مواد ڏانھن هلو

سماعيل فقير جو قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سماعيل فقير جو قبرستان (انگريزي:Graveyard of Smail Fakir) مقامي طور سماعيل فقير جي نالي سان مشهور هيءُ قبرستان نهايت قديم آهي. هيءُ قبرستان سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي ڳوٺ هليلي ويجهو کيرٿر جابلو سلسلي ۾ هڪ ٽڪري تي موجود آهي. هن قبرستان ۾ سماعيل فقير جي ڇٽي طرز تعمير جو نهايت نادر نمونو آهي. ڇٽي ۾ سماعيل فقير جي قبر خانيدار آهي. هن قبرستان ۾ باقي قبرون پڻ خاندار آهن. هڪ قبر تي لفظ 'بحادين'(Behadin or Behdin) اڪريل آهي جيڪو زرتشتي مذھب کي ظاهر ڪري ٿو.[1] تاريخ موجب 36-635ع ۾ ايران تي مسلمانن جي جنگ قادسيه وقت مسلمانن زرتشتين کي گبر چيو هو ته زردشتين پاڻ کي بحادين ڪوٺيو هو. هنن قبرن جي سيراندي ۽ پيراندي کليل آهي جنهن ۾ ميت جا هڏا پيل نظر اچن ٿا. وقت گذرڻ سان هڏا ڳري گم ٿي ويل نظر اچن ٿا. هيءُ قبرون پٿرن جي وڏن تراشيل سليبن سان خانيدار نموني جوڙيل آهن. سماعيل فقير جي ڇٽي به پٿرن جي گهڙيل ٿنڀن ۽ سليبن سان تعمير ٿيل آهي جن ۾ ڪو به مصالحو ڪم آيل نه آهي. ڇٽِيءَ جي اڻڌرا ڇت ۾ سورج مکي گل ۽ سج جي ڪرڻن جي نقش نگاري ٿيل آهي. قبرن جي طرز تعمير سبب ماهرن هن قبرستان کي زرتشتين جو قبرستان قرار ڏنو آهي.[2][3][4]

حوالا

[سنواريو]
  1. Karanjia, Ramiyar P. (14 آگسٽ 2016), "Understanding Our Religious Titles", Parsi Times (en-GB ٻولي ۾), حاصل ڪيل 26 آگسٽ 2020۔
  2. "واهي پانڌي ويجهو زرتشتين جون قديم قبرون..............عزيز ڪنگراڻي -" (سنڌي ٻولي ۾), 20 مئي 2019, حاصل ڪيل 26 آگسٽ 2020۔
  3. "BEHDĪN – Encyclopaedia Iranica", iranicaonline.org, حاصل ڪيل 26 آگسٽ 2020۔
  4. "Tomb raiders leave little of Sindh's heritage intact", The Express Tribune (انگريزي ٻولي ۾), 09 سيپٽمبر 2017, حاصل ڪيل 26 آگسٽ 2020۔