سنڌ جي تاريخ تصويرن سان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ جي تاريخ تصويرن سان
مصنف مرزا قليچ بيگ
اصل عنوان سنڌ جي تاريخ
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع تاريخ
سنڌ جي تاريخ
صنف تاريخ
شايع ڪندڙ قيصر پريس حيدرآباد
ڇاپي جي تاريخ
1903
صفحا ڪرائون سائيز ۾ 191


سنڌ جي تاريخ، تصويرن سان(انگريزي: Sindh Jee Tareekh (Tasweerun saan)) سنڌ جي تاريخ تي لکيل مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب آهي مرزا صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ، تصويرن سان“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته اُهو سال 1904ع ۾ تيار ٿيو. سنڌالاجي جي ريسرچ لئبرريءَ ۾ ”سنڌ جي تاريخ“ عنوان سان هڪ ڪتاب موجود آهي، جو سال 1903ع ۾ لکيو ويو ۽ ساڳئي سال ۾ قيصر به پريس حيدرآباد مان ڇپيو. ڪتاب ۾ ننڍا ننڍا ڪل 33 باب آهن. ابتدا ۾ سنڌ جي جاگرافي، قديم قومن ۽ اصلوڪن رهاڪن (هندن) جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پوءِ راءِ سهرس کان وٺي ڪمشنر جائلس ۽ ڪمن صاحب (A. Cumine) تائين، سنڌ جي تاريخ اختصار سان، نهايت سادي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيل آهي. جيئن ته هن ڪتاب ۾ تصويرن جو به مناسب تعداد آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيءُ اُهو ئي ڪتاب آهي، جنهن جو ذڪر مرزا صاحب پاڻ ”سنڌ جي تاريخ تصويرن سان“ عنوان تحت ڪيو آهي. مصنف هن ڪتاب جي لکجڻ جي پس منظر تي هن ريت روشني وڌي آهي: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي چڱي تاريخ جي گهڻي گهرج هئي. اسڪولن جي ڪم ۾ هڪڙي مختصر سنڌي تاريخ آهي، مگر وڌيڪ مفصل تاريخ جا ٻارن کي توڙي وڏن کي پڙهڻ ۾ ڪم اچي سا ڪانه هئي. تنهن ڪري مون هي ڪتاب مارسڊن صاحب واري هندستان جي انگريزي تاريخ جي نموني تي لکيو. انهي ۾ گهڻو ۽ ضروري احوال مختصر طرح سليس عبارت ۾ ڏنل آهي. اهو گهڻو ڪري پارسي ڪتاب مان ورتل آهي. اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي اهو ڪتاب گهڻو ڪمائتو ٿيندو ۽ پسند ايندو“. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 191 صفحا آهن، جنهن ۾ ميرن حاڪمن ۽ انگريز عملدارن جون 24 عدد تصويرون به آهن. هي ڪتاب سال 1903ع ۾ لکيو ۽ شايع ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون:" مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}