شبيران چنا
| شبيران چنا | |
|---|---|
شبيران چنا فائل فوٽو | |
| پيدائش | January 15, 1958 لاڙڪاڻو, سنڌ, پاڪستان |
| پيشو | اداڪار |
| سَرگَرمُ سالَ | 1987 -2023 |
| جيون ساٿي | محمد حسين |
"شبيران چنا" (انگريزي ٻولي: Shabira Channa) سنڌ جي نامياري اداڪارا هئي[1][2]. هن مختلف ٽي وي ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي[1].
جيون چرتر
[سنواريو]شبيران چنا، 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ شاهنواز چنو جي گهر ۾ جنم ورتو[1].
ذاتي زندگي
[سنواريو]شبيران جو مڙس محمد حسين، پوليس کاتي ۾ ملازم هو[1]. کيس پنج نياڻيون[1]؛ عاليه چنا، ناديه حسين، ساديه حسين، شازيه حسين ۽ تانيه حسين آهن ۽ ٽي پٽ[1]؛ ’نويد حسين، سجاد حسين ۽ جواد حسين‘ آهن. هوءَ پنهنجي ڪٽنب سميت ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي[1].
تعليم
[سنواريو]شبيران انٽر تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي[1].
نوڪري
[سنواريو]شبيران پرائمري استاد پڻ رهي[1]، هن 32 سال تعليم کاتي ۾ خدمتون ڏنيون، جنهن ۾ ٽي سال لاڙڪاڻي ۾ ۽ 29 سال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين[1].
فني ڪيريئر
[سنواريو]
چنا فن جي دنيا ۾ 1987ع ۾ پير پاتو[1]. پي ٽي وي تي سندس پهريون سولو پلي ’ڇوڏو‘ هو[1]، جنهن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو.هن لڳ ڀڳ 500 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي[1]. سندس مشهور ڊرامن ۾: ’سوال‘، ’ڪونج‘، ’ڳاڙهي‘، ’زنجيرون‘، ’پٿر دنيا‘، ’نصيب‘، ’رواج‘، ’قسمت‘، ’روڳ‘ ۽ ٻيا شامل آهن[1]. سنڌ جا ماڻهو کيس اصل نالي بدران ڪلاڪاري نالي ’خيران‘، ’مرادان‘ وغيره سان ياد ڪن ٿا[1]. سندس ناٽڪ ڊايلاگ ”خيران جي سر جو خير هجي“ مشهور آهي[1].
شبيران چنا مختلف فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”سنڌو ڪناري“، ”پوتي ۽ پڳ“، ”نصيب“، ”خيران ڌاڙيل“، ”خيران جو بدلو“ ۽ ٻيون شامل آهن[1].
لاڏاڻو
[سنواريو]شبيران چنا 14 مئي 2023 تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي[3][4][5][6]. سندس جنازي نماز جوهر چورنگي لڳ جوهر اسڪوائر ۾ ڪئي وئي جڏهن ته مڙهه کي بلال ڪالوني، ڪورنگي جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو[7][8].
لاڏاڻي کان پهرين عيدالفطر دوران هوءَ پنهنجي ڪٽنب سميت ڳوٺ ۾ وڃي رهي هئي ته سندن گاڏيءَ سان قاضي احمد ڀرسان سڪرنڊ شگر ملز ويجهو روڊ حادثو ٿيو[9] [10][11][12]جنهن ۾ شبيران چنا ۽ سندس ڌيئر پڻ گهايل ٿيون هيون[9][11]. تعلقه اسپتال قاضي احمد ۾ ابتدائي علاج بعد کيس نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ علاج لاءِ موڪليو ويو[9][10][11]، جتان کيس ڪراچيءَ علاج جي لاءِ نيو ويو[13].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 "چنا شبيران : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Shabira Channa". IMDb (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "آپا شبيران چنه لاڏاڻو ڪري وئي،وڏي وزير سميت ٻين جي تعزيت". Daily Sindhyar (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindhi actor Shabira Channa passes away in Karachi". Dunya News (انگريزي ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سندھی ڈراموں کی اداکارہ شبیراں چنہ ٹریفک حادثے میں انتقال کر گئیں -". dailysubnews.com (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-05-15. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سنڌ جي ناليواري فنڪارا شبيران چنا لاڏاڻو ڪري وئي - Awami Awaz" (اردو ۾). 2023-05-15. 2023-05-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ليجنڊ اداڪارا شبيران چنا جي ڪراچي ۾تدفين، ماحول سوڳوار - Awami Awaz" (اردو ۾). 2023-05-16. 2023-05-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tunio, Aftab. "سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي جنازي نماز اڄ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي". www.awaztv.tv (انگريزي ۾). 2023-05-16 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 tv, Sindh (2023-04-23). "قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثو، اداڪارا شبيران چنا ۽ سندس ٻه ڌيئرون زخمي". SindhTvNews. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Moderator, The Time News (2023-04-23). "سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا ٻن نياڻين سميت حادثي جو شڪار". The Time News (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "قاضي احمد ۾ روڊ حادثو: سنڌي ڊرامن جي مشهور آرٽسٽ شبيران چنا سميت 3 ڄڻا زخمي". https://onlineindus.com (انگريزي ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: External link in(مدد)|website= - ↑ Moderator, The Time News (2023-05-07). "ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ اڃا سڌارو نه آيو". The Time News (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سنڌي ۽ اردو ٻولي جي اداڪاره شبيران چنا جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو". وائيس آف سنڌ (اردو ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.