سيد شاھ مردان شاھ ثاني
پير پاڳارو (سنڌي: پير پاڳارو) | |
---|---|
اڳوڻو پاڪستان جي ھيٺين ايوان جو رڪن | |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | نومبر 22، 1928 برطانوي راڄ |
وفات | جنوري 10, 2012 (عمر 83 سال) لنڊن, برطانيا |
شهريت | پاڪستاني |
سياسي جماعت | پاڪستان مسلم ليگ (ف) |
رهائش | ڪراچي |
مادر علمي | جامعہ ليورپول |
مذهب | اسلام ((سني، حنفي،قادري)) |
سيد شاه مردان شاه ثاني پير پاڳارا اٺون حُر جماعت جو روحاني پيشوا ھو.
نالو[سنواريو]
سيد شاه مردان شاه ثاني المعروف سيد سڪندر علي شاه سيد شاه مردان شاه ثاني، سندن خانداني نالو ھو، جيڪو سندن جد امجد شمس العلماء پير سيد شاه مردان شاه اول ڪوٽ ڌڻيءَ جي نسبت سان رکيو ويو، سيد سڪندر علي شاه سندن عرفي نالو آھي، پر پير پاڳارو جي نالي سان ڄاتا ويندا ھيا.
نسب[سنواريو]
پير صاحب پاڳارو اٺون، ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني خانقاه امام العارفين سيد محمد راشد شاه صاحب الصوم (روزي ڌڻي) جا اٺان سجاده نشين، تحريڪ آزادي جا عظيم مجاهد، سيد صبغت الله شاه شهيد سورهيه بادشاه جي وڏا صاحبزادا، سندن
نسب جي سلسلي ۾ پنج واسطن کان راشدي خاندان جي جد امجد پير سيد محمد راشد روزي ڌڻي سان ۽ امام علي رضا، امام موسي ڪاظم ، امام حسين، حضرت علي المرتضي ۽ بي بي فاطمه جي توسل سان ايڪيتاليھ واسطن سان حضور جان عالم نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان ملن ٿا۔
پيدائش[سنواريو]
22 نومبر 1928ع بمطابق 7 جمادي الثاني، پير جو ڳوٺ ضلعو خيرپور ميرس (سنڌ) ۾ پيدا ٿيا.
لقب[سنواريو]
ھن خانقاه جا متوسل، مرشدن جي نالي جي بجاءِ لقبن سان ياد ڪندا آھن، ٻين بزرگن وانگر، سيد شاه مردان شاه جو لقب "ڇٽ ڌڻي" ھو، ان جو مطلب آھي سائبان. پاڻ بزرگن جي مزارن تي روضو تعمير ڪرائي ان تي سون جو گنبد لڳرايو، ان جي ئي نسبت سان بہ چوندا آھن.محسنِ ملت، پيڪرحريت، اعليٰ حضرت جا لقبن سان بہ جماعتي (مريد ۽ معتقد) ياد ڪندا آھن.
تعليم ۽ تدريس[سنواريو]
احمد فقير مهر نالي گھوٽڪي جي ھڪ بزرگ ۽ حافظ امام بخش باقراڻي واري ابتدائي تعليم ڏني. ان کان بعد تحريڪ آزادي ۾ مصروف سندن والد گرامي سورهيه بادشاه جي گرفتاري ۽ خاندان جي نظر بندي جي ڪري تعليم بيھجي وئي، 20 مارچ 1943ع تي سورھيہ بادشاه کي شهيد ڪيو ويو، سندن صاحبزادن پير سيد شاه مردان شاه ۽ ميان حزب الله شاه المعروف نادر علي شاه کي، تعليم جي بهاني انگريزن علي ڳڙھ طرف موڪليو۔
پاڻ مسلم ليگ (فنڪشنل) جا سربراه ھيا. هندستان تي برطانوي قابض حڪومت 1942ع ۾ حر مجاهدن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڪري پير پاڳارو جي والد پير صبغت الله شاه کي ڦاھي ڏني ۽ ان جي پٽن کي اغوا ڪري لنڊن کڻي ويا. 1952ع ۾ پير پاڳارو وطن واپس آيو ۽ سياست ۾ مشغول ٿي ويو.
وفات[سنواريو]
تاريخ 10 جنوري 2012ع مطابق 16 صفر المظفر 1433ھ تي رات 23:30 تي لنڊن جي اسپتال ۾ وصال فرمايائون۔ پير جو ڳوٺ خيرپور سنڌ ۾ بزرگن جي ڀر ۾ مدفون ٿيا.[1]
خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]
- پير پاڳارو لنڊن ۾ وفات ڪري ويو
- پير پاڳارو، مسلم ليگ فنڪشنل جو سربراه
- پير پاڳارو جڳ موقع جال
- پير پاڳارو لنڊن هسپتال ۾
- پير پاڳارو جو ڪرڪٽ پروفائل
حوالا[سنواريو]
- ↑ "حرون ڪي پيشوا پِير پگارا انتقال ڪرگئي". بي بي سي اردو موقع. 11 جنوري 2012ع. http://www.bbc.co.uk/urdu/pakistan/2012/01/120110_pir_pagara_dies_ar.shtml.
Persondata | |
---|---|
نالو | پير پاڳارو |
ٻيا نالا | |
مختصر خاڪو | |
ڄم جي تاريخ | |
ڄم جو هنڌ | |
وفات جي تاريخ | |
وفات جو هنڌ |
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- مواد سانچا دستاويز
- 1928ع جون پيدائشون
- 2012ع جون وفاتون
- پاڪستان جا ڪرڪيٽ رانديگر
- پاڪستان مسلم ليگ (ف) جا سياستدان
- پاڪستاني سني
- پاڪستاني سياستدان
- پاڪستاني صوفي
- پاڪستاني مذھبي اڳواڻ
- پير جو ڳوٺ جا مشائخ
- پيرپاڳارو
- حر جماعت
- سنڌ جا ڪرڪيٽ جا رانديگر
- سنڌ جا ڪرڪيٽ رانديگر
- سنڌي سياستدان
- سنڌي ماڻھو
- ڪراچي جا سياستدان
- ڪراچي جا ماڻھو