شبيران چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شبيران چنا

شبيران چنا فائل فوٽو
پيدائش جنوري 1958 (عمر 66 سال)
‎لاڙڪاڻو, سنڌ, پاڪستان
پيشو اداڪار
سَرگَرمُ سالَ 1987 -2023
جيون ساٿي محمد حسين

"شبيران چنا" (انگريزي ٻولي: Shabira Channa) سنڌ جي نامياري اداڪارا هئي[1][2]. هن مختلف ٽي وي ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي[1].

جيون چرتر[سنواريو]

شبيران چنا، 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ شاهنواز چنو جي گهر ۾ جنم ورتو[1].

ذاتي زندگي[سنواريو]

شبيران جو مڙس محمد حسين، پوليس کاتي ۾ ملازم هو[1]. کيس پنج نياڻيون[1]؛ عاليه چنا، ناديه حسين، ساديه حسين، شازيه حسين ۽ تانيه حسين آهن ۽ ٽي پٽ[1]؛ ’نويد حسين، سجاد حسين ۽ جواد حسين‘ آهن. هوءَ پنهنجي ڪٽنب سميت ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي[1].

تعليم[سنواريو]

شبيران انٽر تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي[1].

نوڪري[سنواريو]

شبيران پرائمري استاد پڻ رهي[1]، هن 32 سال تعليم کاتي ۾ خدمتون ڏنيون، جنهن ۾ ٽي سال لاڙڪاڻي ۾ ۽ 29 سال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين[1].

فني ڪيريئر[سنواريو]

شبيران چنا

چنا فن جي دنيا ۾ 1987ع ۾ پير پاتو[1]. پي ٽي وي تي سندس پهريون سولو پلي ’ڇوڏو‘ هو[1]، جنهن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو.هن لڳ ڀڳ 500 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي[1]. سندس مشهور ڊرامن ۾: ’سوال‘، ’ڪونج‘، ’ڳاڙهي‘، ’زنجيرون‘، ’پٿر دنيا‘، ’نصيب‘، ’رواج‘، ’قسمت‘، ’روڳ‘ ۽ ٻيا شامل آهن[1]. سنڌ جا ماڻهو کيس اصل نالي بدران ڪلاڪاري نالي ’خيران‘، ’مرادان‘ وغيره سان ياد ڪن ٿا[1]. سندس ناٽڪ ڊايلاگ ”خيران جي سر جو خير هجي“ مشهور آهي[1].

شبيران چنا مختلف فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”سنڌو ڪناري“، ”پوتي ۽ پڳ“، ”نصيب“، ”خيران ڌاڙيل“، ”خيران جو بدلو“ ۽ ٻيون شامل آهن[1].

لاڏاڻو[سنواريو]

شبيران چنا 14 مئي 2023 تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي[3][4][5][6]. سندس جنازي نماز جوهر چورنگي لڳ جوهر اسڪوائر ۾ ڪئي وئي جڏهن ته مڙهه کي بلال ڪالوني، ڪورنگي جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو[7][8].

لاڏاڻي کان پهرين عيدالفطر دوران هوءَ پنهنجي ڪٽنب سميت ڳوٺ ۾ وڃي رهي هئي ته سندن گاڏيءَ سان قاضي احمد ڀرسان سڪرنڊ شگر ملز ويجهو روڊ حادثو ٿيو[9] [10][11][12]جنهن ۾ شبيران چنا ۽ سندس ڌيئر پڻ گهايل ٿيون هيون[9][11]. تعلقه اسپتال قاضي احمد ۾ ابتدائي علاج بعد کيس نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ علاج لاءِ موڪليو ويو[9][10][11]، جتان کيس ڪراچيءَ علاج جي لاءِ نيو ويو[13].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 "چنا شبيران : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  2. "Shabira Channa". IMDb. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  3. "آپا شبيران چنه لاڏاڻو ڪري وئي،وڏي وزير سميت ٻين جي تعزيت". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  4. "Sindhi actor Shabira Channa passes away in Karachi". Dunya News. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  5. "سندھی ڈراموں کی اداکارہ شبیراں چنہ ٹریفک حادثے میں انتقال کر گئیں -". dailysubnews.com. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  6. "سنڌ جي ناليواري فنڪارا شبيران چنا لاڏاڻو ڪري وئي - Awami Awaz" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-16. 
  7. "ليجنڊ اداڪارا شبيران چنا جي ڪراچي ۾تدفين، ماحول سوڳوار - Awami Awaz" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-16. 
  8. Tunio, Aftab. "سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي جنازي نماز اڄ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي". www.awaztv.tv. حاصل ڪيل 2023-05-16. 
  9. 9.0 9.1 9.2 tv, Sindh. "قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثو، اداڪارا شبيران چنا ۽ سندس ٻه ڌيئرون زخمي". SindhTvNews. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  10. 10.0 10.1 Moderator, The Time News. "سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا ٻن نياڻين سميت حادثي جو شڪار". The Time News. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  11. 11.0 11.1 11.2 "قاضي احمد ۾ روڊ حادثو: سنڌي ڊرامن جي مشهور آرٽسٽ شبيران چنا سميت 3 ڄڻا زخمي". https://onlineindus.com. حاصل ڪيل 2023-05-15.  External link in |website= (مدد)
  12. Moderator, The Time News. "ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ اڃا سڌارو نه آيو". The Time News. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  13. "سنڌي ۽ اردو ٻولي جي اداڪاره شبيران چنا جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو". وائيس آف سنڌ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-15.