شاھ بندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاھ بندر
شھر
شاھ بندر
شاھ بندر is located in سنڌ
شاھ بندر
شاھ بندر
شاھ بندر is located in Pakistan
شاھ بندر
شاھ بندر
جاگرافي بيهڪ: city 24°06′N 67°32′E / 24.10°N 67.54°E / 24.10; 67.54مڪانيت: city 24°06′N 67°32′E / 24.10°N 67.54°E / 24.10; 67.54
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو سجاول


شاهه بندرانگريزيءَ ۾ Shah Bander پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي سجاول جو ھڪ شھر آھي.

تاريخ[سنواريو]

شاهه بندر سنه 1759ع ۾ميان غلام شاھ ڪلهوڙي ٻڌايو ۽اورنگا بندر جا سڀ ماڻهو لڏائي اتي آڻي ويهاريائين. اورنگا ۾ انگريزن جو ڪارخانو هو. جو سنه 1775ع ۾ نڪري ويو. شاهه بندر ۾ سنڌ جي حاڪمن جا جهاز بيهندا هئا. سنه 1819ع ۾ جا زمين ڌٻي. تنهن ۾ سنڌو نديءَ جو هيٺيون پاسو ڦري ويو ۽ شاهه بندر ڦٽي ويو. اتي اڪثر ڪڇي ڀاٽيا رهندا هئا، جي مسقط ۽ ٻين پاسن سان واپار ڪندا هئا.[1] شاهه بندر سنه 963ھ (سنه 1555ع) ڌاري، يورپين ماڻهن ٺٽي تي ڪاهه ڪري نقصان رسايو، تنهن کان مرزا عيسيٰ ترخان شاهه بندر نئون ٻڌو. سنه 1172ھ (سنه 1759ع) کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪوج جي ڦٽل ڳوٺ ۾ آڻي شهر ٻڌو ۽ اُتي هڪڙو قلعو ٺهرايائين. انهيءَ شهر جو نالو شاهه بندر ۽ قلعي جو نالو شاه ڳڙه رکيائين. پنهنجي پٽ سرفراز خان کي اتي رکيائين ۽ پاڻ پنهنجن ڀائن سان وڙهڻ لاءِ نڪتو. سنه 998ھ (سنه 1589ع) ۾ جڏهن نواب خان خانان اڪبر جي حڪم موجب سنڌ ۾ آيو، تڏهن هو مرزا جاني بيگ تي ڪاهي آيو، پر قلعو وٺي نه سگهيو؛ تنهن ڪري پاڻ ٺٽي ۾ رهيو ۽ شاه بيگ کي شاه ڳڙه ڏي موڪليائين ۽ سيوهڻ ۽ ٻين پاسن ڏي ٻيا موڪليائين. ابو القاسم ارغون قلعي کي بچائڻ جي ڪئي، پر شاه بيگ ارغون وڙهي قلعو هٿ ڪيو. سنه 1202ھ _سنه 1787ع) ۾ تيمور شاه بادشاه کان عبدالنبي مدد وٺي آيو ۽ مير فتح علي خان سان وڙهڻ نڪتو ۽ انهيءَ کي شڪست ڏنائين. مير سهراب انجام موجب مير سان شامل نه ٿيو ۽ شاه ڳڙه ۾ وڃي لڪي ويهي رهيو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو