مواد ڏانھن هلو

سوارا ڀاسڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سوارا ڀاسڪر
Swara Bhaskar
ڀاسڪر سال 2018 ۾ لڪس گولڊن روز ايوارڊ جي تقريب ۾ فوٽو ڇڪرائي رهي آهي
پيدائشSwara Bhaskar
09 اپريل 1988 (عمر 38 سال)
دهلي, انڊيا
قوميتانڊين
تعليمسماجيات (سوشيالوجي) ۾ ايم اي جي ڊگري
مادر علميمرانڊا هائوس، دهلي
جواهرلال نهرو يونيورسٽي
پيشواداڪارڻ، ناٽڪڻ (اداڪارا، ايڪٽريس)
سَرگَرمُ سالَسال 2009 کان هينئر تائين
ماءُپيءُڪمانڊر چتراپو اودي ڀاسڪر (پيءُ)
ايرا ڀاسڪر (ماءُ، امڙ)

سُوَارا ڀاسڪر (انگريزي ٻولي: Swara Bhaskar) هڪ ڀارتي فلمي اداڪارا آهي. هن گهڻي ريت باليووڊ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس بهترين اداڪاري جي عيوض کيس ٻہ ڀيرا اسڪرين اعزاز سان نوازيو ويو ۽ ٽي ڀيرا فلم فيئر ايوارڊ جي لاءِ نامزد پڻ ڪيو ويو.

سوارا هڪ نيول آفيسر چترپو آدي ڀاسڪر جي ڌيءُ آهي، هن جو ننڍپڻ دهلي ۾ گذريو. دهلي يونيورسٽي کان انگريزي ۾ بي اي ڊِگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ جواهرلال نهرو يونيورسٽي ۾ ايم اي سماجيات (سوشيالاجي) جي لاءِ داخلا ماڻيائين.

ڪيريئر

[سنواريو]
سوارا ڀاسڪر ويڊنگ جنڪشن فيسٽيول شو ۾ چڙهائي (ريمپ) پَنڌُ (واڪ) ڪري رهي آهي

سوارا 2009 ۾ پنهنجي شروعاتي فلم مڌولال ڪيپ واڪنگ ۾ معاون ڪردار نڀايو. سال 2011 ۾ فلم تنوويڊزمنو ۾ معاون ڪردار نڀايائين، جنهن ۾ سندس اداڪاري وڏي پيماني تي مڃي وئي. ان فلم ۾ هن جي ڪارڪردگي (پرفارمنس) کي فلم تنقيد نگارن طرفان ساراهيو ويو ۽ بهترين معاون اداڪارا لاءِ فلم فيئر اعزاز (ايوارڊ) جي لاءِ کيس نامزد ڪيو ويو. سال 2013 جي رومانوي (رومانٽڪ) فلم رانجهنا جنهن کي فلمي تنقيدنگارن خراجِ تحسين پيش ڪيو، تنهن فلم ۾ سندس اداڪاري کي ڏاڍو ساراهيو ويو. ان فلم جي اداڪاري سبب هن کي ٻيهر بهترين معاون اداڪارا لاءِ فلم فيئر ايوراڊ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو.[1] تنو ويڊز منو ريٽرنز جي اداڪاري کي پڻ وڏو ساراهيو ويو، انکانپوءِ فلم پريم رتن ڌن پايو ۾ ڪردار نڀايائين. اهي ٻئي فلمون سال 2015 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ فلمون آهن. سال 2016 جي فلم نل بٽي سناٽا ۽ سال 2017 جي فلم انارڪلي آف آرا کي پڻ سُٺي نگاهہِ سان ڏٺو ويو، جنهن ۾ هن مُک اسٽار طور ڪردار نڀايو هيو. انهيءَ فلم جي لاءِ کيس بهترين اداڪارا لاءِ اسڪرين تنقيدي اعزاز سان نوازيو ويو ۽ نيٺ فلم کي بهترين اداڪارا لاءِ فلم فيئر ايوراڊ نامزد ڪيو ويو.[2]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

سوارا جي پيدائش اپريل 9، 1988 تي دهلي ۾ ٿي.[3][4][5][6] هن جو پيءُ چترپو ادي ڀاسڪر تيلگو نيول آفيسر هيو ۽ هن جي ماءُ جواهرلال نهرو يونيورسٽي ۾ پروفيسر هُئي. سوارا دهلي ۾ ئي پرورش پاتي ۽ سردار پٽيل ودياليا منجهان اسڪولي تعليم پرائي.[7] انکانپوءِ دهلي يونيورسٽي جي مرانڊا هائوس منجهان بي اي انگريزي جي تعليم حاصل ڪيائين، جتي هڪ ٻئي اداڪارا منيشا لامبا سندس هم ڪلاسي (ڪلاس فيلو) هُئي، انکانپوءِ هن جواهر لال نهرو يونيورسٽي کان سماجيات (سوشيالوجي) ۾ ايم اي جي ڊگري ماڻي.[8][9][10]

فلمن جي فهرست

[سنواريو]
ڪُنجي
فلمون جيڪي اڄ تائين منظرِعام تي ناهين آيون
سال عنوان ڪردار بئي معلومات
2009 مڌولال ڪيپ واڪنگ سڌا ايم ڊيوبي
2010 گزارش راڌيڪا تلوار
دا انٽائٽلڊ ڪارتڪ ڪرشنن پروجيڪٽ سوارا ڀاسڪر / مايا
2011 تنو ويڊز منو پائل سنها سنگھ
چلر پارٽي باٽل آور اينڪر
2013 لزن۔.۔ امايا امايا ڪرشنا مورتي
اورنگزيب سُمن
رانجهنا (فلم) بنديا
سب ڪي بجي گي بينڊ جيا
2014 مڇلي جل ڪي راني هي عائشہ سڪسينہ
2015 تنو ويڊز منو ريٽرنز پائل سنها سنگھ
پريم رتن ڌن پايو راڄڪماري چندريکا
ايڪس:پاسٽ از پريسينٽ آنٽي
2016 نِل بٽي سناٽا چندا سُهائي
2017 انارڪلي آف آراہ انارڪلي
2018 ويري دي ويڊنگ اعلان ٿيڻ باقي [11]

ٽيليويزن

[سنواريو]
سال پروگرام ڪردارُ (رول) چينل وڌيڪ معلومات حوالا
2014 سموڌان: دا ميڪنگ آف دا ڪانسٽيٽي ٽيوشن آف انڊيا پيش ڪار راجيا سڀا ٽي وي [12]
2015–2017 رنگولي ميزبان/پيشڪار ڊي ڊي نيشنل [13][14]
2016–2017 اٽ از ناٽ ديٽ سمپل ميرہ ووٽ ويب سيريز [15]

ايوارڊ

[سنواريو]
سال فلم اعزاز زمرو نتيجو
2012 تنو ويڊز منو فلم فيئر اعزاز ايوارڊ بهترين معاون اداڪارا نامزد [16]
زي فلمي ايوارڊ بهترين معاون اداڪارا کٽيو
انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊز بهترین ساٿي (معاون) اداڪارا نامزد
اسڪرين ايوارڊ بهترين مددگار اداڪارا نامزد [17]
2014 رانجهنا (فلم) فلم فيئر اعزاز بهترين ساٿي (معاون) اداڪارا نامزد [18]
انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊز بهترين معاون اداڪارا نامزد
اسڪرين ايوارڊز بهترين معاون اداڪارا کٽيو [19]
زي فلمي اعزاز بهترين معاون اداڪارا کٽيو [20]
2016 نل بٽي سناٽا سلڪ روڊ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول بهترين اداڪارا کٽيو [21]
اسڪرين ايواردز بهترين اداڪارا - تنقيدي کٽيو [21]
فلمز آف انڊيا آن لائن ايوارڊز بهترين اداڪارا - اهم ڪردار نامزد [22]
2018 انارڪلي آف آراہ فلم فيئر اعزاز بهترين اداڪارا (تنقيدي) نامزد [23]
فلمز آف انڊيا آن لائن ايوارڊز بهترين اداڪارا - اهم ڪردار نامزد [24]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]
  • ويجهر ۾ انڊيا ۾ سٽيزنشپ ايڪٽ ۾ ترميم خلاف هلندڙ ملڪ گير احتجاجن جي حوالي سان سوارا ڀاسڪر پڻ شهرت ترميم ايڪٽ کي ڀارت مخالف ۽ اشوب (منحوس) سڏيو آهي.[25]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو شهريت ترميمي ايڪٽ خلاف احتجاج

حوالا

[سنواريو]
  1. http://indianexpress.com/article/entertainment/bollywood/swara-bhaskar-says-women-should-be-angry-and-shameless-for-their-own-good-4730321/
  2. https://www.filmfare.com/awards/filmfare-awards-2018/nominations/critics-best-actor-female/swara-bhaskar
  3. "Dating a writer makes for great conversations: Swara Bhaskar". Hindustan Times. 18 جنوري 2017. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 8 اپريل 2017 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  4. "Swara Bhaskar calls herself an unapologetic feminist, says it's a misunderstood term". Hindustan Times. جون 9, 2017. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 2020-01-17 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |date= (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  5. "My experience of Bollywood not nepotistic at all: Swara Bhaskar". Deccan Chronicle. مارچ 15, 2017. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 2020-01-17 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. "Sonam Kapoor is a better friend to me than I'm to her: Swara Bhaskar". The Indian Express. مارچ 23, 2017. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 2020-01-17 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. "Personal Agenda: Swara Bhaskar, actress". Hindustan Times. 29 نومبر 2013. اصل نسخو مان 25 ڊسمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 2013-12-01 تي حاصل ڪيل.
  8. "No sex for a role: Swara Bhaskar". Times of India. 9 اپريل 2012. 3 فيبروري 2013 تي حاصل ڪيل.
  9. "I was always a dramebaaz child: Swara Bhaskar". The Times of India. 9 جولاءِ 2013. اصل نسخو مان 25 ڊسمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 2013-12-01 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check date values in: |date= (مدد)
  10. "Bindiya and Murari have some of the best dialogues in the film: Swara Bhaskar – Hindustan Times". 4 جولاءِ 2013. اصل نسخو مان 6 جنوري 2019 تي محفوظ ڪيل. 2013-12-01 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check date values in: |date= (مدد)
  11. "'Veere Di Wedding' co-star Swara Bhaskar makes Shikha Talsania's birthday special | Latest News & Updates at Daily News & Analysis". dna (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-10-10. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 2017-10-13 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  12. "Swara Bhaskar anchors Shyam Benegal's Samvidhaan". جنوري 21, 2014. اصل نسخو مان 25 December 2018 تي محفوظ ڪيل. اپريل 20, 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  13. "Swara Bhaskar to host Doordarshan's Rangoli". نومبر 2, 2015. اصل نسخو مان 25 ڊسمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. اپريل 19, 2018 تي حاصل ڪيل.
  14. "Swara Bhaskar bids adieu to DD National's 'Rangoli'". اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 15 مئي, 2017 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  15. "Unhappy marriage or perfect affair? It's not that simple". آڪٽوبر 6, 2016. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. اپريل 20, 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  16. "Nominations for 57th Idea Filmfare Awards 2011". Bollywood Hungama. اصل نسخو مان 25 ڊسمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 28 سيپٽمبر 2015 تي حاصل ڪيل.
  17. "Screen Awards 2014: And the winner is.۔". ibnlive.in.com. 2014. 2 جون 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check date values in: |accessdate= (مدد)
  18. "59th Idea Filmfare Awards Nominations". Filmfare. اصل نسخو مان 25 ڊسمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 28 سيپٽمبر 2015 تي حاصل ڪيل.
  19. "Screen Awards 2014: And the winner is.۔". ibnlive.in.com. 2014. 2 جون 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check date values in: |accessdate= (مدد)
  20. "Zee Cine Awards 2014: Swara Bhaskar's Award Acceptance Speech". 14 جنوري 2014. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 2 جون 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  21. 1 2 "Swara Bhaskar wins best actress title in China". The Indian Express. 27 سيپٽمبر 2015. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 28 سيپٽمبر 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  22. "2nd FOI Online Awards". FOI Online Awards. اصل نسخو مان 25 ڊسمبر 2018 تي محفوظ ڪيل.
  23. "63rd Jio Filmfare Awards 2018: Official list of Critics' Award nominations – Times of India". The Times of India. اصل نسخو مان 2018-12-25 تي محفوظ ڪيل. 2018-01-20 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  24. "FOI Online Awards". FOI Online Awards (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 25 ڊسمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 2018-01-28 تي حاصل ڪيل.
  25. "Swara Bhaskar slams CAA as 'anti-India' and 'sinister'". gulfnews.com (انگريزي ۾). 2020-01-17 تي حاصل ڪيل.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]