Seas, 3rd edition" (PDF). International Hydrographic Organization. وقت 8 October 2011 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 December 2020.