نار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ارضيات تي آهي. وڌيڪ استعال لاءِ نار (سلجھائپ) ڏسو.
سيٽلائيٽ مان ورتل ايراني نار جي تصوير

نار (انگريزي: Gulf، اُچار: گلف)، خشڪي جي وچ ۾ موجود اهڙي سامونڊي ڇاڙهه کي چئبو آهي، جنهن جي منهن جي ويڪر هڪ اپسمنڊ کان ننڍي هجي، جيتوڻيڪ سڀني جاگرافيائي خطن ۾ موجود نارن لاء اها وصف ٺهڪندڙ به ڪانهي. نار جو اصطلاح روايتي طور اهڙين سنهين ۽ ڊگهين جهازراني لائق کاري پاڻي وارين سامونڊي کاڙين يا ڇاڙهن لاء ڪتب آندو ويو جيڪي ٽن پاسن خشڪي وارن ڪنارن سان وڪوڙيل هجن جڏهن ته سندن هڪ حصو کليل وڏي سمنڊ سان ڳنڍيل هجي.[1] اهڙن جهازراني لائق سامونڊي نارن جا وڏا مثال ايراني نار، ميڪسيڪو جو نار ۽ عدن جو نار آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. آرٽ ۽ سائنس بابت لغت - واليم 2 جارج گيرگوري - 1816 -  ; as the Black Sea. A gulf is a part of the sea which is nearly surrounded with land; as the gulf of Venice. A bay has a wider entrance than a gulf; as the Bay of Biscay. A strait is a narrow passage that joins ."
  2. Gita Duggal & Baruna Ray Chowdhury - Madhubun ICSE Geography 932599464X – 6 - Page 32 "A gulf is an inlet of an ocean or a sea deep into the land with a narrow mouth. It is more highly indented, more enclosed by the coast and larger than a bay. Some examples of gulfs are Persian Gulf, Gulf of Mexico, Gulf of Eden and Gulf of ..."