مواد ڏانھن هلو

اورنگا بندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اورنگا بندر
اورنگا بندر is located in سنڌ
اورنگا بندر
Shown within سنڌ
اورنگا بندر is located in پاڪستان
اورنگا بندر
اورنگا بندر (پاڪستان)
مقامپکار سير جي ڪپ تي، تعلقي جاتي ۾
علائقوبدين ضلعو
مقانيت24°10′N 68°25′E / 24.16°N 68.42°E / 24.16; 68.42
قسمقديم ڦٽل بندر
تاريخ
ٺاھيندڙاورنگزيب عالمگير
بنياد پيو1650
ترڪ ٿيوميان غلام شاھ ڪلهوڙو جي دؤر کان پوءِ
زمانوسنڌ ۾ مغلن جو دؤر
جي تابع  مغل ايمپائر دھلي
سان لاڳاپيل  سنڌي

سامونڊي ڦٽل -بندر- جا نشان سن 1060ھ (-تذڪره اميرخاني-) 1650ع (سيوھڻ صدين کان) جا آهن. هيءُ ماڳ تعلقي جاتي ۾ پکار سير جي ڪپر تي آهي.

مختلف تاريخدانن ھن -بندر- کي جدا جدا نالن سان سڏيو آھي. -اورنگا بندر- جو بنياد 1650ع ۾ اورنگزيب وڌو ھو بزرگ ابراھيم عرف ميان غوث البغوي والحموي ثم درائي جنھن حضور -جن- جو وار مبارڪ آندو ھو، جيڪو اڃا تائين شاھبندر جي ويران شھر ۾ موجود آھي(؟) -ان- جا وڏا 995ھ / 1586تائين ديري ۾ رھيا ٿي، اهي 1012ھ/ 1603ع ۾ اورنگا ۾ اچي -آباد- ٿيا (سن جو فرق تاريخدانن لاءِ توجهه طلب آھي) 1699ع ۾ اليگزنڊر ھئملٽن جڏھن -ٺٽي- آيو ھو ته -ان- وقت بستا -بندر- ۽ -اورنگا بندر- سنڌ جا مکيھ -بندر- ھئا.... جھاز رانن کي سختيءَ سان حڪم ھو ته پنھنجا جھاز نئين -بندر- تي آڻين. نئون -بندر- ڪن نيڪ ماڻھن لاءِ به ڪشش جو باعث بنيو، -پير لاکو-، قاضي قطب الدين، حاجي قائم ۽ گل شاهه درويشن جا آستانه ۽ مقبرا اتي آھن. 1941ع تائين ھن شھر جا کنڊر چڱي حالت ۾ ھئا (-ٺٽو- صدين کان). -اورنگا بندر- جنھن کي عالمگير (40- 1041ھ) جي مابين، سمنڊ مان -ٺٽي- ڏانھن ھيٺ ايندڙ شاخ مٿان ٺھرايو ھو، سو غلام شاهه ڪلھوڙي جي زماني تائين -آباد- ھو. ۽ ربيع الثاني 1172ھ (ڊسمبر 1758ع) ۾ ھن شاهه ڳڙهه ۽ شاهه -بندر- -آباد- ڪيا، -ان- وقت -اورنگا بندر- کي ڦٽائي اتي جي ماڻھن کي وٺي اچي پنھنجي نو آباديءَ ۾ ويھاريو (اميرخاني). اھو -بندرگاهه- درحقيقت عالمگير اندروني وڳوڙن کي سامونڊي رستي سان منھن ڏيڻ لاءِ -آباد- ڪيو ھو ۽ اھو خيال به ھئس ته نفعو به ڪمائجي. عالمگير پنھنجو ذاتي جھاز ھلائڻ شروع ڪيو ھو.[1]مير خاني تذڪري ۾ آهي ته عالمگير جڏهن سنڌ جو صوبيدار هو ته 16 ــ 1060ھ جي وچ ۾ اورنگابندر جي نالي سان هڪ بندرگاهه ٺهرايو، جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت تائين آباد رهيو[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. اورنگا بندر : (Sindhianaسنڌيانا)[مئل ڳنڍڻو]
  2. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي