عاليه چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عاليا چنا

عاليه چنا (انگريزي ٻولي: Aliya Channa) سنڌ جي هڪ اداڪارا آهي[1]، جنهن جو جنم 12 آگسٽ 1983ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو[2]. سندس ماءُ شبيران چنا کيس شوبز جي دنيا ۾ آندو. عاليه جي تعليم انٽر آهي.

فني زندگي[سنواريو]

عاليا چنا فني ڪيريئر جي شروعات ٻاراڻن ڪردارن سان ڪئي. هن 1990ع ۾ پي.ٽي.وي تان نشر ٿيندڙ ٻارن لاءِ پروگرام ”روشن تار“ ۾ حصو وٺي پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هن پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چينلن تي هلندڙ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. سندس مشهور ڊرامن ۾ رواج، هر شخص ڪهاڻي آ، هار، بوبيز ڊرائنگ روم، هائوس نمبر ڊي-70 ذڪر جوڳاآهن. هوءَ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ سنڌيءَ جا مختلف پروگرام ڪندي رهي ٿي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. "چنا شبيران : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  2. "عاليه چنا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-05-15.