شيخ حميدالدين ناگوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

641ھ

صوفي بخارا ۾ پيدا ٿيو. خواجه بختيار ڪاڪي جو دوست ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي جو مريد هيو۔ اصل نالو محمد هيو مگر حميد الدين جي نالي سان مشهور ٿيا۔ والد جو نالو عطار الله محمود هيو۔ جيڪو شهاب الدين غوري جي زمانر ۾ بخارا کانهندستان آيو. ۽ دهلي ۾ مقيم ٿيو۔ شيخ حميد الدين ظاهري علمن ۾ درجه ڪمال کي پهتل هيو ۽ درس ڏيندو هيو۔ بادشاهه توهان کي ناگور جو قاضي مقرر ڪيو۔ هن منصب تي ٽن سال تائين فائز رهيا۔ پء بغداد پهچي ڪري شيخ شهاب الدين سهروردر جي خدمت ۾ حاضر ٿيا۔ انهن سان بيعت ڪئي ۽ مجاهدا ۽ رراضتون ڪيون۔ خواجه بختيار ڪاڪي به بغداد ۾ مقيم هيو۔ انهن سان گهرا تعلق قائم ٿي ويا۔ بغداد ۾ هڪ سال گزارڻ کان بعد مديني تشريف کڻي ويا ۽ هڪ سال تائين روضه اطهر جا مجاور رهيا۔ پوء ٽن سالن تائين مڪي ۾ رهڻ بعد سلطان التتمش جي زماني ۾ دهلي تشريف آندئون۔ سلطان اوهان جي وڏي قدر ۽ منزلت ڪئي۔ اوهان کي سماع جو تمام وڏو شوق هيو۔ ۽ ان ڪري تمام گهڻا عالم وقت توهان جي سخت خلاف هيا۔ توهان کي بابا فريد سان به تمام محبت ۽ عقيدت هئي۔ بابا فريد توهان جي ٻن ڪتابن ، تواريخ ، ۽ ’راحته الارواح جو حوالو پنهنجي ملفوظات ۾ ڏنو آهي۔ ’’سیر العارفين‘‘ ۾ هڪ ٻي ڪتاب ’’لوائح ‘‘ جو به ذڪر آهي۔