قطب الدين بختيار ڪاڪي
ڏيک
قطب الدين بختيار ڪاڪي | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 1173 |
موت | 27 نومبر 1235 (61–62 سال) دهلي |
عملي زندگي | |
استاد | خواجہ معين الدين چشتي |
ترميم |
خواجه بختيار ڪاڪي قطب الدين صوفي هو. 583ھ/ 1187ع ۾، ترڪستان جي ڳوٺ ”افش“ ۾ ڄائو. سندس نالو قطب الدين هو. ننڍپڻ ۾ بغداد ويو، جتي خواجه معين الدين چشتيءَ جو شاگرد ٿيو. روحاني ۽ تصوف جو علم پرائڻ بعد، هندستان آيو. ”بابا فريد الدين گنج شڪر“، سندس مريد هو. هن ٻه ڪتاب تصوف جي موضوع تي لکيا. هڪ ڪتاب سندس ديوان آهي، جڏهن ته ٻيو ڪتاب ”قوائد السالڪين“ آهي. سال 633ھ/1236ع ۾ وفات ڪيائين.[1]