شاهه مردان شاهه ثاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرت پيرسائين سيد شاه مردان شاه ثاني پير پاڳارو ستون حافظ عبدلقيوم مهر ذاتي زندگي ولادت حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه جن 22 نومبر 1928 مطابق 7 جمادي الاخرى 1347 هجري تي حضرت پير سائين سورهيه بادشاه جي گهر پيرجو ڳوٺ درگاه شريف تي پيدا ٿيا.

نالو ۽ نسب حضرت سيد شاه مردان شاه ثاني سندن خانداني نالو آهي ، جيڪو سندن ڏاڏي شمس العلماءِ حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي ﷥ جي نسبت سان رکيو ويو، ۽ سيد سڪندر علي شاه سندن عرفي نانءُ آهي . پاڻ پنجن واسطن سان حضرت پير سائين روضي ڌڻي ۽ واسطن سان حضرت نبي ڪريم ﷺ جن سان سلسله نسب ۾ ملن ٿا. پاڻ اٺن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي خانداني مرشد گهراڻي جي سجاده نشين سيد محمد شاه ثاني گيلاني جي هٿ ٿي بيعت ڪري سلسلي قادري ۾ شامل ٿيا. ٻين سلسلن ۾ نقشبندي ۽ سنوسي طريقن ۾ به سندن بزرگ بيعت هيا، پنهنجي خانداني روايت موجب اجازت صرف قادري طريقي جي ڏيندا هيا.

لقب ٻين پاڳاره بزرگن کي جيئن جماعت لقب ڏنا هئا ، ايئن پير سائين جن کي به جماعت ” ڇٽ ڌڻي“ جي لقب سان ياد ڪندي آهي ، جو پاڻ پنهنجي بزرگن جي مزار مٿان روضو تعمير ڪرائي مٿس سونو ڇٽ لڳرايو هو، محسنِ ملت “ جو خطاب به سندن سياسي ، مذهبي ۽ دفاعي خدمتن جي ڪري مليل هو.

تعليم ميان احمد فقير مهر گهوٽڪي واري ۽ استاد امام بخشن باقراڻي واري کين ابتدائي تعليم ڏني ، ان کان پوءِ سندن عظيم والد ماجد سورهيه بادشاه جي گرفتاري سبب سڄو سلسلو رڪجي ويو، سورهيه سائين گرفتار ٿيو ۽ سندن خاندان کي نظر بندي ڪري ڪراچي آندو ويو، 20 مارچ 1943 ع تي سورهيه سائين کي شهيد ڪيو ويو، سندن صاحبزادن حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه ۽ ميان حزب الله شاه عرف نادر علي شاه کي تعليم جي بهاني علي ڳڙه آندو ويو، پير سائين جن جي بقول ته:

”ڪراچي مان اسان کي برقعا پارائي علي ڳڙه آندو ويو، اتي پهچڻ کان پوءِ اسان ڪيترن ڏينهن بعد آزاد فضا ۾ ساه کنيو، علي ڳڙه ۾ ٻي تعليم سان گڏ سندن درخواست تي برطانوي حڪومت پراسيڪيوٽنگ انسپيڪٽر صدرالدين کي قرآن پاڪ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اچي کين سبق ڏيندو هو، علي ڳڙه ۾ ڪو خاص انتظام ڪونه هو، پوءِ 1946 جي جون مهيني ۾ سامونڊي جهاز ذريعي کين ليور پول ( انگلينڊ) پهچايو ويو، جتي ڪنهن پبلڪ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ جي بجاءِ هيرو جي ويجو پنر Pinner نالي ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ هڪ ريٽائرڊ فوجي ميجر سي ڊيوس جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو،اتي سندن ٽيوٽرمسٽر پلفورڊ ۽ نگران برطانوي پروفيسر ٽرنر هو. ان اسڪول جي شاگردن جو تعداد هميشه 10 _ 12 ئي رهيو، ۽ اهي سڀ ڪيترن ئي ملڪن جي باغي اڳواڻن جي اولاد يا رشتيدار هئا ، جن ۾ ٿائيلينڊ ، روڊيشيا ، آئس لينڊ ،عراق، ايران ۽ حبشه ( ايٿوپيا) جا هئا. انهن مان حبشه جي بادشاه ” هيل سلاسي “ جو ويجهومائٽ مسٽر ”زوڊي“ اسان جي ويجهو هو ، اسڪول جو ايڏو ته سخت ماحول هو جو ڪنهن کي پنهنجي خاندان متعلق ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي ، ان اسڪول ۾ مضمونن جي چونڊ به شاگردن جي مرضي وٽان نه هئي ، ايستائين جو امتحانن جي تياري دوران عيسائيت جو مضمون Divity ( خدائي ) به پڙهايو ويندو هو، پاڪستان جي حڪومت قائم ٿيڻ تائين اهو سلسلو هلندو رهيو، پوءِ مڌيا پرديش جي ڊاڪٽر رحمان جي توجه ڏيارڻ بعد حڪومت پاڪستان نوٽيس ورتو ، ان کان کان پوِءِ اهو ڪورس تبديل ڪيوويو. انهيءَ سان گڏ کين لاطيني ۽ ميان نادرعلي شاه کي فرانسيسي جي تعليم ڏني ويندي هئي ، پاڪستان اچڻ بعد مولانا مفتي تقدس علي خان بريلوي سندن اتاليق بڻيو، جنهن اسلامي تعليم ڏني.

نظر بندي سن 1942۾ سورهيه سائين جن کي انگريزن گرفتار ڪري ڪراچي آندو ۽ پويان سندن معصوم صاحبزادن کي گهروارن سميت حراست ۾ وٺي ڪراچي آڻي ، بندر روڊ تي ماما پارسي اسڪول جي ويجهو ميرخدابخش ٽالپر جي بنگلي ۾ نظر بند ڪري مٿن پوليس جو پهرو لڳايو ويو. حضرت پير سائين جي بقول : ” ڪنهن سان ملڻ جي اجازت نه هئي ، اسان سان گڏ جيڪي اسان جا چارپنج ملازم هئا انهن کي به ٻاهر وڃي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي ، يعني اهي به اسان وانگي قيدي هئا ، اسان سان گڏ ٻه مرد ملازم هئا ، انهن مان هڪڙي کي اسان وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ وڏي مشڪل سان اهو ملازم راضي ٿيو ، ڇاڪاڻ ته هو اسانکي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو . حقيقت ۾ اسان لاءِ اهو ڏاڍو مشڪل وقت هو . نظربندي کان سواءِ ڪافي ٻيون ڪافي تڪليفون هيون ، اسان کي ڪنهن به قسم جي طبي امداد نه ڏني ويندي هئي ، ان ڪري اسان ڪنهن بي قصور ملازم کي انهيءَ مصيبت ۾ گڏ ڏسڻ نٿي چاهيو پر هنن اسان سان گڏ رهڻ کي اهميت ڏني انهن ڏينهن ۾ اسان جي والد محترم پيرسيد صبغت الله شاه شهيد تي حيدراباد جي جيل ۾ خصوصي مارشل لا تحت مقدمو هلايو ويو ، ڪيس هليو ، انگريزن هن کي شهيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.“

سورهيه سائين جي شهادت بعدپوليس جي هڪ آفيسر مسٽر محمود حسين جي نگراني ۾ کين علي ڳڙه موڪليو ويو.

جلاوطني 1946 ۾ وڌيڪ تعليم ڏيارڻ جي بهاني سان کين پنهنجي برادر ميان نادر علي شاه سان گڏعلي ڳڙه کان ، انگلينڊ اماڻيو ويو، اتي ڪهڙن حالتن ۽ ماحول ۾ رهيا ان جو پيرائتو ذڪر ٿي چڪو آهي.

پاڪستان جي آزادي 14 آگسٽ 1947 ع تي پاڪستان جي قيام جو اعلان ٿيو، آزادي جي جو پرچم لهرايو ويو ، سڀ آزاد ٿي ويا ان نئين ملڪ جي خوشي ۾ سڀني کان آزادي جي عظيم سالار سورهيه بادشاه جا صاحبزادا ۽ سندن حر وسري ويا، جن آزادي لاءِ ڪشالا ڪيا، دربدريون ، جلاوطنيون برداشت ڪيون، جن جا اجها ساڙيا ويا ، جن جا ٻچا ڪٺا ويا، مال متاع جائيدادون ۽ گهر ۽ زمينون ضبط ٿيون، جن شهادتون ڏنيون ، جن سَر جو لقب وٺڻ بجاءِ سِر جو نذرانو ڏنو، انهن آزادي جي پرچم لوڙهن ۽ قيد جي سلاخن پويان بيهي ڏٺو ۽ يا وري سندن مرشد جي صاحبزادن وطن کان دور نئين وطن جو اعلان ٻڌو. ها پاڪستان آزاد ٿي ويو، جن جي طفيل آزاد ٿيو سي اڃان به قيد ۽ جلاوطن.

گادي جي بحالي لاءِ ڪوششون حضرت پير سائين جن جي بقول : ” 1949 ع ۾ پاڪستان جو پهريون وزير اعظم نوابزاده لياقت علي خان، لنڊن جي دوري تي آيو ، برطانيه۾ مقرر پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ابراهيم رحمت الله جي ڪوششن بعد ، نوابزادي مونکي ۽ منهنجي ننڍي برادر ميان نادر علي شاه کي پنهنجي رهائشگاه ” ڪليرجز“ هوٽل تي گهرايو، آزادي جي تحريڪ ۾ اسان جي خانداني جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته حڪومت پاڪستان اسان جي گادي جي بحالي پنهنجو فرض سمجهي ٿي. ان پنهنجي زبان سان اهو فيصلو ٻڌايو، ۽ اها ڳالهه اسان لاءِ قابلِ فخر آهي. 1949 ع ۾ گادي جي بحال ڪرڻ جي فيصلي باوجود ان تي 1952 ع ۾ تعميل بابت سندن جي زباني آهي ته ٿي سگهي ٿو اسان جا اهي مهربان ، جيڪي پيرصاحب شهيد جي زماني ۾ انگريزن جا دستِ راست ۽ معاون خصوصي هئا، سي اسان جي وطن واپسي کان پريشان هجن، ۽ اهي اسان کان خوفزده هئا ، جنهن جو اظهار به مختلف جاين تي ڪري چڪا هئا، اسان جي واپسي جي ڪري انهن سوچيو هو ته حر انهن کي ڳولي ڳولي پلاند ڪندا.

جماعت 51 ع تائين حڪومت جي نيت کي ڏسندي رهي، ٻيو ته اڃان لوڙهن ۾ هئي انڪري ڪا ڪوشش به نه پئي ٿي سگهي ، جڏهن ڪا اميد نظر نه آئي ته پوءِ پير سيد افضل شاه گيلاني ( چناه شريف) سيد محمد علي شاه ڄاموٽ ، پير محمد قاسم مشوري ، پير عبدالخالق ڀرچونڊي ، استاد مولانا محمد صالح ، علي بخش لغاري ، محمد حيات جوڻيجو، محمد موسى وساڻ ،فقير محمد بچل خاصخيلي، ملوڪ فقير مهر ، محمد رحيم مهر جماعت جي خليفن ، معززن ۽ ٻين بزرگن مختلف وقتن تي وفدن جي صورتن ۾ گورنر دين محمد ڪشميري سان ملاقاتون ڪري گادي جي بحالي لاءِ زور ڀريو، گورنر جون به همدرديون خانقاه سان هيون. جڏهن پاڻ انگلينڊ مان پهتا ته ڇهه ڏينهن اڳ نوابزاده لياقت علي خان شهيد ٿي چڪو هو، پاڻ سندن گهر تعزيت لاءِ ويا ، هيڏانهن برطانوي حڪومت جي پاليسي تي هلندڙ سنڌ حڪومت کين گادي جي بحالي کان اڳ ڊگهن شرطن جي فهرست موڪلي ڏني، ته هي به نه ڪرڻو آهي ، هو به نه ڪرڻو آهي پر پاڻ اهي شرط قبول نه ڪيا. پوءِ گورنر دين محمد ئي غير مشروط طور گادي بحال ڪئي.

تاجپوشي صاحبزادن جي واپسي جماعت جي اندر هڪ خوشي جي لهر پيدا ڪئي ، انهن کي اميد جوڏيئو روشن ٿيندي نظر آيو پوءِ ڏهن سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ درگاه شريف جي رونقن ۾ ٻيهر رنگ ڀرجڻ شروع ٿي ويا، 4 فيبروري 1952 تي درگاه شريف جي جامع مسجد جي منبر جي مٿان سورهيه سائين جو نوجوان صاحبزادو رونق افروز هو ، جماعت جي اکيون آسائتيون ان منظر ڏسڻ لاءِ بي تاب هيون ، جڳ مشهور اسڪالر ، علي ڳڙه جي ساٿي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ستين پير پاڳاري طور سيد شاه مردان شاه ثاني جو اعلان فرمايو، درگاه شريف جي فضا گهڻي وقت کان پوءِ ڀيڄ پاڳارا جي نعري جي گونج ٻڌي، چناه شريف جي سجاده نشين سيد افضل شاه گيلاني، سندن برادر ميان نادر علي شاه ، سيد علي شاه راشدي پهريون ور ڏنو ان بعد راشدي سادات ، ٻين معززن دستار جا ور ڏنا. جماعت جي مکن غازي فقير منڱريو ( چونڪي جيسلمير) ، فقير خالقڏنو ڪيريو ( چونڪي نارو ) ، ملوڪ فقير پهوڙ ( چونڪي بان) ، ڪمال فقير راڄڙ ( چونڪي اڇڙو ٿر) ، عيدل فقير نهڙي ( چونڪي کاهوڙ) ، الهبچايو فقير وڪيو ( چونڪي ڪليان ) ، فقير عبدالحميد انڙ ( چونڪي شهدادپور) ، فقير فتح محمد ڇڇر ( چونڪي کِتو) ، حضوربخش ڳاهو ( چونڪي ڳاهڪي )، فقير ولي محمد گاڏيوان ( چونڪي لاڙ) ، فقير مير محمد ڀيو ( چونڪي پار)، احمد فقير لغاري ( سنگت ورياماڻي ) ، سرائي سانوڻ خان نظاماڻي ( سنگت نظاماڻي) ، ملوڪ فقير مهر ( سنگت يوسفاڻي ) ۽ خليفو عبداللطيف سلاوٽي ( سنگت سلاوٽ ) ۽ بين مان رئيس محمد حيات جوڻيجو ، رئيس علي مراد خان سنجراڻي ، مير راڄ محمد ٽالپر ، علي خان سنجراڻيپنهنجون پڳون پيش ڪيون. آگم اکڙين ۾ ، موهن روپ ملار منهن مهتابان اڳرو ، ڪڪر ڪارا وار دلهن ڌنڪبان کي ، سينگاريو سو وار قاسم ! پايل پير جي ، گجي منجهه غبار جڏ سيج چڙهيو سردار، تڏهن عالم آسودو ٿيو. شاديون مخدوم الملڪ غلام ميران شاه جي گهران 1953 ع ۾ ٿي ، جنهن مان ٽي صاحبزادا پير سيد صبغت الله شاه راشدي ، پير سيد علي گوهر شاه راشدي، پير سيد صدرالدين شاه راشدي ۽ ٻه نياڻيون آهن . ٻئي شادي سيد محمود شاه راشدي جي گهران 1996 ع ۾ ٿي ، جنهن مان هڪ صاحبزادو پير سيد حزب الله شاه راشدي ۽ ٻه نياڻيون آهن . حج ۽ عمري جي سعادت سن 1968 ع ۾ پاڻ جج فرض جي ادائيگي لاءِ ويا، ڀلي پار پهچڻ بعد سندن عبادت ۾ اخلاص ۽ تقوى جي شاهدي سندن رفيق ڏيندا .1991 ۾ پاڻ عمري شريف جي لاءِ ويا. خدمتون لوڙهن جو ختم ٿيڻ جماعت جي مٿان حر تحريڪ جي دوران ڏکيا ڏينهن آيا ، تن جو بيان ڪندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ، پر هنن حريت پسندن پنهنجي مرشد جي حڪم تي لبيڪ چوندي اسلام ۽ پاڪستان لاءِ اهڙيون ته بي مثال قربانيون ڏنيون جنهن جو تاريخ جي اندر ٻيو مثال نٿو ملي. پاڪستان جي آزادي بعد پنجن سالن تائين لوڙهن ۾ قيد رهيا جو انهن جو سالار شهيد ٿي ويو، سندن صاحبزاد جلاوطن هئا، 1952 ع ۾ سندن آمد ٿي ته حرن لوڙهن ۾ خوشيون ملهايون ، کين يقين ٿي ويو ته هاڻي ڌڻياتا آهيون ، پوءِ درگاه جي گادي بحال ٿيڻ کان ستت پوءِ 1 اپريل 1952 ع ۾ حضرت پير سائين سردار جن جي مهرباني سان رات جو ٻارهين وڳي حرن جي آزادي جو اعلان ٿيو ، لوڙها لٿا، هر هڪ پنهنجي ماڳن ڏي موٽيو.

تعمير جي ابتدا جماعت تان لوڙها لاهي نئين ملڪ ۾ انهن کي بهترمقام ڏيارڻ لاءِ پير سائين وڏي دانائي ۽ دانشمندي سان ماضي جي تلخ يادن کي وساري مستقبل جو نقشو تيار ڪيو، ان لاءِ لوڙهن جي ختم ٿيڻ بعد پاڻ جماعت جي علمي ترقي واسطي خانقاه جي ديني اداري جيڪو سندن هم نام ڏاڏي حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي جاري ڪيو هو، ۽ اهو سورهيه سائين جي دور ۾ ٻين سلسلن جيان منقطع رهيو هو ، ان کي بنا دير جي مئي 1952 ۾ نئين سر جاري فرمائي ، جماعت ڏانهن ان علمي اداري سان تعاون جو حڪم مبارڪ روانو فرمايو. اڄ کان 60 سال اڳ جاري ڪيل سندن فرمودي جو نمونو ملاحظه فرمايو.

مريد درگاه صداقت آگاه سچي ويساه واراجمله سالم ۽ فرق جماعت سلامت بعد سلامن سنت واضح هجي ته عام جماعت جي بي علمي ۽ جهالت جو خيال ڪري اسان درگاه مبارڪ جي قديمي مدرسي کي ” جامعه راشديه “ جي نالي سان جاري ڪيو آهي ، جنهن ۾ في الحال ٽي عالم مقرر آهن، جيڪي قرآن ، حديث، فقه وغيره ديني تعليم عربي، فارسي، اردو۽ سنڌي زبان ۾ ڏيئي رهيا آهن.۽ هن مدرسي جي لاءِ عبدالغني ڪلهوڙو کي سفير مقرر ڪيو ويوآهي توهان جماعت مان مخير حضرات پنهنجون زڪواتون ، صدقات ۽ خيرات هن مدرسي لاءِ ڏيئي رسيد وٺندا ته لائق دعا موچاري جا ٿيندا. مُهرمبارڪ ( حضرت پيرصاحب پاڳارا)

سياست جو ميدان ڪٿي پڙهيو هوم ته هڪڙي حديث پاڪ ۾ مومن جي نشانين مان هڪ هي نشاني به آهي ته هو پنهنجي زماني کان باخبر هوندو آهي ، سو پاڳاره بزرگن پنهنجي زندگي حالات جي رخ ڏانهن موڙي پنهنجي خدمات جي سفر کي جاري رکيو. حضرت پير سائين جن آيا ته حالات ڏاڍا تبديل ٿي چڪا هئا ، سندس دوست صحافي اظهر سهيل مطابق 1953 ع جي چونڊن ۾ مير غلام علي ٽالپر کين مشورو ڏيندي چيو هو ته اوهان لاءِ ڀلو اهو آهي ته سياست جي بجاءِ دم ڦيڻن واري جهان سان پنهنجي مريدن جي دلين تي حڪومت ڪريو ، گويا ميرصاحب جي لفظن ۾ سياست ۾ اوهان ڇا ڪندو. پر پير سائين سردار پاڻ به فرمايو ته سياست مان پنهنجو خانداني ورثو سمجهان ٿو، منهنجي والد جيڪي روايتون ڇڏيون هيون مان ان کان ڪيئن ڌار رهي سگهيس ٿي، ان کان سواءِ سياست ۾ اچڻ منهنجي مجبوري هئي ، سياست اڄ تائين مونکي ڪجهه ناهي ڏنو، وڃايو ئي آهي ، حاصل ڪجهه ناهي ڪيو، منهجي سياست ۾ Existence جي لاءِ ۽ مريدن لاءِ اچڻ ضروري هو. 1953 ع جي اليڪشن ۾ اسان حالانڪه مسلم ليگ ۾ هئاسين پر پنهنجو گروپ هو ، 53 ۾ وڏو گروپ اسان جي ماڻهن جو هو 37 منهنجا 35 غلام علي ۽ قاضي فضل الله 19 ميمبر عبدالستار پيرزادي سان گڏ هئا ، مير غلام علي ۽ اسان جي ماڻهن کي هڪ جيتريون وزارتون مليون هيون باقي ٻين کي هڪ هڪ وزارت ملي جيڪي پهريان آيا هئا ، سنڌ جي اها حڪومت برطرف ٿي جنهن مان ڇهه وزير ڪڍياويا ۽ پيرزادو عبدالستار برقرار رهيو جنهنکي 54 ع ۾ برطرف ڪيو ويو ۽ خان بهادر کهڙو جيڪو ان وقت اسيمبلي ميمبر نه هو ان کي وڏو وزير بڻايو ويو ته جيئن سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائي سگهجي ، جهڙي نموني ون يونٽ جو بل حيدرآباد ۾ پاس ٿيو ، جڏهن ته مير صاحب ۽ ٻيا ماڻهو مختلف هنڌن تي گڏ ڪيا ويا اها ڪا لڪيل ڳالهه ناهي اها تاريخ آهي جيئن ته هو چونڊيل نه هو، ان کي 54 ۽ 55 جي آخر ۾ سانگهڙ مان منتخب ڪرايو ويو ۽ خانبهادر کهڙي کي جنهن طريقي سان منتخب ڪرايو ويو اهو ڪنٽرول ڊيموڪريسي جو هڪ پنهنجو مثال هو سموري سانگهڙ شهر کي يرغمال بڻايو ويو هو ڪو به اندر وارو ٻاهر نٿي وڃي سگهيو ۽ نه ئي ٻاهر وارو اندر اچي ٿي سگهيو ، ان وقت اسان جو اميدوار هاري حقدار ليڊر هو، هو پهرين شهر ۾ اچي چڪو هو . صبح جو نامزدگي فارم جمع ڪرايو ، جنهن کي پوليس کڻي ٽرڪ ۾ وجهي سرن واري موري وٽ اڇلايو ويو، ۽ کهڙو صاحب گهر ۾ ستو پيو هو . ضلع مئجسٽريٽ انوار عادل جيڪو اسان جو علي ڳڙه جو دوست هو، آگره جو رهواسي هو، هن پنهنجي پٽيوالي کي حڪم ڏنو ته گهڙيال ۾ 12 جي بجاءِ 2 وڄائي ڇڏ. گهڙيال ٻه وڄايا ته انوار عادل اعلان ڪيو ته آفيس وقت ختم ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ کهڙي کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو . ون يونٽ ۾ پهريون ڀيرو اسان جي واسطيدارن ۽ حرن کي رليف مليو ڇو ته سنڌ حڪومت جو اهو هولڊ نه رهيو هو پاليسي لاهور ۾ ٺهندي هئي جيڪا سڀن لاءِ هڪ هئي جنهن سبب اسان ٻئي درجي جي شهريءِ جي بجاءِ سنڌ ۾ ......... شهري ٿي وياسين ، پوءِ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ اوهان ڏٺو هوندو ته جڏهن به سنڌ جي اهڙي حڪومت آئي جيڪا اسان جي نه هئي ته ان هميشه حرن کي انتقام جو نشانو بڻايو ۽ زيادتيون ٿينديون رهيون جيئن ته پاليسيون برطانوي حڪومت جون هيون ان کي هي ماڻهو هلائيندا آيا هئا پر جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي اوهان ڏٺو هوندو ته اسان جي ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ، انهن جي زمينن کي رد ڪرڻ معمول بنجي ويو هو جڏهن هو آيا ته اهوئي ٿيو، ۽ جڏهن نوازليگ جي حڪومت آئي ته اسان جي حق ۾ ته نه هئي بلڪ اسان جي خلاف هئي ، البته ون يونٽ کان پوءِ پهريون ڀيرو سڪون جي زندگي بسر ٿيڻ لڳي ، ۽ ماڻهن ترقي ڪئي، هر حال ۾ روڪ ٽوڪ کان سواءِ وڌڻ لڳاسون ، 1965 کان پوءِ حالتون ضرورت کان وڌيڪ حرن جي حق ۾ ٿيون ۽ خوشحالي ۽ ترقي وڌندي رهي. “ ”ڍاڪا مان ايندي شيخ مجيب ڪراچي ايئر پورٽ کان سڌو هتي مون وٽ آيو هو ، مون کي ڪجهه سرڪاري واسطيدارن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪو مسلم ليگي اوڀر پاڪستان مان منتخب ٿئي يا عوامي ليگ جو اولهه پاڪستان مان چونڊجي . مان ته سمجهي ويو هوس ته اصل راند ڇاآهي مون انهن کي چيو ته منهنجو عيد کان پوءِ عوامي ليگ ڇڏڻ جو پروگرام آهي تيستائين مان ان ۾ آهيان ان کان پوءِ مون عوامي ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ اهوئي ٿيو. سياست ۾ پاڻ شروع کان ئي هڪ الڳ اسلوب رکيو آهستي آهستي سندن ڪردار وڌندو رهيو، پهرين وزير اعظم لياقت علي کان وٺي سڀ حڪمران ساڻن ملڻ لاءِ ايندا رهيا. پوءِ جڏهن ڀٽي جي حڪومت آئي ته هن ” انا ولا غيري“ جي خيال تحت سنڌ ۾ پير صاحب جي طاقت کي ڏسڻ نٿي چاهيو جنهن جو مظاهروهن سياست توڙي 65 ۽ 71 جي جنگين ۾ ڏٺو ، ان لاءِ ڀٽي پير سائين جن کي فون تي ڌمڪيون ڏيڻ کان سواءِ غداري جو الزام به لڳايو، مسٽر فتح محمد ميمڻ جج جي طرفان اهڙو خط به آيو هو جنهن جو پاڻ جواب ڏيندي آخر ۾ لکيو هو ته ” عدالت ۾ ملاقات ٿيندي“ . جڏهن سنڌ ۾ ڀٽي کي ڪو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه هو پر پير سائين يوڊي ايف ( متحده جمهوري محاذ) جو بنياد وڌو ، پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي مسلم ليگ تمام ڪمزور ٿي چڪي هئي 1973 جي ان ڏکين حالتن ۾ پير سائين جن مسلم ليگ جي صدارت سنڀالي کين سهارو ڏنو، 1977 ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف PNA ( پاڪستان نيشنل الائونس ) جو اتحاد جڙيو، تڏهن پير سائين جي سياست جو دنيا هڪ ٻيو نمونو ڏٺو. قومي اتحاد جا سمورا اڳواڻ جڏهن گرفتار ٿيا ته پويان اڪيلي پير سائين جن سڄي تحريڪ کي سنڀاليو، نون پارٽين جي ان اتحاد جو نالو ئي نو ستارا ڀيڄ پاڳارا پئجي ويو. تاريخي ريڪارڊ جي درستي جي لاءِ اها ڳالهه لکڻ ضروري ٿي وئي آهي ته ڀٽي نه فقط پير سائين سردار سان بغض رکيو، پر پوري جماعت عتاب هيٺ رهي، ڇهن حرن وارو واقعو، امين فقير ۽ ٻين کي گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو، خود حضرت پير سائين سردار کي 29 اپريل 1977 تي هڪ ڏينهن لاءِ انٽرڪانٽينٽيل هوٽل ۾ نظر بند ڪيو ويو، قومي اتحاد جي سرگرمين ان ڀٽي جيڪو کين ڌمڪيون ڏيندو هو ان تي مجبور ڪيو جو خود ان هوٽل ۾ حضرت پير سائين سان ملاقات لاءِ پهتو، اتي چيائين ته توهان ئي مونکي هن ميدان ۾ آندو ، پر مان ڀٽڪي ويس هاڻي توهان ئي مونکي گس ڏيکاريو، ڀٽي کي پاڻ فرمايو هو ته ملاقات لاءِ نظربندي وارو طريقو واه جو اختيار ڪيو اٿئي، ٻيو ڀيرو 15 مئي 1977 تي قومي اتحاد جي سربراه جي حيثيت ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت پنهنجي گهر اسلام آباد ۾ نظر بند ڪيو ويو، اها خبر ٻڌڻ بعد سان سڄي ملڪ ۾ حضرت پير سائين سردار جي حق ۾ مظاهرا ٿيا نيٺ ٽن ڏينهن بعد سندن نظربندي ختم ٿي. پوءِ خود پير سائين جي لفظن ۾ باري تعالى مون تي مهربان آهي اهو منهنجي مخالفن کي پاڻ ئي ڪيرائي ڇڏيندو آهي، مون کي ڪجهه ڪرڻو ئي نه پوندو آهي. ان بعد جنرل ضياءُ الحق آيو ، جنهن 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو پر پير سائين جن فرمايو ته ائين هرگز نه ڪندو اهي صرف ڳالهيون آهن . پوءِ ائين ئي ٿيو، پي اين اي جي پليٽ فارم تان پير سائين سردار جي سياست هڪ نئون رنگ اختيار ڪيو، ان دوران سندن اخباري بيانن ۾ به هڪ نئون اسلوب اچي ويو، سندن بيانن کي پهرين مزاح سمجهندا رهيا، پوءِ ان مزاح جي پويان لڪيل حقيقتون سامهون اچڻ شروع ٿيون. ضياءُ الحق جي دور ۾ سندن ڪردار وڌيڪ رهيو، پاڻ 1985 ۾ سينيٽ جا ميمبر ٿيا، غير جماعتي اليڪشن بعد وزيراعظم جي ڪرسي تي پنهنجي مريد کي ويهاريائون، ۽ اتان کان سندن حيثيت بادشاه گر جي بڻي ، سندن دلچسپ بيانن سان گڏ پيشن گوين جو به سلسلو شروع ٿيو، پوءِ دنيا ڏٺو ته پير سائين سردار پنهنجا ڪيترائي مريد وزير، وزير اعلى ، وزيراعظم بنائڻ سان گڏ حرن جي اولاد کي سرڪاري طرح اهم عهدن تائين پهچائي ، چٿيل ۽ پيڙهيل حر جماعت کي خو شحالي ۽ ترقي جي راه تي آندو. ڪيترائي سياستدان لڪ چوري ۾ GHQ جو آشيرواد وٺڻ لاءِ آتا هوندا هئا ، پر اظهار ڪرڻ کان لنوائيندا هيا، پير سائين سردار پوري زندگي ڪڏهن GHQ جي حاضري نه ڀرڻ جي باوجود برملا طور پاڻ کي ان جو ساٿي چوندو رهيو ، پر جمهوري حڪومت جا سڀ نمائندا سندن در جي حاضري ڀرڻ پنهنجي سعادت سمجهندا هئا. 1990 ع ۾ پاڻ پنهنجي پارٽي الڳ بنائي ان کي مسلم ليگ فنڪشنل جو نالو رکيو ، جنهن جا تاحيات سرپرست رهيا. ڪنگري هائوس پاڪستان جي سياسي سرگرمين جو مرڪز رهيو.

1965 جي جنگ حسينيت ۽ حريت تاريخ جا ٻئي گڏيل ڪردار رهيا آهن ، جتي پاڳارا بزرگن حسينيت وارو ڪردار نڀايو ، اتي سندن جماعت به حريت جو ميدان ملهائي ڏيکاريو. حضرت پيرسائين تخت واري جا هي لفظ مبارڪ ته ڏسو ” اسان تشنه لبن وارن جي اولاد آهيون“ پير سائين سردار جن پاڻ فرمايو ته پاڪستان اسان جو گهر ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي ، يا وري ته حر هن ملڪ جا محافظ ۽ خادم آهن ، اسان پاڪستان جي نظرياتي ۽ جغرافيائي سرحدن جا محافظ آهيون. ان ڪري پاڪستان جي مٿان جڏهن به مشڪل وقت آيو ته سڀ کان اڳ ۾ ان جي حفاظت لاءِ پير پاڳارو ئي اٿيو. 1965 ع ۾ ڀارت جڏهن پاڪستان تي ڪاه ڪرڻ جو ارادو ڪيو ، ته پير سائين سردار جي خدمت ۾ فوج جا سرڪرده آيا ته قبلا ! اڄ اسان کي توهان جي دعائن ۽ مدد جي ضرورت آهي. پوءِ پاڻ جماعت ڏانهن حڪم روانو ڪيو ته سڄي جماعت عمر ڪوٽ ۾ حاضر ٿئي ، رڳو اشاري جي دير هئي ، عمرڪوٽ جو تاريخي شهر سفيد پڳن وارن جي نعرن سان گونجي اٿيو. پاڻ بنفس نفيس عمر ڪوٽ ۾ اچي حرمجاهدن سان مخاطب ٿيا. ”منهنجا پيارا حرمجاهدو! اڄ اسان خوش نصيب آهيون جو الله پاڪ اسان کي جهاد جو موقعو عطافرمايو آهي ، اهڙا موقعا بار بار نه ايندا آهن، ۽ اهو ئي ايمان جو نتيجو آهي ، اڄ به ڪفار جي لشڪر گهڻائي جي غرور ۾ اچي اوهان تي حملو ڪيو آهي ، ته جيئن اوهان کي ۽ اوهان جي وطن کي ختم ڪري ڇڏي. تنهن ڪري وڃو ۽ وڃي پنهنجي وطن ، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي لڄن جي حفاظت ڪريو۽ ڪڏهن پوئتي نه هٽجو، دشمن تي وڄ جيان ڪڙڪي پئو، ۽ ايستائين وڙهندا رهو جيستائين فتح حاصل نه ڪريو، پوڙهن ، عورتن ، ٻارن ۽ مظلومن تي هٿ نه کڻجو . آءُ اوهان سان گڏ آهيان ، الله اوهان جو نگهبان آهي. آمين سندن ان خطاب حرمجاهدن جي اندر نئون جذبو ۽ ولولو پيدا ڪيو، بدين کان وٺي بهالپور جي بارڊر تائين حر مجاهد پنهنجي خدمت ۾ جنبي ويا، چند سال اڳ غازي اربيلو فقيرن ان پوري جنگ جو نقشو بيان ڪيو ته حر مجاهدن ڪيئن نه حيرت انگيز ڪارناما سرانجام ڏئي، دنيا کي ڏندين آڱرون ڏنائون ۽ ڀارتي فوج کي ميدان ڇڏڻ تي مجبور ڪيائون. حرمجاهدن جي ڪوشش سان 1200 مربع ميل علائقو فتح ٿيو ، جنهن ۾ گهوٽاڙو، ڪشن ڳڙه ، چوٽڻ ، سوندرو ۽ ٻيا قلعا قبضي ۾ آندائون. ان بعد ريڊيو ۽ اخبارن ۾ پيران پاڳارا ۽ حر جماعت جي اسلام ۽ پاڪستان سان محبت ۽ شاندار قربانين جو وڏي واڪ تذڪرو ۽ ساراه ٿيندي رهي ته حر واقعي ” حر “ آهن ، ۽ ڀارت کي خبر پئجي وئي ته پاڪستان ۾ جيستائين اها جماعت تيستائين اسان ان کي نٿا ختم ڪري سگهون. ڪيترن ئي مجاهدن کي هلال پاڪستان ، نشان پاڪستان ۽ ٻين اعزازن سان نوازيو ويو.

ٻوڏ جي تباهي پيرسائين روضي ڌڻي جي جماعت ۾ اصل فيض ادب ۽ خدمت جي ڪري آهي. هن ڀلاري گهراڻي هي مقام به ادب ۽ خدمت جي ڪري حاصل ڪيو، ماضي ڏي پيرا کڻون ته حضرت پير سائين پٽ ڌڻي جو خدمت جي حوالي سان وڏو نانءُ آهي ، پاڻ زبردست عالم ۽ وڏ گهراڻي جي سادات هوندي به پنهنجي مرشد چناه شريف جي درگاه تي هڪ خادم جي حيثيت سان حياتي بسر ڪئي ، روايت آهي ته پاڻ ، پنهنجي مرشد جي گهوڙن جي اصطبل جي خدمت پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندا هئا، ۽ حضرت پيرسائين روضي ڌڻي ته ڄمندي ئي ڄام هو ، ناليري دانشور سائين غلام رباني آگري سندن شاگردي جي دور جو هڪ واقعو پنهنجي ڪتاب ” سنڌ جا بر ، بحر ۽ پهاڙ ۾ لکيو آهي ته ” ڪوٽڙي ڪبير واري مدرسي ۾ نم جو هڪ وڻ هوندو هو ، جنهن جي هيٺيان تڏا وڇائي ، طالب پنهنجي استاد کان سبق وٺندا هئا ، هڪ ڏينهن مخدوم ميان يارمحمد درس ڏيندي پيرسائين روضي ڌڻي کي چيو ته ابا محمد راشد ! نم جي هن وڻ ۾ ڪانون جو آکيرو آهي ، سي نڀاڳا سڄو ڏينهن ڪن ڪچرو ڪيرائي ، شاگردن جا ڪپڙا خراب ڪندا رهن ٿا. اهو آکيرو ته پٽي ڇڏيو. پيرسائين جن انهيءَ مهل نم تي چڙهيا، ڪانون کين گهڻو ئي ڪڪ ڪيو پر پاڻ آکيرو پٽي پوءِ هيٺ لٿا. اهو ڏسي استاد کي مٿن ڏاڍو پيار آيو ، سندن مٿي تي ٻاجهه جا هٿڙا گهمائي ، کين هنن لفظن ۾ دعا ڏنائون . ” ابا محمد راشد ! جئين اڄ ڪانون توتي ڪانگيرا ڪيا، تيئن الله اهو ڏينهن به آڻيندو جو جُڳ تنهنجي مٿان ڍُرندا.“

مسڪين ماڻهن جي پرگهور ڪيئن لهبي آهي ، ان جو انداز جيڪڏهن ڳولڻو آهي ته راشدي بزرگن کان وڌيڪ ڪو ضرب المثل نٿو ٿي سگهي ، 1676 ع ۾ سنڌ ۾ جڏهن ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ، ماڻهو گهرن کان بي گهر ٿيا، سڀ ڪجهه پاڻي جي نذر ٿي ويو ته حضرت پيرسائين سردار جن ، پنهنجي جد امجد حضرت پيرسائين روضي ڌڻي جي سنت تي عمل ڪيو، سوا ٻه سوسال اڳ جڏهن ” اُلرا“ بند تي دريا سينه زوري ڪئي ته ڪوٽ مير محمد جي ميرن جي سموري زور لڳائڻ جي باوجود بند جي حفاظت ممڪن نه ٿي ته حضرت پيرسائين روضي ڌڻي جي خدمت ۾ دعا لاءِ حاضرٿيا ، پيرسائين روضي ڌڻي جن پاڻ هلي ان جاءِ تي مصلو وڇائي ، جتان دريا پائي رهيو هو ، ٻه رڪعتون نفل پڙهي دعا گهري ، سندن ان دعا جي برڪت سان دريا اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پٺتي هٽڻ شروع ٿيو، پيرسائين جن جي دعا ۾ اهو ڪمال هو جو پورا ٻه سو سال وري ان دريا چاڙه نه ڪئي ، 1976 ع ۾ وري ان دريا پنهنجو جلوو ڏيکاريو ته پاڪ فوج جي جوانن ۽ ٻين ماڻهن جي مدد ۽ گهربل مشينري هئڻ باوجود ان بند جي حفاظت نه ٿي ته حضرت پيرسائين سردار جن پاڻ ولي محمد فقير مير بحر جي عرض تي پاڻ سڳي هنڌ تشريف وٺي آيا . جتي وڌيڪ خطرو هو ، اتي بيهي دعا گهري فرمايائون ” ان شاءَ الله پاڻي نه ويندو ، پر جدوجهد ڪرائيندو“ پوءِ خطري جا گهنڊ لڳڻ جي باوجود مرشد ڪريمن جي انهن تسلي بخشن لفظن جي آڌار تي حر مجاهدن اهو ناممڪن ڪم ، ممڪن ڪري ڏيکاريو. 2010 ع واري ٻوڏ ۾ حضرت پيرسائين سردار جي حڪم تي سندن صاحبزادن جي اڳواڻي ۾ حرجماعت جي هزارين ماڻهن اچي ”الرا“ ۽ ” علي بندر“ کي محفوظ ۽ ڪنٽرول ۾ ڪيو، ان کان علاوه ٻوڏ متاثرن کي سندن حڪم سان درگاه شريف تي آڻي ، انهن جي محفوظ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام درگاه شريف طرفان ڪيو ويو، جيڪي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ رهيل هئا ، انهن لاءِ صبح شام درگاه شريف تان کاڌو پيتو پهچايو ويندو هو. پيرسائين سردار جن جي مهرباني سان اهو سمورو علائقو ٻوڏ کان محفوظ رهيو. 2011 ع جي ٻوڏ جتي سانگهڙ ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ بدين کي بري طرح متاثر ڪيو ته حرجماعت پاڻ متاثر هئڻ جي باوجود ٻين جي لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو . اها ٻي ڳالهه آهي ته هن درگاه جو اهو اصول آهي ته پنهنجي خدمت کي نمائش طور پيش نه ڪندي آهي.

ڌاڙيلن جو خاتمو سنڌ جي خدمت جون دعوائون ته گهڻا ئي ڪن ٿا ، پر صرف نعرا هڻڻ جي حد تائين ، سنڌ توڙي پاڪستان جي مٿان ڪو ڏکيو وقت آيو آهي ته عملي طرح انهن جي حفاظت پيرپاڳاري ئي ڪئي ، ۽ پاڻ تڏهن ئي ته انهن قومپرستن کي ” پيٽ پرست“ چوندا هئا، پنهنجي ڌرتي جي حفاظت کي نه پير سائين جن ڪڏهن ڪيش ڪرايائون ۽ نه ئي وري احسان ڳڻايائون ، بلڪه اهو چوندا رهيا ته هي اسان جو گهر آهي ، هن جي حفاظت اسان نه ڪنداسون پوءِ ڪير ڪندو. سنڌ جي امن ، سڪون ۽ خوشحالي جي تباهي جا ته ڪيترائي محرڪات آهن ، پر انهن مان ڌاڙيل ڪلچر سنڌ کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي ، اهڙو دور جڏهن سنڌي ماڻهن ڌاڙيلن کي رهزن بجاءِ هيرو ڪري پيش ڪيو ، انهن تي دستاويزي فلمون ٺاهيون. ۽ اهي ايڏا ته طاقتور ٿي ويا هئا جو پوليس انهن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي ، خاص ڪري 1970 ع واري ڏهاڪي ۾ ته انهن وڏي دهشت ڦهلائي ڇڏي، ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه پيا اچن، وقت جي حڪومت 1967 ۾ پير سائين جن جي خدمت ۾ عرض رکيو ، جو اهي 65 جي حرن جي بيمثال بهادري ڏسي چڪا هئا ، پوءِ ڪاري ماڇي جي ٽولي کي ڪيئن نه حرن ٽوٽا چٻايا ، 1969 ۾ عباس ڪٽوهر جي ٽولي کي حرن تهس نهس ڪري ڇڏيو. چند سال اڳ اهي ساروڻيون اربيلو فقير ڪٽپر مون سان اوريون هئائين ته دادو ۽ ٻين علائئقن ۾ اسان ڪيئن نه مرشد سائين جي حڪم جي پوئواري ڪندي ميدان ۾ لٿا هئاسين. حرن جي انهن ٻن ڪارواين بعد سنڌ مان ڌاڙي ۽ دهشت جو راڄ ختم ٿيو.

تعميراتي ڪم حضرت پير سائين جن جڌهن وطن واپس وريا هئا ته تنبو لڳائي سندن رهائش ڪئي وئي ، درگاه جون سڀ عمارتون انگريز ختم ڪري ڇڏيون هيون، پير سائين سردار ٻين ڪمن سان گڏ تعميرائي ڪمن جي ابتدا ڪئي ، سندن رهائشگاه جو بنگلي کي ساڳي بنياد ۽ طرز تي تعمير ڪرائي ، پنهنجي بزرگن جي مزارن تي عاليشان روضو ۽ سونو ڇٽ چاڙهايو، جامعه راشديه جي نئين توسيع ٿي ، درگاه شريف جي جامع مسجد جي شاندار نموني سان مرمت ڪرايائون جو پنهنجي بزرگن جي نشانين ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي کين پسند نه هئي ، شاندار حويلي ، مهمان خانو، جماعت جي قيام لا۽ تمام وڏو جماعت خانو ، ذاتي ۽ جامعه جي ڪتابن جي لاءِ جديد قسم جي لائبريري ، ڪشادو لنگر خانو، مخدوم ابوڙي ، مخدوم محمد اسماعيل جي چلي واري مسجد ، درگاه ۽ ان جي مسجد ، شاه صدر لڪي واري جي درگاه ۽ مسجد ۽ ان کانسواءِ اسپتالون ۽ ٻيا خيراتي ادارا تعمير ڪرايا.

تعليم جي اشاعت جامعه راشديه جي اجراءُ سان کان پوءِ پاڻ جماعت جي علائقن ۾ ٻين مدرسن قائم ڪرڻ جو حڪم فرمايو ، سندن ذاتي شوق جي بنا تي سانگهڙ ، شهدادپور، کپرو ۽ ٻين جاين تي مدرسا تعمير ٿيڻ شروع ٿيا ، ڏسندي ڏسندي جماعت جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مدرسن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن ۾ جامعه راشديه جا فارغ عالم سڳورا مقرر ڪيا ويا ، 1967 تائين جڏهن ڪافي عالم ۽ حافط فارغ ٿي ويا ته جامعه جي مهتمم مولانا محمد صالح مهر جي سرپرستي هيٺ سندن عرفي نالي جي نسبت سان سڪندري عالمن جي تنظيم جو بنياد پيو ، ائين اهو سلسلو وڌي ٻن سون کان وڌيڪ مدرسا ۽ هزارن جي تعداد ۾ عالم سڳورا ۽ حافظ فيضياب ٿي نڪتا. مدرسن جي انهن فارغن جي 27 رجب تي مهمان عالمن جي دستار بندي ڪرائي ، پاڻ پنهنجي هٿن مبارڪن سان سندون جاري ڪندا هئا ۽ آخر ۾ کين هڪ مربي جي حيثيت سان ناصحانه خطبو ڏيندا هئا . جماعت جي ديني تعليم جي لاءِ وسائل فراهم ڪرڻ سان گڏ پاڻ پنهنجي هر خطاب ۾ تعليم جو حڪم ڏيندا هئا ، اهو ئي سبب هو جو درگاه شريف جي طرفان ان جي لاءِ فياضي سان موقعا ڏنا، جماعت جا ڪيترائي غريب شاگردن لنگر ۽ درگاه شريف جي خرچ تي پڙهي تمام وڏن عهدن تي فائز ٿيا، تعليم کان پوءِ انهن جي اهليت مطابق روزگار جي فراهمي لاءِ به ڪنگري هائوس جا دروازا هميشه کليل رهيا. حضرت پيرسائين جن خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي گهڻو زور ڏيندا هئا ته انهن جي سڌرڻ سان پوري خاندان جو سڌارو آهي ، سندن ان حڪم جي برڪت ئي هئي جو اڄ جماعت جي اندر ان حوالي سان ڏاڍو شعور آهي ، جماعت جي سرندي وارا ان کي آسان بنائڻ لاءِ ڪافي موقعا ۽ وسائل فراهم ڪندا رهن ٿا.

ڪتب خاني جو قيام

درگاه شريف تي باقاعده ڪتب خانو ، پيرسائين تجر ڌڻي جن ٺهرايو ايئن اهو سلسلو وڌندو رهيو ، تانجو سورهيه سائين جي دور ۾ تحريڪ جي خلاف استعماري لڙائي ۾ اهو به انگريز سامراج جي ور چڙهي ويو، ڪيترائي قيمتي ڪتاب ۽ قلمي نسخا اتان کڻائي ويا. پيرسائين شاه مردان شاه جن جي حوالي سان ڳالهه لڪيل ڪونهي ،ته پاڻ تمام گهڻو۽ گهرو مطالعو ڪندا هئا. اڪثر ڪري وٽن هر موضوع جا ڪتاب هوندا هئا ، انهن جو گهڻو ذخيرو ٿي ويو ، ته پاڻ وڏي خرچ سان درگاه جي ڀرسان هڪ شاندا لائبريري جي اڏاوت ڪرايائون ، جنهن ۾ سندن ذاتي ۽ جامعه راشديه جي لائبريري جا ڪتاب رکيا ويا ، جيڪي چاليهه هزار جي لڳ ڀڳ آهن ،لائبريري ۾ هنن موضوعن تي ڪتاب آهن. قرآن مجيد، تفسير، حديث ، اصول حديث ، سيرت ، تصوف ، فقه ، اصول فقه ، تاريخ ، لسانيات ، هر ٻوليءَ جو گرامر، منطق، فلسفو، عقائد ، علم معاني ، ادب، تحقيق ، حڪمت ، هوميوپيٿڪ، انسائيڪلو پيڊيا، ڊڪشنريز، اسٽرالاجي ، اسٽرانامي، رانديون، وائيلڊ لائف ، فشز ناليج، عرب ناليج، ارٿ ناليج، ورلڊ آرٽ، سيولائيزيشن ، لا،پوليٽڪس ، سائنس ، رياضي ، اجيپٽ ناليج ، چلڊرن ناليج ، اڪنامڪس ، ڪامرس ، ميوزڪ ، اسٽوريز، ڊراما ، بايوگرافيز ، ڪلچر ايجوڪيشن ، فوٽو گرافي ، جنسيات ، امپارٽنٽ پرسن ، مسلم هسٽري، سائڪالاجي ڊيزرٽ ، اينيملس، فلاسافي ۽ ٻيا.

رفاهي ۽ فلاحي ڪم پڳون وڏيون امانتون هونديون آهن، پر پاڳاره بزرگن اهڙيون لازوال خدمتون ڪيون جو پڳون ۽ تاج سندن ئي سرن تي سونهن ٿيون ، حضرت پير سائين جن پاڻ فرمائيندا هئا ته اسان وٽ پنهنجي خانداني روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه آهي ، يا وري ته جماعت جيڪا مون کي جيڪا پڳ ٻڌرائي جامعه راشديه کولي مان پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو. نيڪي ڪر ۽ دريا ۾ وجهه اهو محاورو ته ڏاڍو پراڻو آهي پر هن گنهگار اکين ان جو عملي مظاهرو فقط ۽ فقط خانقاه راشديه تي ڏٺو. حضرت پير سائين سردار ايترا ته رفاهي ۽ فلاحي ڪم ڪيا جو اڄ جا نام نهاد سماجي اڳواڻ به سندن اڳيان ڪابه حيثيت نٿا رکن ، ان حوالي سان پاڻ جيڪي به ڪم ڪيائون ، سي سڀ سندن للاهيت ۽ خلوص جو مظهر آهن، پاڻ ڪڏهن ان جي نه دعوى ڪيائون ۽ نه ئي ڪڏهن پبلسٽي ، بس خير جا اهي سلسلا غير محسوس طريقي سان جاري رهيا.يتيم ، غريب، مسڪين ، شاگرد ۽ حاجتمند سدائين سندن سخا ۽ لنگر مان مستفيض ٿيندا رهيا. جامعه راشديه ۽ ان جون سوين برانچون ، اسڪول ، اسپتالون ، درگاهون سندن ذاتي ڪرم نوازين سان پنهنجي خدمتن ۾ مصروف آهن اهي سخا ۽ خير جا سلسلا سندن صدقي جاريه طور تادير جاري رهندا.

روحاني سفر جماعت جي اصلاح ۽ سڌاري واسطي حضرت پيرسائين روضي ڌڻي سال جا نوَ مهينا سفر ۾ گذاريندا هئا ، سندن گادي تي ويهڻ وارن به ان سنت کي اپنائيندي پنهنجي روحاني سفر کي جاري رکيو، جنهن ۾ سردين ، گرمين جي پرواه ڪرڻ بغير ڏينهن رات وڏيون منزلون طئي ڪندا هئا. پيرسائين شاه مردان شاه جن به پنهنجي روحاني سفر کي ان طرز سان جاري رکيو ، سندن وڏن جي ڪيل منزلن جي دعوت وٺن سان گڏو گڏ جماعت جون ٻيون دعوتون به منظور ڪيائون جتي پاڻ وڃي ڪري جماعت کي خطاب ۽ نصيحتون ڪندا هئا. 1953 کان شروع ٿيندڙ اهي روحاني سفر هر ٻي ٽين سال ٿيندا هئا ، 2000 ع ۾ طبيعت مبارڪ جي ناچاڪي جي ڪري اهو سلسلو رڪجي ويو، پوءِ جماعت کين سفر جي تڪليف ڏيڻ جي بجاءِ اها دعوت درگاه شريف تي ڪندي هئي ، گذريل ٻن سالن دورن درگاه شريف تي ڪافي دعوتون ٿيون ، پاڻ روزاني جماعت کي زيارت سان گڏ روحاني خطاب پڻ فرمائيندا هئا.

سهڻا اخلاق

حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه ثاني جن جي شخصيت هڪ گهڻ رُخي شخصيت هئي ، پاڻ جديد تعليم جي هوندي به پنهنجي خاندان جي روايتن جا امين ۽ محافظ رهيا، قدرت سندن ذات جي اندر بي پناه خوبيون رکيون هيون، عفو درگذر، حسن اخلاق، توڪل ، للاهيت، فياضي ، ڪشاده دلي ، علم ۽ علم وارن سان محبت ، سندن شخصيت جا اهڙا گڻ هئا ، جو ان مقام تي پهچڻ وارن ۾ اهي شيون تمام گهٽ لڀنديون آهن، پر پيرسائين سردار جن جو اهو نمونو اسان سڀني لاءِ ” مشعلِ راه “ آهي.

معافي ۽ درگزر حضرت پير سائين سردار جن ان عظيم خاندان جا سپوٽ هئا، صبر ۽ بردباري ۽ درگذري جن جو شيوو هئي ، پير سائين پٽ ڌڻي پنهنجي قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيو ته پير سائين روضي وارا به ۽ سندن سجاده نشين به ان ئي تعليم تي عمل ڪندا رهيا. پير سائين سردار جيئن ئي خيرن سان آيا ته انگريز جي نمڪ حلالي ڪرڻ وارا پريشان ٿي ويا ته هاڻ ڇا ٿيندو. پر پاڻ ، سندن لفظن ۾ انهن بي ضميرن ۽ بزدلن کي نه صرف معاف ڪيو پر هر ممڪن مدد پڻ ڪيائون. علي محمد راشدي جنهن پير پاڳارو بنجڻ جي اميد تي حر ن سان جيڪي ڪلور ڪيا سي تاريخ جو حصو آهن، پر پير سائين سردار جي بردباري جو عالم ڏسو ته تاجپوشي جي تقريب کان وٺي گڏ رکيائون، ان کي نه صرف معاف ڪيائون، بلڪه ڪيترائي موقعن تي پنهنجو سياسي استاد پڻ ڪوٺيائون. ڇهن حرن جي مشهور واقعي جا پيرا ڄام صادق علي ڏانهن ويا پئي ، اهو جڏهن سندن تڏي تي آيو ته نه صرف معاف ڪيائون بلڪ وزير اعلى جي مسند تي پڻ ويهاريائون. ان کان علاوه جماعت جي حوالي سان پڻ ڪافي ڳالهيون هيون پر پاڻ پنهنجو سڀ ڪم باري تعالى جي حوالي ڪندي معافي ۽ درگذري جون اعلى روايتون قائم ڪيون. مشهور سياستدان شيخ رشيد جي بقول ته پير پاڳاري پوري زندگي ۾ نه ڪنهن کي ايذايو ۽ نه ئي ڪنهن کان انتقام ورتو.

توڪل الله تعالى جي ذات تي ڪامل يقين ۽ ڀروسو ڪرڻ وارن ٻانهن جي تذڪري سان تاريخ جا صفحا ڀريا پيا آهن، هاڻوڪي دور ۾ توڙي جو اهڙن ٻانهن جي ڪميابي ضرور آهي ، پر ڪي آهن ، جن پنهنجو سڀ ڪجهه پالڻهار جي حوالي سان ڪري ڇڏيو آهي، حضرت پير سائين سردار جي انيڪ خوبين سان گڏ اها به هڪ وصف هئي . جو ڪيترائي ڀيرا سندن حضور ۾ ڪي شڪايتون ويون هونديون ، پر پاڻ ان جي مٿان ڪو ردِ عمل ڏيڻ جي بجاءِ اهڙا معاملا الله جي ذات جي حوالي ڪري ڇڏيا، سندن ان عمل جي برڪت هئي جو اهي معاملا آهستي آهستي سندن مرضي ۽ منشا موجب ٿيندا رهيا.

للاهيت چيو وڃي ٿو ته هي ملٽي نيشن دور آهي ، هر ماڻهو پبلسٽي جي ذريعي پنهنجي ٿوري ڪم کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي ، اتي حضرت پيرسائين سردار جي خدمتن کي ڏسجي ٿو ته دنگ رهجي وڃجي ٿو، پر پاڻ ناموس ۽ پبلسٽي جي ڪڏهن به حق ۾ نه رهيا. بس خدا جي رضامندي جي لاءِ جيڪو ڪم ڪيائون ، ان مان مقصود حاصل ٿي ويو، ان کي هرڀرو ڪيش ڪرائڻ جي نه ضرورت محسوس ڪيائون ۽ نه ئي وري ڪنهن اهڙي عمل جي پذيرائي ڪيائون.

طالبعلمن سان محبت طالب علمن جي لاءِ حديث پاڪ ۾ وڏي فضيلت آيل آهي ، پير سائين سردار مزاح طور فرمائيندا هئا ته فوج ۽ طالب العلم دليل کي نه مڃيندا آهن. پر انهن سان پير سائين سردار جي محبت جي لاءِ اهو ڪافي آهي ته پنهنجي مدرسي جي طالبن کي پنهنجي ناني جا مهمان ۽ درگاه جا نمائندا جهڙن لفظن سان ياد ڪندا هئا .پاسي ۾ رهندڙن ۽ محبت وارن وٽ اهڙيون کوڙ روايتون هونديون، پر 1998 کان 2005 ع تائين جامعه راشديه ۾ پڙهندي هن عاجز اکين اهڙا کوڙا واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا. سندن مئنيجر سيد نبي بخش جي ڪنهن ويجهي عزيز جي فوتگي کان پوءِ ختم جي دعا جي لاءِ کين تشريف وٺي اچڻو هو، جامعه وارن کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو ته سنجيده ۽ سمجهه وارا شاگرد اماڻجو، هن گنهگار کي جاءِ ملي وئي ، قرآن پاڪ جي ختم کان فارغ ئي ٿيا هئا سين ته پاڻ خيرن جا آيا ، جامعه جي استاد قاري محمد حنيف ختم پڙهي دعا لاءِ عرض ڪيو ، دعا کان بعد شايد ته سڀني شاگردن سان وڏي شفقت سان ملڻ بعد انتظاميه کي فرمايو ته پهرين هنن مهمانن کي فارغ ڪريو ، هنن جو وقت قيمتي آهي پوءِ اسان. اڄ اهي ڳالهيون ياد ڪري جيءُ جهري پوي ٿو هاڻ اکيون اهي منظر الاءِ ڏسي سگهنديون يا نه . ووءِ ووءِ وئڙا نڪري ، هاڻي هٿ هڻان پٻ ۾ پنهون ڄام جا کُنڊو پير کڻان گهڙي سور گهڻا ، مون ڏي مڪا سڄڻين

عالمن جي عزت افزائي سياسي اڳواڻن توڙي روحاني بزرگن مان پير سائين سردار جيترو پاڙهو ماڻهو ڪو به نه هو، نه صرف عالم بلڪه علم پرور، علم دوست ۽ عالمن جي حد درجي کان وڌيڪ عزت ڪرڻ وارا هئا . 27 رجب جي موقعي تي خانداني روايت موجب عالمن کي مدعو ڪري ، عالمن جي جيڪا عزت افزائي ڪندا هئا ، اهڙيون روايتون هاڻ ڪونه رهيون آهن ، لکين حرن جي دلين تي حڪمراني ڪندڙ پير پاڳارو مسڪين کان مسڪين عالم لاءِ سراپا ادب بنجي پوندوهو ، جامعه راشديه سندن عشق جو عملي نمونو آهي ، اتي تعليم ڏيندڙ عالمن سان سندن ڪهڙو نه شفيقانه رويو رهيو ، ان جي حالات ۽ مسائل کان هميشه باخبر رهندا هئا . پير سائين سردار جي حوالي سان اهڙيون حسين يادون منهنجي استاد قبلا مفتي محمد رحيم وٽ سانڍيل آهن. ته پاڻ ڪيئن نه مفتي صاحب جن کي چوندا هئا ته هاڻي پنهنجي هن کٿابي سان متوجهه ٿي ، يا پنهنجي شاگرد جي سامهون اچو. استاد مولانا محمد صالح، مولانا مفتي محمد صاحبداد ، استاد سيد حسين امام اختر ، مولانا مفتي تقدس علي خان ۽ ٻيا علماءِ ڪرام يا سڪندري عالم ڪيئن نه سندن محبت جي ڪڙي ۾ قابو ٿيا ، اهو هڪ ڊگهو داستان آهي.

وسيع دسترخوان جن جون دليون ڪشاده هونديون آهن ، انهن جا دسترخوان هميشه وڇايل ئي رهندا آهن ، پر ان معاملي ۾ به شاهن جو شاه پير پاڳارو ئي رهيو. سندن چوڻ آهي ته اسان کائڻ به ڄاڻون ٿا ته کارائڻ به ڄاڻون ٿا. اسان جو دسترخوان خدا جي فضل سان ڪڏهن سوڙهو نٿو ٿئي ، جهنڊي واريون گاڏيون ڪڏهن اڳيان هونديون آهن ، ڪڏهن پٺيان. پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ساڻن 1985 ۾ ملاقات ٿي ، ڪراچي ۾ ڪنهن اسپتال ۾ زير علاج هو ته ان جي لاءِ کاڌو پير سائين جن موڪليندا هئا . ان جو بقول ته کاڌو ايترو ته گهڻوهوندو هو جو نه صرف مان بلڪ اتي سڀئي ويٺل به ڍئو ڪري کائيندا هئاسون ۽ جيڪو پلاءُ موڪليندا هئا اهو ايڏو ته لذيذ هوندو جو اهڙو وري مون ڪٿي نه کاڌو. اظهر سهيل جي بقول مون ٻڌو هو ته پير سائين جن ڪنهن جي دعوت قبول نه ڪندا آهن ، آزمائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن مون دعوت ڏني ، جيڪا فورن قبول ڪري ورتائون .پوءِ ڪنهن ٻئي دوست جي بقول ته ان دعوت لاءِ اظهر سهيل وٽ ڪجهه به نه هو ڪيئين نه دوستن پئسا گڏ ڪر ي ، دعوت جو انتظام ڪيو.

سخاوت ۽ فياضي آلِ رسول ڏاڍا فياض ۽ سخي دل ٿيندا آهن ، ڇو ته اهو سندن خانداني ڏاج آهي ، پيرسائين پٽ ڌڻي کان وٺي پيرسائين شاه مردان شاه جن تائين ، جيڪي بزرگ هئا سي سڀ سخي مرد هئا ، ڪيترائي غريب سندن لنگر ۽ فياضي تيل پلندا هئا. حصرت پيرسائين تخت واري وٽ باقاعده فهرستون هيون ، جن کي پاڻ پنهنجي ذاتي خزاني مان خرچ ڏيندا هئا ، جنهن لاءِ پاڻ ان جا اٺ ڀرائي مختلف علائقن ڏانهن اماڻيندا هئا ، کليل هٿ جي هن سائين جي سخاوت جو اهو عالم هو ، جو قرض کڻي به حاجتمند جي حاجت پوري ڪندا هئيا، ان کي خالي هٿين نه موٽائيندا هئا . ايستائين جو وصال مهل سندن ذمي ٽي لک روپيا قرض رهجي ويو. پيرسائين شاه مردان شاه جن پنهنجي بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي ، ان ڪم ۾ ٻه هٿ اڳتي وڌيا، ڪيترائي ماڻهو شروع واري زماني ۾ مسڪين هوندا هئا ، درگاه شريف طرفان انهن کي مهيني سر ان جي ٻوري ۽ ٻيو وظيفو ملندو هو ، اڳتي هلي اهي ماڻهواهم عهدن تي پهتا ، پر درگاه شريف تان اهو سلسلو تاحال هلندڙ آهي ، انهن مان ڪي اهڙا ماڻهو هئا جيڪي پيرسائين سردار جي مخالفت ۾ به رهيا، پر پاڻ ان طرف ڏٺو به ڪونه. هڪڙي ماڻهو کانئن ڏه لکن جو سوال ڪيو ، وٽن پهريون ڀيرو آيو هو ، رستي هلندي سوال ڪيائين ، پاڻ ان جي پس ۽ پيش منظر معلوم ڪرڻ جي بغير ڏهه لک ڏياريا. هڪڙو مولوي صاحب ڪنهن دعوت ۾ شريڪ ٿي پيرسائين جن کان مدرسي جي تعمير لاءِ مدد گهريائين ، پاڻ فرمايو ته ڪيتري کپي؟ ان پنج لک چيا ته پاڻ فورن خليفي کي چيائون ته هن کي پنج لک رپيا ڏئي ڇڏ. ڪتابن سان عشق ڪتاب پڙهڻ ، ڪتاب گڏ ڪرڻ پير سائين سردار جو اهو شوق آهي ، جيڪو سندن ٻين شوقن جيان ورثو ۽ خانداني روايت رهي آهي ، ڳالهه جي سُرکي سمجهڻ لاءِ پاڻ جڏهن ماضي ڏي جهاتي پايون ته هن خاندان جي مورثِ اعلى پيرسائين پٽ ڌڻي جن هميشه ڪتابن جي ڀري پاڻ سان گڏ رکيائون ، سفر ۾ ٻيو ڪو ”زادِ راه“ کڻڻ جي بجاءِ ڪتابن جي ڀري مٿي تي کڻي هلندا هئا، جتي کين آرام ڪرڻو هوندو هو ، اها هڙ مٿي هيٺان ڏيئي سمهي پوندا هئا، نيٺ سندن شهادت جوسبب به اهي ڪتاب بڻيا، حضرت پيرسائين روضي ڌڻي جن ڪتابن سان ايڏو چاه رکندا هئا جو پنهنجي اولاد کي به وصيت ڪيائون ته ڪتاب مهانگي اگهه ۾ خريد ڪجو ، ايئن ڪرڻ سان توهان جي اولاد ۾ علم باقي رهندو. پاڻ به هزارين ڪتاب پڙهيا، پڙهي ٻين کي ٻڌايا ، ۽ رات جو ميڻ بتيون ٻاري ڪتاب لکيا. پيرسائين تجرڌڻي کان وٺي سورهيه سائين تائين جيل ۾ به ڪتاب پڙهندا ۽ لکندا رهيا. پيرسائين شاه مردان شاه جن جي حوالي سان اها ڳالهه تشهير جي گهرجاؤ ڪونهي ، ته ڪتابن سان سندن ڪيترو عشق هو، سڀ کان وڌيڪ ڪتاب پاڙهو جي حوالي سان پاڻ متعارف آهن ، سندن ميز تي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڪونه ڪو ڪتاب پيل هوندو هو، پاڻ ان کي رڳو سرسري نظر سان ڏسندا ڪونه هئا ، پر ڳوڙهو مطالعو ڪندا هئا، ڪتاب پڙهندي کين ڪٿي ڪا غلطي نظر ايندي هئي ته اهل علم کان ان جي درستگي ڪرائيندا هئا ته صحيح لفظ ڪهڙو آهي. جيئن مفتي محمد رحيم سڪندري جي بقول ته سيرت جي موضوع تي ڪو ڪتاب پڙهندي هڪ لفظ آيو ، پاڻ مفتي صاحب کان ان جي تصديق ڪرائي ته اتي ”حلل“ يا ”جلل“ جو لفظ آهي ، درست ڪهڙو ٿيندو. پاڻ ڪتابن کي پنهنجي ذاتي لائبريري ۾ سانڍي رکندا هئا ، سندن لائبريري ۾ آيل سمورن ڪتابن کي نه صرف پڙهندا هئا بلڪه ڪيترن ئي تي پنهنجي هٿ اکرن سان نوٽ به لکيا اٿن.

گهوڙن جو شوق گهوڙا پالڻ يا گهوڙي ڊوڙ سندن شوق رهيو ، سندن اصطبل ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڀلي نسل جا گهوڙا آهن، ڪراچي جو ريس ڪورس گرائونڊ سندن دم قدم سان آباد هو. سندن ان شوق تي ڪافي تنقيد به ٿيندي هئي پر پاڻ وڏي دانائي سان انهن کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا ته گهوڙا پالڻ يا ڊوڙائڻ امير ۽ بادشاهن جو ڪم آهي ، غريبن جو ناهي ، هرڪوپنهنجو ڪم ڪري. هونئن نبي پاڪ ﷺ جن جو به فرمان آهي ته گهوڙو پالڻ کپي ، بهشتي جانور آهي. 1977 ۾ جڏهن پاڻ انٽرڪانٽينٽيل هوٽل ۾ نظر بند هئا ته ڀٽي ملاقات بعد ريس تي پابندي جي ڳالهه ڪئي ، پاڻ فرمايو ته ائين اسان وٽان ڀلن گهوڙن جو نسل ختم ٿي ويندو، تو شراب تي پابندي وڌي آهي ته بند ته ڪونه ٿيو ، رڳو مهانگو ٿيو آهي. نامياري صحافي اطهر سهيل لکيو آهي ته هڪ اجلاس ۾ صدر ضياءُ ، محمد خان جوڻيجو۽ پير سائين جن گڏ هڪ اجلاس ۾ آيا ، مختلف ميمبرن جيڪي تقريرون ڪيون ، انهن مان گوجره جي MPA مسٽر حمزي ، گهوڙن جي حوالي سان پير سائين جن تي تنقيد ڪئي ، اختتامي تقرير ۾ پير سائين جن فرمايو ته اسان جي هڪ ساٿي گهوڙن جي شوق جي حوالي سان مون جي شوق تي تنقيد ڪئي آهي ، منهنجو نانا حضرت رسول اڪرم ﷺ ۽ منهنجو بزرگ حضرت علي عليه السلام گهوڙن سان محبت ڪندا هئا ، قرآن مجيد ۾ به ” فالموريات قدحا“ سان گهوڙن جي تعريف ٿيل آهي، اسان پنهنجي نانا جي سنت تي عمل ڪريون ٿا ، جنهن کي سنت سان نفرت آهي ، ان تي لعنت وجهون ٿا“ سندن ان خطاب سان محفل ۾ سناٽو ڇانئجي ويو ، ڪنهن کي وري ڳالهائڻ جي جرات نه ٿي. سندن بزرگن مان حضرت پير سائين روضي ڌڻي ۽ پير سائين تجر ڌڻي به گهوڙا ڊوڙائيندا هئا،. نبي پاڪ ﷺ جن جي حوالي سان بخاري شريف ۽ ترمذي شريف ۽ سيرت شامي ۾ اچي ٿو ته سنه 5 ۽ 6 هجري ۾ سندن اڳواڻي ۾ ٽي دفعا گهوڙن جي گوءِ ٿي ، سنه 6 هجري ۾ پاڻ ڪريمن ان جو انتظام فرمائي ، گهوڙن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو، سنهي چيلهه وارا ۽ ٻيا. اصيل گهوڙن لا۽ گهڻو مفاصلو ( حيفه کان ثنية الوداع تائين) پنجهه ڇهه ميل ، ۽ ٻين لا۽ ٿورو مفاصلو ( حيفه کان مسجد بني زريق تائين) هڪ ميل رکيو ويو، هن گوءِ ۾ حديث جو راوي حضرت عبدالله بن عمر پاڻ به شامل هو ۽ هي مقابلو حضرت ابوبڪر صديق جي گهوڙي کٽيو

ستارن سان دلچسپي سياست جي حوالي سان حضرت پير سائين سردار ڪافي پيشن گويون ڪيون پوءِ اهي ڪافي پوريون ٿيون، ان کي باري تعالى جي ڪرم نوازي ڪوٺين ٿا ته منهنجي زبان مان نڪتل ڳالهه کي پورو فرمائي ٿو، باقي جيڪي ماڻهو انکي جي ايچ ڪيو يا علم نجوم سان ڳنڍين ٿا ان لاءِ سندن هن وضاهت کان وڌيڪ ڪهڙو جواب ٿي سگهي ٿو. ”مان ڪو نجومي ناهيان ۽ نه ئي پيشن گويون ڪندو آهيان، حقيقت هي آهي ته مان سياسي حالات ۽ ٻين سڀني معاملن جو ڪامن سينس جي بنياد تي تجزيو ڪندو آهيان، جيڪو نتيجو سامهون ايندو آهي ، اهو اوهان ( صحافين) جي اڳيان پيش ڪندو آهيان، ان کان علاوه مون وٽ معلومات جو ڳجهو ذريعو ڪونهي ۽ نه ئي ڪا ڳجهي ايجنسي ٻڌائي ٿي“ منهنجي معلومات جو سڀ کان وڏو ذريعو مون وٽ اچڻ وارو هر قسم جو ملاقاتي آهي، جن کان مان معلومات حاصل ڪندو آهيان، مون وٽ جڏهن ڪي اخبارنويس ايندا آهن ته انهن کي ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ کان پهرين منهنجو اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته ڪا نئين معلومات يا ڪم جي ڳالهه مونکي ٻڌايو. ياوري هي لفظ ته . جيڪي ڳالهيون ماڻهن جي سمجهڻ ۾ نه اينديون هيون، اهي ماڻهو سمجهندا هئا ته پيرصاحب تي الهام ته ٿئي ڪون ٿو ، استخارو ته هو ڄاڻي ئي ڪونه ٿو، اهي يقينن ستارا هوندا. ان ڪري ستارن جون ڳالهيون ماڻهن چوڻ شروع ڪري ڏنيون ، مون ته ڪڏهن دعوى نه ڪئي آهي. بهرحال پاڻ فرمايو ته مان هندوئن وانگر ستارن کي پنهنجو مذهب نه سمجهندو آهيان، هي منهنجي سماجي گپ شپ جو حصو آهي. درگاه شريف جي ڪتبخاني ۾ ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ علوم نجوم ۽ فلڪيات به ڪتاب آهن ، جن جي حاشين تي پاڻ فٽ نوٽ لڳايا اٿن ، ان موضوع تي دنيا ۾ ڪوبه ڪتاب ايندو هو ته پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين حضرت پير سائين جن وٽ پهچندو هو، ممبئي ۾ سندن هڪ دوست آهي ، فلڪيات جو وڏو ماهر آهي پاڻ ان سان رابطي ۾ هوندا هئا ۽ مختلف ڪتاب به گهرائيندا هيا. ان جي سکيا بابت سندن چوڻ آهي ته حيدرآباد دکن جو هڪ مولوي صاحب هو، اهو ڪاروباري شخص هو، ان کي اسان مولوي صاحب سڏيندا هئاسين ، شروع ۾ ان کان سکيو، پوءِ ڪتابن مان سکيو، پر هونئن علوم نجوم سان دلچسپي پاڪ آرمري سکر جي مالڪ مرزا افضل حسين جي ڪري ٿي، اهو سٺو پامسٽ هو۽ ٿورو گهڻو نجوم پڻ ڄاڻندو هو. فوٽوگرافي ٻين شوقن وانگر هي شوق به سندن سماجي زندگي جو حصو رهيو ، 1946 ع ۾ انگلينڊ کان ان شوق جي ابتدا ٿي ، اهو زندگي جي وڏي عرصي تائين رهيو، صحافين جڏهن اسلامي حوالي سان ان جي متعلق پچيو ته فرمايائون فوٽو فوٽو هوندو آهي ، بت بت هوندو آهي ، اسان پوڄڻ جي لاءِ ٿوروئي تصويرون ڪڍندا آهيون. رانديون رانديون ، انساني صحت جي لاءِ انتهائي ضرور ي آهن ، ان سان ماڻهو چست ۽ چوبند رهي ٿو، پيرسائين سردار پنهنجي نوجواني واري دور ۾ راندين ۾ گهڻي دلڇسپي رکندا هئا ، ايستائين جو ڪرڪيٽ جا سٺا رانديگر هئا. 1953 ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ٽورناميٽ جي قائد اعظم ٽرافي ۾ پاڻ سنڌ جي ٽيم جي قيادت ڪيائون، جيڪا بهاولپور ۽ سنڌ جي درميان ڊرنگ اسٽيڊيم بهالپور ۾ کيڏي وئي.ان ميچ ۾ بهاولپور جي پاران مشهور ڪرڪيٽر حنيف محمد سينچري ٺاهي هئي ، اهو حنيف محمد پيرسائين سردار جي حوالي سان هي يادون اوري ٿو. ”پير سائين پاڳارو ڪرڪيٽ جو وڏو شوق رکندا هئا ، جڏهن انگلينڊ پڙهڻ ويا ته اتي به کيڏندا هئا ، هتي اچڻ بعد باقاعده هڪ ٽيم به ٺاهي هئائون ، جنهن ۾ مون سميت ان دور جا ڪيترائي ٽيسٽ ۽ فرسٽ ڪلاس جا رانديگر شامل هئا، پيرسائين جي رهائش ڪراچي جيم خاني جي سامهون ڪلب روڊ تي هوندي هئي ، پاڻ پنهنجي بنگلي ۾ باقاعده نيٽ لڳايو هو جتي اسان پريڪٽس ڪندا هئاسين ، ۽ حيدرآباد ۾ راڻي باغ ۾ ميچون کيڏيون. اها ميچ جنوري 1956 ع ۾ پاڪستان جي دوري تي اچڻ واري ايم سي سي جي ٽيم خلاف کيڏيائون. حنيف محمد کي پيرسائين جن اهو مشورو به چڱي ريت ياد آهي ، جڏهن 1954 ع ۾ انگلينڊ جي دوري تي وڃڻ کان اڳ ڏنائون ته اوهان انگلينڊ وڃو پيا ، جتي جهڙ جي ڪري روشني گهٽ هجي ٿي ، اهڙي حالت ۾ بيٽنگ ڪرڻ آسان ڪونهي، ان ڪري اوهان هتي پريڪٽس جي دوران ان وقت ٻيهر بيٽنگ ڪريو ، جڏهن مغرب جو وقت ٿيڻ لڳي ۽ روشني گهٽجڻ شروع ٿئي ، تانته انگلينڊ وڃو ته اهڙي صورتحال ۾ پريشاني نه ڏسڻي پوي.

شڪار شڪار سندن سڀني شوقن ۾ نمايان آهي ، جماعت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اهڙيون رکون آهن ، جيڪي پيرسائين سردار جي شڪار لاءِ مخصوص آهن ، پاڻ پهريون شڪار صدر ايوب خان سان گڏجي ڪيو هو ، اهو سٺ وارو ڏهاڪو هو ، ان کانپوءِ پاڻ ڪيترائي ڀيرا شڪار ڪيو.

وصال مبارڪ وڏي مدبر ۽ دانشمند روحاني ، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه ثاني جن 22 نومبر تي پنهنجي 84 سالگره کلندي مسڪرائيندي ملهائي، 10 جنوري 2012 ، مطابق 13 صفر 1433 هجري تي وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان ملاقي ٿيا.