صنم بلوچ
صنم بلوچ
| |
|---|---|
| پيدائش | صنم بلوچ 14 July 1986 ڪراچي، سنڌ، پاڪستان |
| قوميت | پاڪستاني |
| مادر علمي | ڪراچي يونيورسٽي |
| پيشو | اداڪاره، مارننگ شو ميزبان |
| مذهب | اسلام |
| اعزاز | لڪس اسٽائل ايوارڊز براءِ بهترين اداڪاره (زميني چينل) |
صنم بلوچ (انگريزي ٻولي: Sanam Baloch) سنڌ، پاڪستان جي سنڌي ٻولي ۽ اردو جي مشهور ڪمپيئر ۽ اداڪار آهي. هن جا ٽي وي چئنلن تي ڪيترائي ڊراما ۽ شو مقبول ٿيا. کيس ڪافي اوارڊ به مليل آهن.
فن ۽ زندگي
[سنواريو]صنم بلوچ سنڌ شهر ڪراچي ۾ 14 جولاءِ 1986ع ۾ جنم ورتو[1]. هن پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات پهرين سنڌي اپگرهي چينل ڪي ٽي اين جي پروگرام صنمس سمال روم سان ڪئي. اهو ئي پروگرام سندس تمام گھڻي شهرت جو سبب بڻيو. صنم کان سواءِ صنم جا ڀائر فرحان بلوچ ۽ عمران بلوچ، ڀيڻيون سبرين هيسباڻي، ماهين هيسباڻي، ۽ والده ماريہ بلوچ پڻ ڪي ٽي اين جي مختلف پروگرامن ۾ ڪم شروع ڪيو. مبينه طور سندن خاندان جا تعلقات ڪي ٽي اين جي انتظاميه سان خراب ٿي ويا، جنهن کان پوءِ صنم توڙي سندس خاندان جي مڙني فردن جا پروگرام اچتو ڪي ٽي اين تان اچڻ بند ٿي ويا. ڪجھہ وقت کانپوءِ صنم ڪي ٽي اين تي ڏيئو نالي هڪ ٻيئي پروگرام ۾ ظاهر ٿي، جيڪو صنم سمال روم کان بنهہ مختلف هو.هن سنڌي کان علاوه اردو ۾ به ڪيترن شوز جي ميزباني ڪئي ۽ لاتعداد اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. کيس ڪيترائي آيو؛ رڊ به مليل آهن. هن شادي پڻ ڪئي آهي.[2]
حال
[سنواريو]هن وقت صنم بلوچ اي آر واءِ چينل تي ڪم ڪري رهي آهي.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sanam Baloch celebrates 33rd birthday with her loved ones | SAMAA". Samaa TV (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-06-26 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ڈیسک, انٹرٹینمنٹ (2018-10-13). "صنم بلوچ کی اچانک شادی اور پھر علیحدگی؟". Dawn News Television (انگريزي ۾). 2020-06-26 تي حاصل ڪيل.
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- 1986ع جون پيدائشون
- ايڪيهين-صديءَ جون پاڪستاني اداڪارائون
- بلوچ ماڻھو
- پاڪستان ٽيليويزن جا ميزبان
- پاڪستاني فلمي اداڪارائون
- پاڪستاني ٽيليويزن اداڪارائون
- جيئرا ماڻهو
- سنڌي ماڻھو
- شوبز
- ڪراچي جا ماڻھو
- ڪراچي جون اداڪارائون
- جيوت ماڻهو
- پاڪستاني فلمي اداڪارڻيون