سنڌ ادبي ميلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

سنڌ ادبي ميلو

ايس ايل ايف
حيثيت هلندڙ
تڪرار ساليانو
ميدان بيچ لگزري هوٽل (2016 - 2019)
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي (2022) – present)
مقام ڪراچي
ملڪ پاڪستان
سال فعاليت 2016-هلندڙ
افتتاح شدہ 2016
باني سنڌ لٽريري فائونڊيشن (Sindh), نصير گوپانگ
ذوهيب ڪاڪا
موجوده 18-20 مارچ 2022
رهنما نصير گوپانگ & ذوهيب ڪاڪا
منظم سنڌ لٽريري فائونڊيشن (2016 - Present)
ويب سائٽ
https://sindhliteraturefestival.com

سنڌ ادبي ميلو يا سنڌ لٽريچر فيسٽيول (انگريزي: Sindh Literature Festival) مخفف: ايس ايل ايف (انگريزي: SLF) ھڪ سالياني ادبي گڏجاڻي آھي، جنھن کي سنڌ ادبي فائونڊيشن پاران منظم ڪيو ويو ويندو آھي.[1] ايس ايل ايف لفظن جي طاقت، ثقافت، موسيقي، امن ۽ رواداري جو جشن ملهائي ٿو. ان جو مقصد اهو اجاگر ڪرڻ آهي ته سنڌ شاهوڪار ۽ متحرڪ ثقافتن ۽ روايتن جو مالڪ آهي. ايس ايل ايف جو مقصد قائم ڪيل ۽ اڀرندڙ اديبن لاءِ انهن جي پڙهندڙن سان ملڻ ۽ مداحن سان ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ جو هڪ جڳهه مهيا ڪرڻ آهي. ايس ايل ايف جي ٽن ڏينهن واري تقريب ۾ صوبي جي ادبي ۽ ثقافتي روايتن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي.

لائيو ڪوريج سان گڏ، مختلف قسم جون ڪهاڻيون، رپورٽون، پروگرام ۽ تعفا پڻ تيار ڪيا ويا آهن. ڪيترائي ٽي وي چينل ۽ اخبارون خبرون ايس ايل ايف متعلق ڪالم پڻ شايع ڪن ٿيون. ٽن ڏينهن دوران مختلف سيشنن سميت ڪتاب جي رونمائي ۽ مختلف موضوعن تي بحث، ٿيٽر، ميوزڪ ۽ مشاعرا پڻ رٿيل هوندا آهن.

ميلي ۾ ڪيترائي ميڙاڪا رٿيل ھوندا آھن جن جو مقصد ھنن ڳالھين کي نمايان ڪرڻ ھوندو آھي جھڙوڪ: سنڌ جا سماجي مسئلا، سنڌي ثقافت، سنڌي ٻوليء سان لاڳاپيل مسئلا، سنڌي ادب ۾ ٿيندڙ ترقيون وغيره. ان کان علاوه ھٿ جي ھنر جا اسٽال، ڪتابن جا اسٽال ۽ گڏوگڏ لوڪ ڳائڻ ۽ شاعرن جي مشاعرن جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آھي. مختلف ڪتابن جو مھورت بہ ميلي جي رونقن جو حصو ھوندو آھي.[2]

ڪيترن ئي ممتاز عوامي شخصيتن پڻ ھن فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي آھي، جن ۾ صوفي ڳائڻي عابده پروين، سيف سميجو، صحافي حامد مير، وسعت الله خان، سياستدان رضا رباني، اياز لطيف پليجو، سسئي پليجو، اعتزاز احسن، اداڪار صنم بلوچ، صبرين ھيسباڻي ۽ ٻيا شامل آهن.[3]

منتظمين[سنواريو]

نصير گوپانگ ۽ زوهيب ڪاڪا ٻئي پيشي جي حوالي سان صحافي آهن جيڪي ميلي جا انچارج آهن. ايس ايل ايف جو بنياد نصير گوپانگ رکيو ۽ زوهيب ڪاڪا ميلي جو صلاحڪار ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي.

تاريخ ، زمانو[سنواريو]

2016[سنواريو]

ھي ڏڻ پهريون دفعو نومبر 2016ع ۾ بيچ لگزري ھوٽل ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو ويو.[4] تقريب ۾ صوفي ڳائڻي عابده پروين، سيف سميجو، امب جوڳي، صحافي حامد مير، وست اللھ خان، سياستدان رضا رباني، اياز لطيف پليجو، سسئي پليجو، اعتزاز حسين، اداڪاره صنم بلوچ، صابرين حسباڻي سميت ڪيترن ئي عوامي شخصيتن شرڪت ڪئي.

2017[سنواريو]

ٻيو ڀيرو ساڳئي هوٽل بيچ لگزري هوٽل ڪراچيءَ ۾ 27-29 آڪٽوبر کان 2017 ۾ منعقد ٿيو. هي تقريب ڪيترن ئي بيٺڪن تي مشتمل هئي، جنهن جو مقصد سنڌ جي سماجي مسئلن، سنڌي ثقافت، سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مسئلن، سنڌي ادب جي ترقيءَ کي اجاگر ڪرڻ هيو. تقريب دوران ڪتابن جا اسٽال، هٿ جي هنر جا اسٽال، مشاعرا ۽ لوڪ گيتن جا موسيقي جا پروگرام پڻ شامل هيا

2019[سنواريو]

ٽيون ڀيرو سنڌ ادبي فائونڊيشن، سنڌ حڪومت جي معلوماتي خاتي ۽ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران گڏيل طور تي 22 کان 24 فيبروري 2019 تائين بيچ لگزري هوٽل ڪراچيءَ ۾ گذريل ميلن وانگر ميلو منعقد ڪيو ويو. هن ڀيري ميلي ۾ ثقافت، ٻولي، سياست، تصوف ۽ ادب تي ڪيترائي ميڙاڪا ٿيا. ڪراچي جو ماضي به ان تقريب جي اهم بحثن مان هڪ هو.

2021[سنواريو]

مارچ 2020 ۾ ٿيندڙ سالياني گڏجاڻي ڪووڊ 19 جي وبائي سال جي ڪري منسوخ ڪئي وئي، ان کان پوءِ 12 کان 14 مارچ 2021 تائين آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي.

2022[سنواريو]

پنجون ايس ايل ايف 18-20 مارچ 2022ع تي منعقد ٿيو، موهن جو دڙو جي کوٽائي کي هڪ صديءَ مڪمل هجڻ جي عنوان هيٺ تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ٿي. پنجون سنڌ ادبي ميلو (ايس ايل ايف) 18 کان 20 مارچ 2022 تائين آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو. اهو ميلو سنڌ ۽ دنيا ۾ وڏي تاريخي اهميت جي هڪ قديم آثار ”موهن جو دڙو جي دريافت جي هڪ صديءَ مڪمل هجڻ جي جشن جي طور“ سان منسوب ڪيو ويو هو، ان موقعي تي سنڌو سڀيتا جي هن قديم شهر موهن جي دڙي جي شان ۾ سنڌي گانو تيار ڪيو ويو، جيڪو مشهور سنڌي شاعر علي آڪاش جو لکيل ۽ موسيقار سعد علوي ترتيب ڏنو. ايس ايل ايف جي افتتاحي تقريب جي شروعات هن گيت سان ڪئي وئي، جنهن کي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙن طرفان خوب داد ڏنو ويو.

پنجين سنڌ ادبي ميلي جي مرڪزي اسٽيج پڻ منفرد انداز ۾ موهن جي دڙي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي هئي. پنجين ايس ايل ايف ۾ مختلف موضوعن تي 28 ويهڪ ڪرايا ويا، جن ۾ موهن جي دڙي جي شان ۾ هڪ خاص ويهڪ پڻ شامل آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ ٻاهرين ملڪن مان آرڪيالاجسٽن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه ٻن رات موسيقي پروگرام ۾ اضافو ڪيو. فيسٽيول ۾ هر عمر جي ماڻهن خاص ڪري عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا پاران ڀرپور نموني سان ڪوريج ڪيو ويو.

2023[سنواريو]

ڊسمبر 2023 کان اڳ استعمال ھيٺ لوگو

ايس ايل ايف جي باني نصير گوپانگ ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر زوهيب ڪاڪا سوشل ميڊيا تي ڇهين سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي تاريخن جو اعلان ڪيو. اهو 3، 4 ۽ 5 مارچ 2023 تي ٿيڻو آهي. ڇهين ايس ايل ايف "عالم سڀ آباد ڪرين" جي موضوع تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين بابت عوامي شعور کي وڌايو وڃي. فيسٽيول ۾ ميڙاڪا، موسيقي، آرٽس ۽ ٻيون تهوار شامل ڪيا ويندا.

حوالا[سنواريو]

  1. Tribune, The Express. "Sindh Literature Festival kicks off". حاصل ڪيل October 30, 2017. 
  2. "Sindh Literature Festival 2017 offers glimpse into province’s rich past". Geo TV. حاصل ڪيل October 30, 2017. 
  3. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 29 March 2018 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 March 2018 
  4. Dawn, The. "Sindh Literature Festival opens with Abida Parveen's performance". Dawn. حاصل ڪيل October 30, 2017. 

External links[سنواريو]