سنڌ انڊر دي مغلس (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ انڊر دي مغلس SINDH UNDER THE MUGULS سن 513هه ۾ ”چچ نامي“ جي تاليف کانپوءِ سنڌ ۾ تاريخي ماخذن جي تياريءَ جو سلسلو منطع ڏسجي ٿو. مير معصوم 1009هه ۾ ”تاريخ معصومي“ لکي ان لسلسي کي وري بحال ڪيو. 1017هه۾ بيگلار نامه“ ۽ 1030هه ۾ ”تاريخ طاهري“ لکيا ويا ۽ ان طرح سنڌ بابت ڪتابن لکڻ جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. 1044هه ۾ سنڌ جي تاريخ تي هڪ وڌيڪ ۽ ڇرڪائيندڙ ڪتاب لکيو ويو؛ جنهن بابت ٽن صدين تائين علمي دنيا کي ڪا به خبر پئجي نه سگهي. هن ڪتاب جي باري ۾ انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن سيد حسان الدين راشدي مرحوم، امير خاني ساداتن بابت پنهنجي تصنيف معروف محقق ڊاڪٽر محمد ناظم کي، نظر ثاني ۽ تنقيدي راءِ لاءِ پيش ڪئي. ان بعد راشدي صاحب اهو ڪتاب حاصل ڪيو ۽ ان تي تحقيقي ڪم ڪيو. هي ڪتاب امير خاني سيد ميرڪ يوسف ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي نالي سان لکيو. ان جا ٻه حصا هئا ۽ ٻيو حصو ئي سنڌ بابت هو. پير صاحب مرحوم صرف تاريخ سنڌ وارو حصو ايڊت ڪيو ۽ ادبي بورڊ جي ذريعي انکي 1962ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جي ڇپڻ سان اهي سڀ مفروضا ختم ٿي ويا، ته ڪو مغل دور ۾ سنڌ اندر کير ماکيءَ جو نديون وهي رهيون هيون، امن هو ۽ ماڻهن سک جي ننڊ ڪئي ٿي. عوام مطمئن ٿي مغل بادشاهن جي ڊگهي عمر لاءِ دعائون ٿي گهريون. شهر ۽ واهڻ آباد وسندڙ هئا. آبپاشي نظام درست ۽ ٻنيون ٻار آباد هئا. حقيقت ۾ سنڌ اندر سڀڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو هو ۽ عوام دريا خان جي شهادت (1520ع) کان وٺي مغل زوال تائين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. اهڙي ڪتاب جي اڀياس کانپوءَ سنڌ ۾ مغل دور جي پرستارن کي پريشانبي ٿي ۽ انهن ان جي درست ۽ صحيح هجڻ تي سوال ڪرڻ شروع ڪيا. ٻئي طرف علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي عرفان حبيب پنهنجي ڪتاب ”مغل طريقئه زراعت“ ۾، مظهر شاهجهاني کي ڪتب آندو ۽ نتيجا اخذ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اصل ۾ ڪتاب اندر ڏنل مواد جي تصديق، ان دور ۾ ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ذريعي به ٿئي ٿي، جن کي ويجهڙائيءَ ۾ سنڌالاجيءَ شايع ڪيو آهي. تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي اهميت جي پيش نظر سنڌي ادبي بورڊ ان جو سنڌي ترجمو پڻ 1979ع ۾ شايع ڪرايو. هي ترجمو محترم نياز همايوني ڪيو هو ۽ جاگرافيائي ماڳن بابت حاشيا ايم-ايڇ پنهور صاحب لکيا هئا. بهرحال ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي فارسي اشاعت ذريعي، دنيا جي اهم علمي مرڪزن ۽ اعليٰ قيادت درسگاهن ۾ مڃتا ٿي ۽ مغل دور جي مطالعي ۾ انکي اهم حيثيت حاصل ٿي وئي. ملڪ جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر سليم اختر صاحب آسٽريلين نيشنل يونيورسٽيءَ ۾ رهندي، پنهنجي علمي پراجيڪٽ (شايد ڊاڪٽوريٽ جي مقالي لاءِ)، آخرڪار ”تاريخ مظهر شهجهاني“ جي انگريزي ايڊيشن طرف توجه ڏنو. هونئن ته پاڻ ڪم جي پورائي لاءِ بورڊ جي مذڪوره ٻن ڇاپن کي آڏو رکيائون، ليڪن گڏوگڏ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود قلمي نسخي کي ئي اساس بنائي ڪم جو پورائو ڪيو ويو. سڄي رٿا کي ٽن اهم حصن: تعارف، ڪتاب جو ترجمو ۽ تبصرو ۾ تقسيم ڪري نباهيو ويو آهي. تعارف واري حصي ۾ ٽي ننڍا عنوان ڏسجن ٿا (1) سنڌ ۾ ارغونن کان ڪري مرزا غازي بيگ جي وفات تائين واري تاريخ (2) مصنف ۽ سندس خاندان (3) ڪتاب. ٻيو اهم حصو مظهر شاهجهانيءَ جي انگريزي ترجمي تي مدار رکي ٿو. ٽيون ۽ آخري مکيه شخصيتن ۽ ڪن انتظامي عهدن، جي ان وقت رائج هئا؛ بابت نهايت قيمتي نوٽس ڏنا ويا آهن. ان طرح ڊاڪٽر سليم اختر صاحب پنهنجي پوري ڪم کي رائج ۽ قبول ڪيل نالي جي بدران ”سنڌ انڊر دي مغلز“ جو نالو ڏنو آهي. هي ڪتاب جيئن اڳ ڄاڻايو ويو اهي ته، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد ۽ سنڌ گورنمينٽ جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ گڏجي 1990ع ۾ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب محققن: سيد حسام الدين راشدي مرحوم، پروفيسر رياض الاسلام ۽ ايم. ايڇ صديقيءَ جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي تياريءَ لاءِ راشدي صاحب مرحوم جي علمي تعاون جو پڻ ڀرپور اعتراف ڪيو ويو آهي. هيٺ اسين ڪتاب جو مختصر تنقيدي جائزو پيش ڪيون ٿا. - ڪتاب ۾ انٽروڊڪشن جو پهريون حصو، سنڌ ۾ ارغونن کان ڪري مرزا غازي بيگ جي پڄاڻيءَ تائين، پيش آيل اهم واقعن، سياسي تبديلن ۽ فوجي مهمن تي لکيو ويو آهي. هن ۾ سٺ مکيه ڳالهيون آيون آهن ۽ اهو جائزو 8 صفحن تي مشتمل آهي. حقيقت ۾ سنڌ جي هڪ صديءَ جي تاريخ ته ان طرح يڪجاءِ ٿي آهي، ليڪن ان جي ڪا خاص ضرورت به نه هئي. جڏهن ته انگريزي زبان ۾ ئي ٻه ڪتاب بِنهه ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ۽ دستياب ملن ٿا، جي مذڪوره دور جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا. هڪ آهي ايم. ايڇ صديقيءَ جي ٿيسز ”هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ“ ۽ ٻيو آهي انصار زاهد خان جو ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ . - انٽروڊڪشن جي ٻئي حصي ۾ ميرڪ يوسف ۽ سندس خاندان بابت لکيو ويو آهي. هي حصو ان لحاظ کان ڪارائتو آهي جو سنڌ جي هن ممتاز علمي ۽ سياسي خاندان بابت، سنڌ کان ٻاهر جي عالمن لاءِ مواد ڪٺو ڪري ڏنو ويو آهي. البته سنڌي پڙهندڙن جي لاءِ ”تذڪرة امير خاني“ جي صورت ۾، اڳ ۾ ئي بهترين تر هن ڏس ۾ ڪا نئين ڳالهه نه ڪئي آهي. - ڪتاب جي انٽروڊڪشن جو ٽيون حصو ”مظهر شاهجهاني“ بابت آهي، جو بِنهه مختصر، اڌورو ۽ نامڪمل آهي. ڏهين صديءَ ۾ سنڌ جي تاريخ نويسيءَ ۾ سنڌ بابت، نهايت ننڍو نوٽ لکيو ويو آهي ۽ ”تاريخ طاهري“ جي لکجڻ جو سال به غلط ڏنو ويو آهي. ان دور ۾ ڪن مکيه ڪتابن: ترخان نامه ۽ ذخيرة الخوانين جو نالو به نه کنيو ويو آهي. ٻئي طرف شاه حسن جي درٻار ۾ ٻن تذڪرن جي تياريءَ بابت به خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي، جي فخري هرويءَ لکيا ۽ انهن جي تاريخي حقيقت تسليم شده آهي. حقيقت ۾ تعارف جو هي حصو بِنهه مايوس ڪن آهي. ڪهڙو نه بهتر ٿئي ها جو هن حصي تي جامع نموني ۾ لکجي ها ۽ اهو جائزو به وٺجي ها ته، ڇا ان نوعيت جو ڪو تاريخي دستاويز مغل انڊيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ به لکيو ويو يا نه؟ - فاضل مرتب ۽ مترجم کي ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي سنڌي ايڊيشن لاءِ اختيار ڪيل ننڍي عنوان: An account of Mughul Rule in Sindh under Nawab Ahmed Beg Khan (1038-1039 A.H.) تي به اعتراض آهي. ان طرح اسان کي به ڪتاب جي انگريزي ايڊيشن لاءِ اختار ڪيل نالي: SINDH UNDER THE MUGHULS تي به ڪا گهڻي خوشي نه ٿي آهي. حقيقت ۾ ڪتاب جو اصل نالو ئي هن انگريزي ايڊيشن لاءِ به رهڻ ڏنو وڃي ها. اصل مصنف يعني ميرڪ يوسف جو نالو ٽائيٽل ۽ اندرئين ٽائيٽل تان ان طرح گم ڪيو ويو آهي، جهڙي طرح ڪتاب سڄي جو سڄو خود، ڊاڪٽر ايم. سليم اختر صاحب جو لکيل هجي. حد ته هي آهي جو راشدي صاحب جي ايڊٽ ڪيل فارسي ايڊيشن جو نه ته ڪٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ان جي ضرورت سمجهي وئي آهي. هي صورتحال تسليم شده علمي معيار جي بلڪل ابتڙ آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي ترجمي تي مشتمل آهي. مظهر شاهجهانيءَ جو سنڌ جي تاريخ وارو حصو ئي ترجمو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر سليم اختر صاحب جي فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي پوري مهارت ۽ رواني هن ترجمي ذريعي چٽي ٿي بيهي ٿي. ترجمو نهايت احتياط، مڪمل خبرداري ۽ پوري ذميداريءَ سان ڪيو ويو آهي. جاگرافيائي ماڳن جا نالا، ماڻهن جا نالا، سنڌي قبيلن ۽ ذاتين بابت ڪم ذميداري سان ڪيو ويو آهي. البته هڪ ڳالهه چوڻ درست ٿيندي ته، خالص سنڌي اچارن لاءِ فارسي تحرير کي ئي ترجمي وقت ترجيح ڏني وئي آهي. جڏهن ته انگريزي زبان ۾ ايتري صلاحيت آهي جو، ڪنهن حد تائين سنڌي نالن کي درست شڪل ڏئي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب ان وقت جي انتظامي عهدن، عملدارن ۽ يونٽن کي به ترجمي ذريعي صحيح شڪل ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيئن سرڪار، ملڪ، پرڳڻه، صوبو وغيره. متن ۾ جتي جتي وضاحت جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي اتي ننڍڙن ستارن ذريعي نشاندهي ڪيل آهي. ڪتاب جو آخري حصو تبصري يا ڪمينٽريءَ تي مشتمل آهي. هي تبصرو نه ته ڪتاب جي اندر آيل واقعن بابت آهي ۽ نه وري ڪو فوجي مهمن تي، يا خود مصنف جي کوجنا، راءِ ۽ سنڌي قبيلن لاءِ اختيار ڪيل گارگند تي آهي. ليڪن مرتب يا مترجم خاص توجه جاگرافيائي ماڳن جي نشاندهي، ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل ماڻهن ۽ ان دور جي انتظامي ٻوليءَ جي تشريح تي ڏنو آهي. ان هوندي به ڪتاب جا هي ٻه پويان حصا، سڄي ڪم تي حاوي آهن ۽ مغل دور جي حوالي سان، سنڌ جي اڀياس ۾ خاص ڪري ٻاهرين دنيا ۾ ڪارائتا ثابت ٿيندا. اسان جو خيال آهي ته اڳ موجود مواد يا ڪيل کوجنا کي مقدمي ۾ دهرائڻ جي ضرورت نه هئي. ان جي بجاءِ ڊاڪٽر ايم. سليم اختر صاحب ان ڳالهه تي توجه ڏئي ها ته، آخر سنڌ ۾ مغل دور ۾ ايتري بيچيني ڇو هئي، سنڌي قبيلن انفرادي يا اجتماعي ويڙهه ڇو ٿي ڪئي، ان جو آخرڪار اڳتي حل ڇو نڪتو، مغل منصبدارن ۽ شهنشاهن ڇو سنڌ سان ايترو لاتعلقيءَ وارو رخ اختيار ڪيو ۽ مصنف ڪيئن ايتري اهم تصنيف تيار ڪئي؟ ان کان علاوه ”مظهر شاهجهاني“ جيئن ته خاص ”سيوهڻ“ جي مطالعي تي مدار رکيو ٿي، تنهن صورت ۾ تعليقات ۽ حاشين ذريعي، مغل دور جي باقي اڌ صديءَ بابت مواد مهيا ڪري، وڌيڪ اڀياس لاءِ راهون پيدا ڪجن ها. جهڙيءَ طرح راشدي صاحب مرحوم ”تحفته الڪرام“ تي ڪم ڪندي، ٺٽي جي صوبيدارن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏني ۽ مواد جمع ڪري شايع ڪيو، ان ريت ٺٽي جي گورنرن بابت هڪ مڪمل ۽ معتبر باب تيار ٿي پيو، جنهن لاءِ محققن کي وڌيڪ پريشاني نه ٿيندي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به سچ ته، ڊاڪٽر ايم. سليم اختر صاحب، هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ڪري، سنڌالاجيڪل اسٽڊيز ۾ هڪ اهم واڌارو ڪيو آهي، جنهن کي گهڻي وقت تائين ساراهيو ۽ ياد رکيو ويندو. هن تاريخي ڪم لاءِ ڊاڪٽر صاحب مبارڪ جو مستحق آهي. هي تبصرو خو مصنف ميرڪ يوسف جي لفظن ۾ ختم ڪجي ٿو، جنهن پس منظر ۾ ئي هن انگريزي ايڊيشن جو اڀياس سودمند ٿيندو: ”چون آدم لاملک گرديد! هزار گونه فساد در دين و دنيا پيدا ميشود. چراکه: مدار عالم، وابستهء معاش است“![1]

حوالا[سنواريو]

  1. beتبصرا---غلام محمد لاکو ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ