عبدالوهاب سڪندري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سوانح حيات پيرطريقت رهبر شريعت استاذ العلماء حضرت علامه مولانا ابو الرضا مفتي محمد عبدالوهاب سڪندري دامت برڪاتهم العاليه نالو: عبدالوهاب ولد عبدالرحيم، ذات چانڊيو. تاريخ ولادت : 05 نومبر 1954ع ڳوٺ قمرالدين چانڊيو، پرائمري تعليم : گورنمنٽ پرائمري اسڪول الله بخش چانڊيو ڳوٺ جمعو خان چانڊيو، تعلقو ۽ ضلعو نوشهروفيروز. ابتدائي فارسي تعليم: مدرسه دارالتوحيد ڳوٺ يوسف ڪورائي ۽ مدرسه انوارالعلوم شهر مورو سنڌ ۾ حاصل ڪئي. اعلى تعليم: يحى خان جي مارشلا کان چند ڏينهن اڳ حضرت علامه مفتي درمحمد سڪندري وٽ مدرسه صبغة الاسلام سانگهڙ شهر ۾ داخل ٿي اتي ڪجهه مهينن ۾ باقي رهيل فارسي ڪورس مڪمل ڪيو. ۽ اعلى عربي جي تعليم جي شروعات ڪئي ، 1970ع ۾ مولوي عربي، 1971ع ۾ مولوي عالم عربي ۽ 1972ع ۾ مولوي فاضل عربي جا امتحان پاس ڪيا، ان وچ ۾ 1971ع ۾ حر مجاهد جي حيثيت سان سانگهڙ مان ڀرتي ٿي رحيم يار خان سانگي دڙي روڊ سان بارڊر تي جنگ ۾ حصو ورتو. مارچ 1972ع ۾ شادي جي سنت به ادا فرمايائون ، 1975ع ۾ علوم عربيه ۽ اسلاميه جي حصول جي تڪميل تي دستاربندي ٿي.

مورو شهر جي اوڀر پاسي جي حسناڻي چانڊيه قوم جي پنجن ڇهن ڳوٺن مان پهريون ۽ بهترين عالم دين هجڻ جي به کين سعادت حاصل آهي. مورو کان اولهه ڳوٺ صاحب خان چانڊيو (مَچُر) مان موجوده دور ۾ ٻه عالم مولانا غلام رسول چانڊيو ۽ مولانا عبدالرشيد سڪندري ولد صاحب خان چانڊيو عالم ٿي گذريا آهن هن وقت سندن برادري جا ڪافي عالم ۽ حافظ سڪندري موجود آهن جيڪي مختلف هنڌن تي دين متين جي خدمت ۾ مصروف آهن.

سندن اساتذه ڪرام: مفتي در محمد سڪندري،حضرت علامه تقدس علي خان بريلوي رحمة الله عليه، حضرت علامه محمد صالح مهررحمة الله عليه، حضرت علامه ڪريم بخش دايورحمة الله عليه، حضرت علامه قاري عبدالرزاق نقشبندي رحمة الله عليه (جامعه مجدديه رڪن الاسلام)، قاري محمد طفيل نقشبندي رحمة الله عليه، حضرت قاري محمد حنيف سعيدي رحمة الله عليه وغيرهم. بيعت:

دوران تعليم محسن قوم وملت اعلى حضرت سيدنا پير سيد شاه مردان شاه ثاني (ڇٽ ڌڻي) رحمة الله عليه جي دست حق پرست تي بيعت جو شرف حاصل ٿيو.   

سندن اولاد:

اولاد ۾ پنج فرزند ۽ چارنياڻيون آهن، ٽي فرزند شادي شده بااولاد قاري ۽ عالم هڪ فرزند آرمي ۾ هڪ ننڍو اٺين ڪلاس ۾ آهي.ٻه نياڻيون تنظيم المدارس جي مقرره نصاب جي تڪميل ڪري عالمه آهن ، پندرهين صدي جو هي پهريون سنڌي عالم آهي جنهن جون ٻه نياڻيون سڀ کان پهريان 2005ع ۽ 2006ع ۾ عالمه جو ڪورس مڪمل ڪري چڪيون آهن. چار ئي نياڻيون به شادي شده آهن. 

عملي زندگي: 10 جون 1983 ع ۾ اوقاف ۾ امامت ملي، 23 اپريل 1986ع ۾ محڪمه تعليم ۾ عربي ٽيچر ٿيا بهتر ڪارڪردگي سبب محڪمه اوقاف کين نه ڇڏيو ۽ پارٽ ٽائيم فڪس تحت سندن ديني خدمتن مان فائدو حاصل ڪندو رهيو، ان دوران 17 نومبر 1993 کان 28 فيبروري 1994ع تائين جامع مسجد درگاهه ڀٽ شاهه ۾ پڻ خطابت جا فرائض انجام ڏنا.1994ع جي آخر ۾ اوقاف کي خير باد چيائون. عربي استاد جي حيثيت دوران 1987ع کان 1992ع تائين عربي اساتذه يونين جا ضلعي صدر رهيا، 1992ع کان 2003ع تائين ڊويزنل صدر رهيا،۽ جواني ۾ ينگ چانڊيو ويلفيئر ايسوسي ايشن قمرآباد جا چيئرمين پڻ رهيا، 2004ع ۾ کين حج جي سعادت لاءِ خوشخبري جو پروانو مليو ته يونين جي ڪمن کان دستبردار ٿي ويا، حج جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس ٿيڻ شرط اپريل 2004ع ۾ مدرسه امام العلوم سڪندريه سليمانيه ڳوٺ قمرالدين چانڊيو ۾ قائم ڪيائون، 2011ع ۽ 2013ع ۾ الله تعالي کين زوجه محترمه سان گڏ عمره جي سعادت عطا فرمائي، الله تعالي جي فضل وڪرم سان جمعيت علماء سڪندريه ضلع حيدرآباد جا صدر رهيا ۽ 6 ذوالقعده 1425ھ جي شام 7 ذوالقعده جي رات جمعيت علماء سڪندريه پاڪستان جابلامقابله مرڪزي صدر منتخب ٿيا ۽ تاحال اها خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن عربي استاد جي حيثيت سان کين 18.04.1989 تي 15 اسڪيل مليو، 1.06.1992 تي 16 اسڪيل مليو 1.07.1994 تي سليڪشن گريڊ 17 مليو 7.04.2010 تي 18گريڊ مليو 18.04.2010 تي 19 گريڊ مليو ۽ 04.11.2014 تي رٽائرمنٽ ٿي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان اسلامي پروگرام به ڪندا رهيا آهن، ڌوم ٽي وي تان پڻ اسلامي پروگرام نشر ٿيا آهن. تصنيفات: خمس وخمسون وصية (پنجونجاه هدايتون) احاديث جو ڪتاب ۽ مشکواة المصابيح جو ممحاة المقابيح نالي اڻ ڇپيل ترجمون ۽ شرح پڻ ڪيل آهي. ماهانه الراشد ۾ ضياءُ القرآن جو سنڌي ترجمون پڻ شايع ٿي رهيو آهي . ان کان علاوه مختلف اخبارن ۾ به سندن مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا.