اورنگا بندر
جڳھہ | پکار سير جي ڪپ تي، تعلقي جاتي ۾ |
---|---|
خطو | بدين ضلعو |
مقانيت | 24°10′N 68°25′E / 24.16°N 68.42°E |
قسم | قديم ڦٽل بندر |
تاريخ | |
ٺاھيندڙ | اورنگزيب عالمگير |
بنياد پيو | 1650 |
خالي ٿيو | ميان غلام شاھ ڪلهوڙو جي دؤر کان پوءِ |
دور | سنڌ ۾ مغلن جو دؤر |
Satellite of | مغل ايمپائر دھلي |
Associated with | سنڌي |
سامونڊي ڦٽل -بندر- جا نشان سن 1060ھ (-تذڪره اميرخاني-) 1650ع (سيوھڻ صدين کان) جا آهن. هيءُ ماڳ تعلقي جاتي ۾ پکار سير جي ڪپر تي آهي.
مختلف تاريخدانن ھن -بندر- کي جدا جدا نالن سان سڏيو آھي. -اورنگا بندر- جو بنياد 1650ع ۾ اورنگزيب وڌو ھو بزرگ ابراھيم عرف ميان غوث البغوي والحموي ثم درائي جنھن حضور -جن- جو وار مبارڪ آندو ھو، جيڪو اڃا تائين شاھبندر جي ويران شھر ۾ موجود آھي(؟) -ان- جا وڏا 995ھ / 1586تائين ديري ۾ رھيا ٿي، اهي 1012ھ/ 1603ع ۾ اورنگا ۾ اچي -آباد- ٿيا (سن جو فرق تاريخدانن لاءِ توجهه طلب آھي) 1699ع ۾ اليگزنڊر ھئملٽن جڏھن -ٺٽي- آيو ھو ته -ان- وقت بستا -بندر- ۽ -اورنگا بندر- سنڌ جا مکيھ -بندر- ھئا.... جھاز رانن کي سختيءَ سان حڪم ھو ته پنھنجا جھاز نئين -بندر- تي آڻين. نئون -بندر- ڪن نيڪ ماڻھن لاءِ به ڪشش جو باعث بنيو، -پير لاکو-، قاضي قطب الدين، حاجي قائم ۽ گل شاهه درويشن جا آستانه ۽ مقبرا اتي آھن. 1941ع تائين ھن شھر جا کنڊر چڱي حالت ۾ ھئا (-ٺٽو- صدين کان). -اورنگا بندر- جنھن کي عالمگير (40- 1041ھ) جي مابين، سمنڊ مان -ٺٽي- ڏانھن ھيٺ ايندڙ شاخ مٿان ٺھرايو ھو، سو غلام شاهه ڪلھوڙي جي زماني تائين -آباد- ھو. ۽ ربيع الثاني 1172ھ (ڊسمبر 1758ع) ۾ ھن شاهه ڳڙهه ۽ شاهه -بندر- -آباد- ڪيا، -ان- وقت -اورنگا بندر- کي ڦٽائي اتي جي ماڻھن کي وٺي اچي پنھنجي نو آباديءَ ۾ ويھاريو (اميرخاني). اھو -بندرگاهه- درحقيقت عالمگير اندروني وڳوڙن کي سامونڊي رستي سان منھن ڏيڻ لاءِ -آباد- ڪيو ھو ۽ اھو خيال به ھئس ته نفعو به ڪمائجي. عالمگير پنھنجو ذاتي جھاز ھلائڻ شروع ڪيو ھو.[1]مير خاني تذڪري ۾ آهي ته عالمگير جڏهن سنڌ جو صوبيدار هو ته 16 ــ 1060ھ جي وچ ۾ اورنگابندر جي نالي سان هڪ بندرگاهه ٺهرايو، جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت تائين آباد رهيو[2].
حوالا
[سنواريو]- ↑ اورنگا بندر : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي